پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگھن ۾ معمولي گهٽتائي ڪئي وئي آهي

جُون 1, 2024

ناڻي واري وزارت پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگھن ۾ گهٽتائي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي

ناڻي واري وزارت طرفان ايندڙ 15 ڏينهن لاءِ پيٽروليم شين جي نئين اگھن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي، جنهن موجب پهرين جون کان پيٽرول جي اگھن ۾ 4 رپيا 74 پئسا في ليٽر گهٽتائي ڪئي وئي آهي
پيٽرول جي نئون اگھ  268 رپيا 36 پئسا في ليٽر ٿي وئي آهي
نوٽيفڪيشن موجب ڊيزل جي اگھ ۾ 3 رپيا 86 پئسا في ليٽر گهٽتائي کانپوءِ ڊيزل جو نئون اگھ  270 رپيا 22 پئسا في ليٽر مقرر ڪيو ويو آهي

ناڻي واري وزارت پاران گاسليٽ جو تيل به 8 رپيا 87 پئسا في ليٽر سستو ڪيو ويو آهي
جنهن کانپوءِ گاسليٽ جو نئون اگھ  171 رپيا 61 پئسا في ليٽر ٿي ويو آهي نوٽيفڪيشن موجب لائيٽ ڊيزل آئل 3 رپيا 88 پئسا في ليٽر سستو ٿيڻ کانپوءِ 157 رپيا 29 پئسا في ليٽر سستو ڪيو ويو آهي

قيمتن ۾ گهٽتائي باوجود پيٽرول ۽ ڊيزل تي ليوي 60 رپيا في ليٽر برقرار رهندي
واضح رهي ته ان کان اڳ وزيراعظم آفيس پيٽرول جي قيمت ۾ 15 رپيا 40 پئسا ۽ ڊيزل جي قيمت ۾ 7 رپيا 90 پئسا گهٽتائي جي سفارش ڪئي هئي جڏهن ته ناڻي واري وزارت وزيراعظم آفيس جي هدايتن جي ابتڙ پيٽرول جي قيمت ۾ 4 رپيا 74 پئسا ۽ ڊيزل جي قيمت ۾ 3 رپيا 86 پئسا في ليٽر گهٽتائي جو اعلان ڪيو آهي

Leave A Comment