سنڌ ۾ امن کپي: صدر زرداري پاران ڪچي ۽ ڪراچي ۾ آپريشن، نتيجا نه ڏيندڙ آفيسرن کي هٽائڻ جو حڪم
مَي 2, 2024
ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) صدر آصف زرداري سنڌ سرڪار کي ڪراچي ۽ ڪچي ۾ امن امان جي صورتحال بهتر بڻائڻ لاءِ غير معمولي قدم کڻڻ ۽ وفاقي گھرو وزير کي سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان وچ ۾ ٽه طرفن انتظامن لاءِ موثر ڪوآرڊينيشن جوڙڻ جي هدايت ڪئي آهي، ڪالهه هتي وزير اعليٰ هائوس ۾ صدر آصف زرداري جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ وڏي وزير سيد مراد شاھ، وفاقي گھرو وزير محسن نقوي، ڊي جي رينجرز ميجر جنرل اظهر وقاص، وفاقي وزير خالد مقبول صديقي ۽ سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ۽ ٻين شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ وڏي وزير سيد مراد شاھ، آءِ جي غلام نبي ميمڻ ۽ ڊي جي رينجرز سميت ٻين لاڳاپيل اختيارين سنڌ ۾ ڌاڙيلن پاران ٿيندڙ اغوا وارداتن، ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائيم سميت ٻين ڏوهن بابت تفصيلي آگاهي ڏني وئي، وڏي وزير سيد مراد شاھه اجلاس کي ٻڌايو ته ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائيم ۽ ڪچي ۾ ڌاڙيلن خلاف ڪيل آپريشن ۾ امن امان جي صورتحال ۾ بهتري آئي آهي، هن چيو ته ڪراچي ۾ ايراني صدر جي دوري، ڪرڪيٽ ميچن ۽ مذهبي تقريبن جي امن امان سان ٿيڻ صورتحال جي بهتري جا ثبوت آهن. هن چيو ته صوبي جي امن امان جي صورتحال تي نظر آهي. امن امان جي صورتحال کي بهتر بڻائڻ لاءِ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان وقت به وقت اجلاس ڪري صورتحال جو جائزو ورتو ويندو آهي. اجلاس ۾ ڊي جي رينجرز ۽ آءِ جي سنڌ ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائيم ۽ ڪچي ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن جي حوالي سان بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته هلندڙ سال جي شروعاتي 4 مهينن ۾ ڏوهن جو انگ 5357 رڪارڊ ڪيو ويو آهي، جيڪو گذريل سال جي شروعاتي 4 مهينن ۾ 5259 هو، جڏهن ته هلندڙ سال ملڪيتن جي تڪرار جا 10757 ڪيس ٿيا جيڪي گذريل سال جي شروعاتي 4 مهينن ۾ 9782 ٿيا هئا. ملڪيتن جي تڪرار وارن ڪيسن ۾ گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 975 جو اضافو ٿيو آهي، اجلاس ٻڌايو ويو ته جنوري ۾ 252.32 اسٽريٽ ڪرائيم جا ڪيس رپورٽ ٿيا، جڏهن ته فيبروري ۾ 251.96 ڪيس ٿيا، اهڙي طرح مارچ ۽ اپريل ۾ اسٽريٽ ڪرائيم جي ڪيسن ۾ گھٽتائي آئي، مارچ ۾ 243.35 ۽ اپريل ۾ 166.2 واقعا رپورٽ ٿيا. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته اسٽريٽ ڪرائيم جي 48 ڪيسن ۾ 49 شهري زندگي وڃائي ويٺا، انهن ڪيسن ۾ 43 جوابدارن جي گرفتاري عمل ۾ آندي وئي،9 ڄڻا مقابلي ۾ ماريا ويا. اجلاس کي وڏي وزير ٻڌايو ته سال 2014 ۾ ڪراچي عالمي ڪرائيم انديڪس ۾ ڇهين نمبر تي هو، جيڪو سال 2024 ۾ 82هين نمبر تي اچي ويو آهي، ورلڊ ڪرائيم انڊيڪس ۾ شڪاگو (آمريڪا) 39هين نمبر تي آهي، اهڙي طرح دهلي 59.02 ڪرائيم انڊيڪس سان 74هين ۽ تهران 59.02 ڪرائيم انڊيڪس سان 81هين ۽ ڪراچي 56.5 ڪرائيم انڊيڪس سان 82هين نمبر تي آهن. اجلاس ۾ صدر آصف علي زرداري چيو ته جيڪڏهن ٻين مُلڪن ۾ ڏوهه ٿين ٿا ته انهن جا سبب به هوندا آهن پر ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائيم جو ڪو خاص سبب به ناهي، گاڏيون ۽ موبائل چوري ٿيڻ بعد ڪٿي وڃن ٿيون؟ پوليس کي اهو معلوم هجڻ گھرجي. وڏي وزير سيد مراد علي شاھ اجلاس کي ٻڌايو ته اسٽريٽ ڪرائيم تي ضابطي لاءِ سنڌ پوليس اهم قدم کنيا آهن، شاهين فورس کي 386 موٽرسائيڪلون ڏئي ٻيهر فعال بڻايو ويو آهي، جڏهن ته پوليس کي 168 گاڏيون ۽ 120 موٽرسائيڪلون ڏئي مددگار 15 کي نئين سِر جوڙيو ويو آهي. عادي ڏوهارين جي اي ٽيگنگ( (ڪڙو پارائڻ) ، سنڌ جي 40 ٽول پلازائن تي سنڌ اسمارٽ سرويلينس سسٽم ذريعي چهري جي سڃاڻپ واريون ڪيميرائون لڳايون ويون آهن، اجلاس ۾ آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ ٻڌايو ته فيبروري 2023 کان هن وقت تائين سنڌو درياءَ جي کاٻي ڪناري تي 107 پوليس چوڪيون قائم ڪيون ويون آهن. هني ٽريپس ( هرکائڻ) ذريعي 609 ماڻهن کي اغوا ٿيڻ کان بچايو ويو آهي،گذريل 4 مهينن دوران 123 ماڻهو اغوا ٿيا جن مان 76 مغوين جا اغوا وارا واقعا رپورٽ ٿيا، 47 اغوا وارداتون رپورٽ ئي نه ٿيون، پوليس 103 مغوين کي بازياب ڪرايو آهي، باقي 20 يرغمالين جي بازيابي لاءِ آپريشن جاري آهي، صدر آصف علي زرداري آءِ جي سنڌ کي هدايت ڪئي ته شڪارپور ۽ ڪشمور ضلعن جي ڪچي ۾ صورتحال بهتر بڻائڻ لاءِ درياءَ جي ساڄي پاسي پوليس جو اضافي پڪٽون قائم ڪيون وڃن. ڏوهارين جي سرپرستن کي به قانوني جڪڙ ۾ آندو وڃي، ڪراچي سيف سٽي پراجيڪٽ کي جنگي بنيادن تي مڪمل ڪيو وڃي، هن چيو ته ڪارڪردگي نه ڏيکاريندڙ پوليس آفيسرن کي هٽايو وڃي، سٺن آفيسرن کي مقرر ڪري کانئن گهربل نتيجا ورتا وڃن، پوليس آفيسرن کي 3 سالن جو مدو پورو ڪرڻ ڏنو وڃي، زمين تي قبضي وارن ڪيسن ۾ ڪا رعايت نه ڪئي وڃي، هن وفاقي گهرو وزير کي سنڌ سرڪار کي گهربل هٿيار ۽ ٻيون سهولتون مهيا ڪرڻ جي هدايت ڪئي