پيرجوڳوٺ: زهريلو کاڌو کائڻ سبب وڌيڪ 7 ڄڻن دم ڏنو، انگ 9 ٿي ويو، هڪ خاندان جا 8 ڀاتي شامل

آگسٽ 20, 2024

پيرجوڳوٺ (رپورٽ: بلاول جوڻيجو) پيرڳوٺ ڀرسان جيءَ جهوريندڙ واقعو، زهريلو کاڌو کائڻ سبب هڪ ئي گهر جا وڌيڪ 7 ڄڻا فوت، انگ وڌي 9 ٿي ويو، هڪ ڄڻي جي حالت خراب، علائقي ۾ سوڳ، جنازي نماز بعد تدفين، رپورٽ موجب ڳوٺ هيبت خان بروهي ۾ پورهيت گل بيگ بروهي جي گهر  ۾ مبينا طور زهريلو کاڌو کائڻ سبب هڪ ئي گهر جي ڀاتين سميت 10 ڄڻن جي حالت خراب ٿي وئي، جن مان 2 ڄڻا ٿڏي تي فوت ٿي ويا هئا، جڏهن ته وڌيڪ 7 ڄڻن ڪالهه دم ڏئي ڇڏيو، جنهن کانپوءِ فوت ٿيلن جو انگ وڌي 9 ٿي ويو آهي، ان سلسلي پورهيت گل بيگ بروهي ٻڌايو ته جمعي واري ڏينهن گهر ڀاتين جي حالت خراب ٿي وئي، جن کي ساهه ٻوساٽجڻ، بيچيني ۽ جسم ۾ پگهر اچڻ جي تڪليف ٿي، جن کي پهريان ٻن ڏينهن تائين مقامي اسپتال مان علاج ڪرايو، آچر جي شام تي سڀ گهر ڀاتي ويتر وٺجي ويا جن کي ڪارگو رڪشا تي خيرپور سول اسپتال کڻائي وڃي رهيا هئاسين ته رستي ۾ غلام اصغر بروهي ۽  ننڍي پٽ دلدار رستي ۾ دم ڏئي ڇڏيو، جڏهن ته باقي بيمارن کي خيرپور سول اسپتال داخل ڪرايو، ڪجهه گهڙين کانپوءِ ٽن نينگرين فهميدا، خاتون ۽ سونيا به دم ڏئي ڇڏيو، ڪالهه سومر واري ڏينهن وقفي وقفي سان منظور، دلبر، مريم ۽ حاجاڻي فوت ٿي ويا، جڏهن ته پيرسن محمد بخش بروهي جي حالت پڻ ڳڻتي جوڳي آهي، گل بيگ بروهي ٻڌايو ته خيرپور ۾ ڊاڪٽرن ۽ دوائن جي کوٽ سبب اکين اڳيان اولاد دم ڏنو، هن چيو ته سول اسپتال جي ڊاڪٽرن ڪا به واهر نه ڪئي، هن ٻڌايو ته پنهنجي پيارن جا لاش پنهنجي مدد پاڻ تحت ڳوٺ کڻائي جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد تدفين ڪئي آهي، هوڏانهن 9 جنازا هڪئي وقت کڄڻ تي علائقي ۾ سوڳ ڇائنجي ويو، جڏهن ته جنازي نماز ۾ ڪنهن به سياسي اڳواڻ يا سرڪاري ڪاموري شرڪت نه ڪئي. پورهيت گل بيگ بروهي کي 9 ٻارن جو اولاد هو، جنهن ۾ 6 نياڻيون ۽ 3 پٽ شامل آهن، جن مان 5 نياڻيون ۽ 3 پٽ فوت ٿي ويا، جڏهن ته فوتي غلام اصغر بروهي سندس ڀيڻ جو نياڻو هو ۽ بيماري ۾ مبتلا پيرسن محمد بخش بروهي سندس وڏو ڀاءُ آهي، 8 گهر ڀاتي فوت ٿيڻ کانپوءِ پورهيت گل بيگ بروهي جي دنيا اجڙي وئي، سندس جيءُ جهري پيو آهي.

وڏي وزير جي هدايتن باوجود ڪير به وارثن وٽ لڙي نه آيو

پيرجوڳوٺ: هيبت خان بروهي ۾ افسوسناڪ واقعي جو سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار نوٽيس ورتو، ڪمشنر سکر ۽ ڊي آءِ سکر کي پڻ معاملي جي جاچ ڪرڻ ۽ فوتين جي وارثن جي سهائتا جو حڪم ڏنو آهي، جڏهن ته نوٽيس وٺڻ باوجود ڪير به تڏي تي وارثن وٽ لڙي نه آيو، علائقي واسين ڪفن دفن جو بندوبست ڪيو.

فوڊ اٿارٽي عملدارن گهر مان کاڌي پيتي جي شين جا سمپل ورتا

پيرجوڳوٺ: پيرڳوٺ ڀرسان ڳوٺ هيبت خان بروهي ۾ هانءُ ڏاريندڙ واقعي بعد اسسٽنٽ ڪمشنر ڪنگري محمد علي شاهه، پيرڳوٺ اسپتال جو ايم ايس ڊاڪٽر برڪت ڪانهر، فوڊ ڪنٽرول اٿارٽي جا عملدار ۽ پوليس پهچي وئي، جن گهر مان کاڌ خوراڪ جي شين ماني، اٽو، کير ٻين استعمال ٿيندڙ شين جا سمپل ورتا

Leave A Comment