پيٽرول 6.17، ڊيزل 10.88 رپيا في لٽر سستو
آگسٽ 1, 2024
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پيٽرول جي في ليٽر قيمت ۾ 6 رپيا 17 پئسا لاٿ ڪئي وئي، ڊيزل جي في لٽر قيمت 10 رپيا 88 پئسا گهٽ ڪئي وئي آهي،وزيراعظم پيٽروليم اگهن ۾ گهٽتائي جي منظوري ڏني، گاسليٽ جي قيمت ۾ 6 رپيا 32 پئسا ۽ لائيٽ ڊيزل جي قيمت ۾ 5 رپيا 72 پئسا لاٿ ڪئي وئي آهي، وزيراعظم جي منظوري کانپوءِ ناڻي وزارت نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو. نيون قيمتون رات 12 وڳي کان لاڳو ٿي چڪيون آهن جيڪي ايندڙ 15 ڏينهن لاءِ هونديون. پيٽرول جي نئين قيمت 269 رپيا 43 پئسا ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي نئين قيمت 277.77 رپيا مقرر ٿي وئي آهي.