پيپلزپارٽي پاران ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ۾ يومِ تشڪر ملهايو پيو وڃي
مارچ 7, 2024
شهيد ذوالفقار ڀٽو کي شفاف ٽرائل جو حق نه ڏيڻ واري سپريم ڪورٽ جي اعتراف بعد پيپلزپارٽي جي ڳڙهي خدابخش ۾ يوم تشڪر جي تقريب، وڏي وزير مراد علي شاهه، نثار کهڙو، شرجيل ميمڻ ۽ ٻين اڳواڻن جي شرڪت، وڏي وزير مراد علي شاهه ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سپريم ڪورٽ شهيد ذوالفقار ڀٽو جي سزا بابت فيصلو ٻڌائي پنهنجي غلطي تسليم ڪئي، قانونسازي ذريعي شهيد ذوالفقار ڀٽو کي ٻڌايل سزا به ڪالعدم قرار ڏيڻ جي گنجائش پيدا ڪرڻ گهرجي، ثابت ٿي ويو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو خلاف داخل ڪيس ۽ کيس ٻڌايل سزا غير قانوني هئي، شهيد بينظير ڀٽو جا قاتل به جلد منطقي انجام تي پهچندا، نثار کهڙو چيو ته سپريم ڪورٽ پنهنجي غلطي تسليم ڪئي آهي، ذوالفقار علي ڀٽو کي هاڻي ملڪ ۾ سرڪاري طور شهيد سڏيو وڃي