پارلياميني ڪاميٽي ۾ آئيني مسودو منظور، اتحادين جون ترميمون غائب، اي اين پي جو بائڪاٽ، پي ٽي آءِ پاران مخالفت

آڪٽوبر 19, 2024

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)  پارليامينٽ جي خصوصي ڪاميٽي آئيني مسودو گڏيل طور منظور ڪري ورتو. خورشيد شاهه جي صدارت هيٺ پارليامينٽ جي خصوصي ڪاميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ مسودي تي غور ڪيو ويو

خورشيد شاهه چيو ته مسودي کي گڏيل طور منظور ڪيو ويو، سپريم ڪورٽ جي فيصلي بابت مون کي علم ناهي، سمنڊ پار پاڪستانين جي چونڊ وڙهڻ جي تجويز تي به اتفاق ڪيو ويو. هن چيو ته خاص ڪاميٽي مان منظور مسودو ڪابينا ۾ پيش ڪيو ويندو. خورشيد شاهه کان صحافي سوال ڪيو ته ڇا خيبر پختونخواهه جو نالو پختونخواهه ڪرڻ جي شق به شامل آهي؟ جنهن تي هن چيو ته ٻيون سموريون ترميمون ايندڙ قسط ۾ اينديون. سندس چوڻ هو ته ٻاهرين ملڪ رهندڙن کي چونڊ وڙهڻ جي اجازت ڏني پئي وڃي ۽ ٻاهرين ملڪ پاڪستانين کي ٽن مهينن ۾ ٻئي ملڪ جي شهريت ڇڏڻي پوندي. راجا پرويز اشرف چيو ته سٺي اڳڀرائي ٿي آهي، اسحاق ڊار چيو ته ترميمن جي ڪوششون جاري آهن

ذريعن موجب 26هين آئيني ترميم لاءِ قائم ڪيل پارليامينٽ جي خصوصي ڪاميٽي مسودي ۾ اتحادي جماعتن جون تجويزون شامل نه ڪيون، اي اين پي اجلاس جو بائڪاٽ ڪيو، پي ٽي آءِ ۽ جي يو آءِ مسودي جي مخالفت ڪئي

پي ٽي آءِ ميمبر عامر ڊوگر چيو ته آئيني ترميم حڪومت جو ڪم آهي اسان سرن تي ڪفن ٻڌي نڪتا آهيون، اسان جا ڪجهه ميمبر پناهه وٺي رهيا آهن، چادر ۽ چارديوار جي لتاڙ ڪئي پئي وڃي، زوري قانونسازي ڪئي پئي وڃي، مولانا فضل الرحمان اسان جي موقف جو حامي آهي

هن چيو ته گڏيل مسودو منظور ٿيڻ جون خبرون غلط آهن، اسان ۽ جي يو آءِ مخالفت ڪئي، جي يو آءِ ميمبر شاهده رحمان مخالفت ڪئي، پي ٽي آءِ پاران مون مخالفت ڪئي، اسان جو موقف هو ته مسودي جي منظوري باني پي ٽي آءِ سان ملاقات سان مشروط آهي، اسان جي تجويز نظرانداز ڪري مسودو منظور ڪيو ويو

عامر ڊوگر چيو ته اعظم نذير تارڙ سوالن جا جواب ڏيندو رهيو، خورشيد شاهه اٿي ڪري چيو ته مهرباني، مسودو منظور ڪريون ٿا، مون چيو ته فضل الرحمان وٽ اسان جا ميمبر ويٺا آهن، عوامي نيشنل پارٽي جو مسودو ڊراپ ڪيو ويو، ترميمون مسودي ۾ شامل نه ڪيون ويون، اي اين پي صوبي جو نالو تبديل ڪرڻ جي شق شامل نه ڪرڻ تي اجلاس جو بائڪاٽ ڪيو، ايمل ولي اجلاس ۾ شريڪ ٿيو هو، خيبرپختونخوا جو نئون نالو پختونخوا تجويز ڪيو ويو، ڪاميٽي مسودي کي حتمي شڪل ڏئي منظوري ڏني، پي ٽي آءِ ۽ جي يو آءِ مخالفت ڪئي، ڪاميٽي مان منظور ٿيل مسودو اڄ وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ منظوري لاءِ پيش ڪيو ويندو جنهن بعد قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ منظوري لاءِ پيش ڪيو ويندو

جي يو آءِ اڳواڻ ڪامران مرتضيٰ چيو آهي ته اڄ جيڪو مسودو سامهون آيو اهو اسان گڏجي ٺاهيو آهي، چيف جسٽس جي مقرري جي معاملي تي بحث ٿي سگهي ٿو، چيف جسٽس لاءِ پينل ٺاهڻ تي اختلاف آهي، اسان جون ڪيتريون ئي ڳالهيون مڃيون ويون آهن، اهڙو نتيجو نڪري جنهن ۾ قوم جي بهتري هجي، پي ٽي آءِ کي به ترميمن ۾ شامل ڪيو ويندو، پي ٽي آءِ کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي، اسان وقت گهريو، هن وقت مسئلو نمبرز نه پر اتفاق راءِ جو آهي، هڪ ٻن شين تي اعتراض آهي، عرفان صديقي چيو ته پارلياماني ڪاميٽي اتفاق راءِ سان مسودو منظور ڪيو، عامر ڊوگر چيو ته مسودو سٺو آهي، هن اختلاف نه ڪيو، چيو ته هڪ پارٽي سان منهنجو تعلق آهي، ان سان مشاورت ڪرڻي آهي

