پرويز الاهي جي گهر کي سب جيل قرار ڏيڻ جي درخواست منظور، طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جو حڪم
مَي 6, 2024
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ چوڌري پرويز الاهي کي اسپتال منتقل ڪرڻ يا گهر کي سب جيل قرار ڏيڻ واري درخواست منظور ڪري ورتي، پرويز الاهي کي سموريون طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جو حڪم، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ارباب محمد طاهر محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو، جسٽس ارباب محمد طاهر چيو ته پرويز الاهي جي عمر 78 سال آهي سندس صحت جو خيال ڪيو وڃي، گهرو وزارت کي چوڌري پرويز الاهي جي هائوس اريسٽ جو پروسيجر 15 ڏينهن اندر مڪمل ڪرڻ جو حڪم