پيپلز پارٽي اين ايف سي ايوارڊ جو مدو وڌائڻ بجاءِ نئين مالياتي ٺاهه جي گهر ڪري ڇڏي
جُون 26, 2024
ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) پيپلز پارٽي هلندڙ اين ايف سي ايوارڊ جو مدو وڌائڻ بجاءِ وفاق کان نئين اين ايف سي ايوارڊ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، ان حوالي سان ڪالهه پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر ۽ ايم پي اي نثار کهڙو سنڌ اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته نئين اين ايف سي ايوارڊ جو انتظار ڪريون پيا، جيڪو 2010ع کان وٺي ناهي ڏنو ويو، آئين موجب هر 5 سالن بعد اين ايف سي ايوارڊ ملڻ کپي جيڪو 14 سالن کان نه ٿو ملي، ماضي جي عمران حڪومت اين ايف سي سبب وفاق کي ڪنگلو قرار ڏنو هو. هن چيو ته صوبا مضبوط هوندا ته وفاق مضبوط ٿيندو، جيڪڏهن نئون اين ايف سي ايوارڊ ڏنو وڃي ته صوبن جو حصو وڌندو. هن چيو ته وفاقي حڪومت نئون اين ايف سي ايوارڊ جاري ڪرڻ لاءِ اين ايف سي ڪاميٽي قائم ڪري، هن چيو ته 2022ع ۾ برساتي ٻوڏ سبب سنڌ ۾ وڏو نقصان ٿيو، نگران وفاقي حڪومت سنڌ جي منظور ٿيل اسڪيمن جا فنڊ فريز ڪري ڪم بند ڪرايو، جنهن تي افسوس ٿيو، هن چيو ته اسان چاهيون ٿا ته سنڌ جي ٻهراڙين ۽ شهرن جي حالت بهتر ٿئي، هن چيو ته وفاقي حڪومت پاران صوبن ۾ ترقياتي ڪمن لاءِ 900 ارب رکيا وياآهن، اهو به يقيني بڻايو وڃي ته وفاقي حڪومت ترقياتي فنڊن ۾ ڪٽوتي نه ڪري، هن چيو ته مڪاني ادارن جو او زي ٽي شيئر وڌايو پيو وڃي، هن چيو ته سنڌ ۾ استادن کانپوءِ مڪاني ادارن جي گوسڙو ملازمن جو معاملو سامهون آيو آهي، هن وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ روڊز نيٽ بهتر بڻايو ويو آهي پر سنڌ جا ڳوٺ ترقي جو انتظار ڪن پيا، بند ٿيل واٽر سپلاءِ اسڪيمن کي ٻيهر هلائڻ جي ضرورت آهي ته جيئن سنڌ جي هر گھر ۾ مٺو پاڻي ملي، نثار کهڙي چيو ته ايندڙ ٻوڏن کي منهن ڏيڻ لاءِ سم نالن جي ڊي سلٽنگ ڪئي وڃي ته جيئن پاڻي کي رستو ملي. هن چيو ته سکر بيراج جي گيٽ سبب فصلن کي پاڻي جي فراهمي متاثر ٿي، هن چيو ته سنڌ جي ڳوٺن ۽ ڪچي آبادين کي پڪو ڪري رهواسين کي مالڪاڻا حق ڏنا وڃن، هن چيو ته اسڪولن ۾ انرولمينٽ ( داخلا) وڌائڻي آهي ته جن اسڪولن ۾ ڪلاس رومز ناهن، اتي ايڊيشنل ڪلاس رومز ڏنا وڃن، هن چيو ته سنڌو درياءَ تي ڊيم اڏڻ جون ڳالهيون ڪرڻ سنڌ تي حملو آهي، اسان جيڪڏهن ڪالاباغ ڊيم جي مخالفت ڪئي هئي ته اها ڪراچي سميت پوري سنڌ خاطر ڪئي هئي. نثار کهڙو چيو ته ڪالاباغ ڊيم جي دفن ٿيل اشو کي دفن ئي رکيو وڃي. ڀاشا ۽ مهمند ڊيم ٺهن پيا انهن تي سنڌ کي ڪو به اعتراض ناهي، هن چيو ته سيلاب کان متاثر ٿيندڙ 22 لک ماڻهن کي گھر ٺاهي ڏينداسين، تعليم واري صوبائي وزير سردار شاهه چيو ته سنڌ ۾ هڪ ڪروڙ 70 لک ٻار آهن، جن مان هڪ ڪروڙ 30 لک ٻار تعليم حاصل ڪري رهيا آهن، جڏهن ته 40 لک ٻار اسڪول نه ٿا وڃن، پنجاب ۽ ڪي پي ۾ اهو ريشو وڌيڪ آهي، پنجاب ۾ هڪ ڪروڙ ڏهه لک ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن، هن چيو ته تعليم کاتي جي 414 اربن جي بجيٽ مان 366 ارب پگهارن، پينشن ۽ گرانٽس ۾ وڃن ٿا، اسڪول ايجوڪيشن جي اي ڊي پي رڳو 20 ارب آهي،اسان هر ٻار تي 79 هزار رپيا خرچ ڪريون ٿا، جن مان 60 هزار پگهارن ۽ ٻين خرچن تي هليا وڃن ٿا. آمريڪا ۾ هر ٻار تي 15 هزار ڊالر ۽ انڊيا ۾ 50 هزار رپيا خرچ ڪيا وڃن ٿا هن چيو ته تازو آيل ٻوڏ ۾ اڌ اسڪول تباهه ٿي ويا هئا، اسان تباهه ٿيل 20 مان 5 هزار اسڪول ٺيڪ ڪيا آهن. وفاقي سرڪار سنڌ کي اسڪولن جي مرمت لاءِ 13 ارب ڏيڻ جو واعدو ڪيو هو پر هڪ رپيو به نه مليو آهي، ايم ڪيو ايم انهي مسئلي تي اسان جو ساٿ ڏئي، وفاقي سرڪار کي درخواست ڪئي وڃي ته بجيٽ ۾ رکيل 5 ارب رپيا ڏنا وڃن.
