پي آءِ اي آگسٽ ۾ وڪرو، ڪراچي، لاهور ۽ اسلام آباد ايئرپورٽ جي به نجڪاري جو اعلان

جُون 13, 2024

اسلام آباد: ناڻي واري وفافي وزير محمد اورنگزيب بجيٽ پيش دوران چيو ته حڪومتن کي ڪاروبار نه ڪرڻ گهرجي، وزيراعظم خانگي شعبي کي هٿي ڏيڻ تي پڪو يقين رکي ٿو، نجڪاري عمل کي ترجيح ڏني پئي وڃي،اسان نه رڳو پي آءِ اي، روز ويليٽ هوٽل، هائوس بلڊنگ فنانس ڪارپوريشن ۽ فرسٽ وومين بئنڪ جهڙن ادارن جي نجڪاري ۾ تيزي آڻينداسين پر خانگي شعبي جي سرمائيڪاري لاءِ ٻين ايس او ايس ايز کي پيش ڪرڻ جو هڪ ٺوس پروگرام به شروع وڃي رهيا آهيون، وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته ايندڙ سالن ۾ توانائي، مالياتي ۽ صعنتي شعبن ۾ ايس او ايز جي ملڪيت ۽ انتظام جي خانگي شعبي جي منتقلي تي خاص توجهه ڏني ويندي. 12 ڪمپنين پي آءِ اي جي نجڪاري ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو6 ڪمپنين کي اهل قرار ڏنو ويو آگسٽ 2024 جي پهرئين هففي ۾ سيڙپڪارن کان واڪ گهرايا ويندا جنهن کانپوءِ اهو سلسلو مڪمل ٿيندو. هن چيو ته عالمي بهترين عمل تحت حڪومت ملڪ جي وڏن هوائي اڏن کي به بجي شعبي حوالي ڪري رهي آهي جنهن سان هڪ طرف مسافرن کي سهولتون ملنديون ته ٻئي طرف هوائي اڏن جي آمدني ۾ اضافو ٿيندو. عالمي واڪن وسيلي 15 جولاءِ تائين واڪ ملندا. لاهور ۽ ڪراچي ايئرپورٽن کي ٻئي مرحلي ۾ وڪرو ڪيو ويندو سڀ کان پهرين اسلام آباد ايئرپورٽ آئوٽ سورس ڪيو ويندو. 9 بجلي ورڇيندڙ ڪمپني ڊسڪوز ۽ بجلي پيدا ڪندڙ ادارن جينڪوز کي به نجي شعبي حوالي ڪرڻ جو عمل تيز ڪيو ويندو.

Leave A Comment