عدليه سياسي بحران جي ذميوار، هڪ ادارو هر هر پارليامينٽ ۾ مداخلت ڪري ٿو، مئل پارٽي جيئاري ٽافين وانگر سيٽون ڏنيون ويون: بلاول

آگسٽ 9, 2024

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري عدليه کي سياسي بحران جو ذميوار قرار ڏئي ڇڏيو، قومي اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ادارن ۾ ويڇا نظر اچي رهيا آهن

هڪ ادارو هر هر پارليامينٽ ۾ مداخلت ڪري رهيو آهي، اِن اداري سياست ۾ چانهه جِي پيالِيءَ ۾ طوفان کي هڪ وڏي بحران ۾ تبديل ڪري ڇڏيو، اهو ڪرائيسز آف دِي جڊيشري، باءِ دي جڊيشري ۽ فار دِي جڊيشري آهي

هن چيو ته سُپريم ڪورٽ مخصوص سيٽن جي ڪيس ۾ هڪ سياسي جماعت کي اُهو ڏنو، جيڪو ان گهريو ئِي نه هو، سيٽون ٽافين جيان ورهايون ويون، 13 جنوري جي چونڊن نشان بابت فيصلي هڪ مئل پارٽي کي جيئرو ڪري سياسي فائدو پهچايو

بلاول چيو ته سڄي دنيا ۾ پاڪستان جي عدليه جي مقابلي ۾ ڪابه عدليه ناهي، ان اداري ارشد نديم جيان رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن، هتي عدليه ڊئم ٺاهي سگهي ٿي، سموسن ۽ ٽماٽن جا اگهه به مقرر ڪري سگهي ٿي، جوڊيشري جي تاريخ سڀني جي سامهون آهي

جيستائين هي ملڪ آئين، قانون ۽ جمهوريي انداز اختيار نه ڪندو، جيستائين ادارا پنهنجي آئيني حدن ۾ نه رهندا ان وقت تائين هي ملڪ اڳتي نه وڌي سگهندو، ملڪ جي موجوده بحران جو ذميوار وزير اعظم، اوهان، مان يا ڪو ٻيو نه صرف عدالت ئي هئي

هن چيو ته محترمه بينظير ڀٽو ۽ ذوالفقار علي ڀٽو جي انصاف لاءِ اسان کي وڙهڻو پيو، آخرڪار 2024 ۾ ان حد تائين ذوالفقار علي ڀٽو کي انصاف ڏنو ويو ته اهو غلط ٿيو، فيئر ٽرائل نه مليو

هن چيو ته پاڪستان جا سياسي ڪارڪن بنگلاديش جي حالتن کي غور سان ڏسي رهيا آهن، اتي احتجاج فوج ۾ شهيد ٿيلن جي ڪوٽا تان شروع ٿيو، ان ڪوٽا کي شيخ حسينه واجد پاڻ ختم ڪيو هو، بعد ۾ عدالت ان کي بحال ڪيو ۽ احتجاج شروع ٿي ويو، سڀني ڏٺو ته شيخ حسينه واجد کي ڪيئن ان جي ڪري عهدو ڇڏڻو پيو

اپوزيشن ليڊر کان ڪير پڇي ته ڇا هنن جي بيٽ جو نشان مون ڦريو هو؟ ڇا مون چيو ته توهان جون چونڊون غلط ٿيون؟ عدالت چيو ته هنن اليڪشن ۾ ڌانڌلي ڪئي، جنهن ڪري هنن کي نه نشان ملندو ۽ نه هي جماعت رهندا. بلاول جي تقرير دوران اپوزيشن ميمبرز احتجاج ۽ گوڙ ڪيو

Leave A Comment