پيپلزپارٽي جو سينيٽ لاءِ اميدوار سرفراز راڄڙ اليڪشن کان اڳ ئي سينيٽ چونڊن تان رٽائر ٿي ويو

اپريل 1, 2024

پيپلزپارٽي جو سينيٽ لاءِ اميدوار سرفراز راڄڙ اليڪشن کان اڳ ئي سينيٽ چونڊن تان رٽائر ٿي ويو، سرفراز راڄڙ پنهنجي رٽائرمينٽ اليڪشن ڪميشن جي آفيس ۾ جمع ڪرائي ڇڏي، سرفراز راڄڙ سينيٽ ۾ پيپلزپارٽي جي جنرل سيٽ تي اميدوار هو، سرفرار راڄڙ جي رٽائرمينٽ سان جنرل سيٽ تي فيصل واوڊا جي سينيٽر چونڊجڻ جا دڳ کلي ويا، سرفراز راڄڙ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پارٽي قيادت جي حڪم تي سينيٽ چونڊ تان رٽائر ٿيو آهيان، پارٽيءَ جي لاءِ سڀ ڪجهه قربان ڪرڻ لاءِ تيار آهيان

Leave A Comment