پنڊي جي اڳوڻي ڪمشنر جي چونڊن ۾ ڌانڌلين جي الزامن جي جاچ مڪمل

فيبروري 21, 2024

اليڪشن ڪميشن جي جاچ ڪميٽي اڳوڻي ڪمشنر راولپنڊي جي چونڊن ۾ ڌانڌلين جي الزامن جي جاچ مڪمل ڪري ورتي
اعليٰ سطحي جاچ ڪميٽي جي اڄ آخري اجلاس ۾ رپورٽ کي حتمي شڪل ڏني ويندي، ذريعن موجب جاچ ڪميٽي ڊويزن جي سمورن 6 ڊي آر اوز جا لکت ۾ بيان قلمبند ڪري ورتا
ڪميٽي پاران 13 قومي ۽ 26 صوبائي تڪن جي آر اوز جا بيان به قلمبند ڪيا ويا، ذريعن موجب ڊي آر اوز ۽ آر اوز اڳوڻي ڪمشنر لياقت چٺا جي ڌانڌلين وارن الزامن کي رد ڪري ڇڏيو آهي
اڳوڻي ڪمشنر سمورن قومي تڪن تي ڌانڌليون ڪرائڻ جو اعتراف ڪندي استعيفا جو اعلان ڪيو هو، لياقت چٺا جو چوڻ هو ته اسان هارايل اميدوارن کي کٽرايو

Leave A Comment