پارو 50 کان پار: ڊگهي لوڊشيڊنگ عذاب بڻجي وئي، وڌيڪ 4 ڄڻا فوت، ڪراچي کان خيبر تائين پرتشدد مظاهرا، گرڊ اسٽيشنن تي حملا

مَي 30, 2024

ڪراچي (نمائندن وٽان + م ڊ) پارو 50 کان پار، ڊگهي لوڊشيڊنگ عذاب بڻجي وئي، وڌيڪ 4 ڄڻا گرمي سبب فوت ٿي ويا، ڪراچي کان خيبر تائين لوڊشيڊنگ خلاف پرتشدد مظاهرا، گرڊ اسٽيشنن تي حملا ڪيا ويا. تفصيل موجب جيڪب آباد ۽ دادو ۾ پارو 51 ڊگري کان چڙهي ويو، نوابشاهه ۽ سکر ۾ پارو 50 ڊگري رڪارڊ، ڪراچي ۾ هيٽ ويو جو پهريون ڏينهن سال جو گرم ترين ڏينهن رهيو، 41 ڊگري جي گرمي 46 ڊگري تائين محسوس ڪئي وئي، موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ هيٽ ويو جي لهر ٽن ڏينهن تائين جاري رهندي، اُن دوران پارو 41 کان 43 ڊگري تائين وڌڻ جا امڪان آهن، جڏهن ته وزيراعظم جي حڪمن باوجود سنڌ ۾ بدترين لوڊشيڊنگ جو سلسلو نه گهٽيو، حيسڪو، سيپڪو ۽ ڪي اليڪٽرڪ ماڻهن جو جيئڻ عذاب ڪري ڇڏيو، ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر ۾ 12 کان 16 ڪلاڪ بجلي بند رهي، سجاول، قمبر، لاڙڪاڻو، دادو، ميرپور خاص ۽ ٻين شهرن ۾ 18 ڪلاڪن تائين لوڊشيڊنگ جاري رهي، شهرين احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا. مختلف شهرن ۾ برف نه ملڻ جون شڪايتون به ڪيون ويون، جڏهن ته انٽر جي امتحانن دوران بجلي نه هجڻ سبب شاگردن کي پرچو ڏيڻ ۾ ڏکيائيون پيش آيون، ٻئي طرف ضلعي خيبر ۾ لوڊشيڊنگ جي ستايل شهرين لنڊي ڪوتل گرڊ اسٽيشن تي چڙهائي ڪئي ۽ گرڊ اندر ڌرڻو هنيو، پ پ جي سڏ تي احتجاج ڪندڙ شهرين لوڊشيڊنگ ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو، گلگت جي علائقي چلاس ۾ به لوڊشيدنگ خلاف شٽربند هڙتال ڪئي وئي، بلوچستان جي علائقي نصيرآباد ۾ به شهري روڊن تي نڪري آيا، اوستا محمد ۾ روڊ بلاڪ ڪيو ويو، ملتان ۾ به لوڊشيڊنگ جو سلسلو جاري رهيو. هوڏانهن سن ڀرسان يوسي شالماڻي ۾ سخت گرمي ۽ پاڻي نه  ملڻ سبب اڃ وگهي ٻه معصوم ٻارڙا فوت ٿي ويا.  ڳوٺ داد محمد کوسي جي مسجد جي پيش امام واحد بخش گبول جا 2 ننڍڙا 10 ورهين جو راشد ۽ 12 ورهين جو علي شير گبول  گرمي لڳڻ ڪري بيھوش ٿي ويا،جابلو ڏورانھو علائقو هجڻ ڪري اسپتال جي  سھولت نه هجڻ سبب معصوم ٻارڙن کي وارث سيوهڻ اسپتال کڻائي اچي رهيا هئا ته رستي ۾ ئي ٻنهي معصومن دم ڏئي ڇڏيو، خيرپور ۾ علي شير پٽ علي محمد شديد گرميءَ سبب بيهوش ٿي ويو جنهن کي علاج لاءِ نجي ڪلينڪ تي آندو ويو جتي هو فوت ٿي ويو، ٽنڊو محمد خان ۾ 35 ورهين جو نوجوان اسلم ميمڻ گرمي لڳڻ سبب فوت ٿي ويو.جڏهن ته شديد گرمي جي ڪري مختلف علائقن جي اندر ٻن درجن کان وڌيڪ رهواسي ٿي بيهوش ٿي ويا.

Leave A Comment