ٽنڊي الهيار، ٽنڊي محمد خان، سجاول ۽ ڪراچي ۾7 ڪيمپسن جو اعلان
ڪراچي: سنڌسرڪار ٽنڊي الهيار، ٽنڊو محمد خان ۽ سجاول سميت 7 ضلعن ۾ يونيورسٽين جا نوان ڪئمپس قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. ان حوالي سان ڪالهه يونيورسٽيز اينڊ بورڊز کاتي جي وزير محمد علي ملڪاڻي سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ بجيٽ تقرير دوران اعلان ڪيو ته سنڌ ۾ وڌيڪ 7 نوان ڪيمپس قائم ڪيا ويندا. ٽنڊي محمد خان، ٽنڊي الهيار، سجاول. ڪراچي جي 4 ضلعن ڪياماڙي، ڪورنگي، ويسٽ ۽ ملير ۾ مختلف يونيورسٽين جا 7 ڪيمپس ٺاهيا ويندا. ان حوالي سان صوبائي وزير پنهنجي تقرير ۾ وڌيڪ چيو ته سنڌ جي 7 تعليمي بورڊن ۾ 11 لک کان وڌيڪ شاگردن امتحان ڏنا، هلندڙ سال 18 لک شاگردن کي 2500 وظيفو مليو، هن چيو ته جيلن ۾ قيدين کي به تعليم ڏينداسين، چين سان معاهدو ڪيو آهي، جنهن هيٺ اسڪولن اندر شاگردن کي چيني ٻولي سيکاري ويندي.
ٻارن جون حياتيون بچائڻ لاءِ ٿڃ عطيو ڪريو: ٿڃ شريڪ ٻارن جون شاديون روڪڻ لاءِ الڳ رڪارڊ رکبو : پيچوهو
ڪراچي: صحت واري صوبائي وزير عذرا پيچوهو سنڌ اسيمبليءَ ۾ بجيٽ تقرير دوران امڙ جي کير پيارڻ واري پراجيڪٽ مدر ملڪ بينڪ تي ٿيل تنقيد جو جواب ڏيندي چيو آهي ته عطيو ڪيل کير سان ٻار جو ٿڃ شريڪ ڀاءُ ڀيڻ جو رشتو جڙي ٿو پر پراڻي زماني م به ٻارن جون حياتيون بچائڻ لاءِ ٻارن کي عطيو ٿيل ماءَ جو کير پياريو ويندو هو، وقت کان اڳ ڄمندڙ ٻارن کي ڳئون يا پائوڊر جو کير پياري نٿا سگهون، هن جديد دور ۾ اسان ٻارن جون حياتيون بچائڻ لاءِ اهو منصوبو شروع ڪيو هو اسان جو مذهب به انهي جي اجازت ڏئي ٿو، هن چيو ته اسان اسلامي نظرياتي ڪائونسل کي به فتويٰ لاءِ خط لکيو آهي. هن چيو ته ڪنهن کي اهو ڊپ آهي ته ٿڃ شريڪ ٻارن جون پاڻ ۾ شاديون نه ٿي وڃن ته انهن ٻارن جو الڳ سان نادرا رڪارڊ رکنداسين ته جيئن اهي ٻار وڏا ٿين ته انهن کي خبر هجي ته انهن جو ٿڃ شريڪ ڀاءُ يا ڀيڻ ڪير آهي؟