هوڏانهن ڪالھه ٻئي ڏينهن به حڪومت سينيٽ جي اجلاس ۾ 26 آئيني ترميم منظوري لاءِ پيش ڪرڻ ۾ ناڪام رهي، سينيٽ جو اجلاس اڄ ڇنڇر جي موڪل واري ڏينهن 11 وڳي ٿيندو، جڏهن ته آئيني ترميم جي مسودي جي منظوري لاءِ وزيراعظم جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو هنگامي اجلاس ٿيو جيڪو بنا ڪنهن ڪارروائي جي اڄ تائين ملتوي ڪيو ويو

وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس شام 7 لڳي 30 منٽن تي شروع ٿيو، جنهن ۾ وفاقي وزيرن، ڪابينا ميمبرن شرڪت ڪئي. پڌرائيءَ موجب اجلاس اڄ صبح تائين ملتوي ڪيو ويو آهي. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ به حڪومت 26 آئيني ترميم منظوري لاءِ پيش ڪرڻ ۾ ناڪام رهي، قومي اسيمبلي جو اجلاس ڇنڇر جي موڪل واري ڏينهن 3 وڳي طلب ڪيو ويو آهي.

اسلام آباد: 26هين آئيني ترميم جي تجويز ڪيل نئين مسودي ۾ 26 ترميمون شامل آهن، نئين مسودي ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر آئيني بينچ جوڙڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، جڊيشل ڪميشن آئيني بينچن ۽ ججن جي تعداد جو تعين ڪندي. آرٽيڪل 184 تحت پاڻمرادو نوٽيس جو اختيار آئيني بينچن وٽ هوندو. آرٽيڪل 185 تحت آئين جي تشريح بابت ڪيس آئيني بينچن جي دائري ۾ ايندا. آئيني بينچ گهٽ ۾ گهٽ پنج ججز تي مشتمل هوندي. آئيني بينچ جي ججز جي مقرري ٽن سينيئر ترين ججن تي ٻڌل ڪاميٽي ڪندي. نئين مسودي ۾ آرٽيڪل 38 ۾ ترميم جي تجويز ڏني وئي آهي 1 جنوري 2028 تائين ممڪن حد تائين وياج کي ختم ڪيو ويندو. تجويز مطابق سپريم ڪورٽ جي ججز جي مقرري ڪميشن ڪندي. چيف جسٽس جي سربراهي ۾ جوڙيل ڪميشن ۾ 4 سينيئر جج شامل هوندا. قانون وارو وفاقي وزير ۽ اٽارني جنرل به ڪميشن جا ميمبر هوندا. پاڪستان بار ڪائونسل پاران نامزد ڪيل وڪيل گهٽ ۾ گهٽ 15 سالن جو تجربو رکندڙ ٻن سالن لاءِ ڪميشن جو ميمبر هوندو.  قومي اسيمبلي جا ٻه ۽ سينيٽ جا ٻه ميمبر ڪميشن جو حصو هوندا. تجويز سينيٽ ۾ ٽيڪنوڪريٽ جي اهليت رکندڙ عورت يا غير مسلم کي به ٻن سالن لاءِ ڪميشن جو ميمبر بڻايو ويندو. چيف جسٽس جي مقرري خاص پارلياماني ڪاميٽي جي سفارش تي ڪئي ويندي. پارلياماني ڪمايٽي سپريم ڪورٽ جي ٽن سينيئر ترين ججز مان چيف جسٽس جي مقرري ڪندي. ڪاميٽي جي سفارش تي وزيراعظم چيف جسٽس جو نالو صدر ڏانهن موڪليندو. تجويز مطابق جج جي انڪار جي صورت ۾ ايندڙ سينيئر جج جي نالي تي غور ڪيو ويندو. چيف جسٽس جي مقرري لاءِ 12 رڪني خصوصي پارلياماني ڪاميٽي جوڙي ويندي. پارلياماني ڪاميٽي ۾ سمورين پارلياماني پارٽين کي متناسب نمائندگي هوندي. پارلياماني ڪاميٽي قومي اسيمبلي جي 8 ۽ سينيٽ جي 4 ميمبرن تي مشتمل هوندي. چيف جسٽس آف پاڪستان جو مدو ٽي سال هوندو. چيف جسٽس جي عمر جي حد 65 سال مقرر ڪرڻ جي تجويز آهي. آرٽيڪل 184 ٽي تحت سپريم ڪورٽ پنهنجي طور تي ڪا به هدايت يا ڊيڪلريشن جاري نٿو ڪري سگهي. آرٽيڪل 186 اي تحت سپريم ڪورٽ ڪنهن به هاءِ ڪورٽ جو ڪيس ڪنهن ٻئي هاءِ ڪورٽ يا پاڻ ڏانهن منتقل ڪري سگهي ٿي. ججز اپائنٽمينٽ ڪميشن هاءِ ڪورٽ جي ججز جي سالياني ڪارڪردگي جو جائزو وٺندي. آرٽيڪل 48 ترميم جي تجويز ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڪا به عدالت، ٽربيونل يا اٿارٽي وزير اعظم يا ڪابينا طرفان صدر ڏانهن موڪليل مشوري تي سوال نه ٿي ڪري سگهي.

Leave A Comment