“پلاند ٿي ويو”: ايران جو اسرائيل خلاف آپريشن ختم: اسرائيل پاران تهران تي جوابي حملي جي ڌمڪي: اسان ساٿ نه ڏينداسين: آمريڪا

اپريل 15, 2024

تهران/تل ابيب/واشنگٽن (م ڊ) ايران پاران اسرائيل تي حملا ڪري پلاند وٺڻ بعد آپريشن ختم ڪرڻ جو اعلان، اسرائيل پاران جوابي ڪارروائي جي ڌمڪي، ايران-اسرائيل ويڙهه سبب دنيا ۾ ٿرٿلو، روس ٽين عالمي جنگ جو خدشو ڏيکاري ڇڏيو، ايران جي به حمايت جو اعلان ڪيو جڏهن ته آمريڪا اسرائيل کي واضح ڪيو آهي ته ايران خلاف جارحاڻي آپريشن ۾ اسرائيل جو ساٿ نه ڏنو ويندو، اسرائيل جو دفاع به ڪيو ويندو.  عالمي ميڊيا رپورٽس موجب دمشق ۾ ايراني قونصل خاني تي اسرائيلي حملي جي جواب ۾ ايران آچر رات اسرائيل تي 300 کان وڌيڪ ڊرونز ۽ ڪروز ميزائل فائر ڪري ڇڏيا. ايران اسرائيل خلاف آپريشن کي سچو واعدو آپريشن جو نالو ڏنو، ايراني خابرو اداري موجب ايران اسرائيل تي سڌي ريت ڊرون حملا ڪيا، حملي ۾ اسرائيلي دفاعي اڏاوتن ۽ فوجي ٿاڪن کي نشانو بڻايو ويو. ايران اسرائيل ۾ 50 سيڪڙو هدفن کي ڪاميابي سان نشانو بڻايو. اسرائيل تي حملي ۾ ايران جا اتحادي يمن، لبنان ۽ عراق به شامل آهن، اسرائيل تي مختلف پاسن کان حملو ڪيو ويو. ٻئي پاسي اسرائيلي فوج جي ترجمان ڊينيئل هگري حملن جي تصديق ڪندي چيو آهي ته ايران پنهنجي سرزمين تان اسرائيل جي سرزمين ڏانهن بنا پائليٽ وارا جهاز روانا ڪيا. رڳو ڪجهه ايراني ميزائل اسرائيل جي سرزمين تي ڪريا جنهن سبب فوجي اڏي ۽ اڏاوتن کي معمولي نقصان پهتو. ان کانسواءِ ايراني حملن جي جواب ۾ آمريڪا، برطانيا ۽ اردن اسرائيل جي مدد ڪندي ايراني ڊرونز ڪيرائي ڇڏيا. ٻئي پاسي يمن جي حوثين ۽ لبنان جي حزب الله طرفان به اسرائيل تي حملن جا اطلاع آهن. ياد رهي ته پهرين اپريل تي اسرائيل جي دمشق ۾ ايراني قونصل خاني تي حملي کانپوءِ ايران اسرائيل تي جوابي حملي کان خبردار ڪيو هو. اسرائيل تي حملن کانپوءِ ايران چيو ته اسرائيل جي ان اڏي کي نشانو بڻايو جتان دمشق قونصليٽ تي حملو ڪيو ويو هو، ايران خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن اسرائيل گذريل رات جي حملن تي جوابي ڪارروائي ڪئي ته ان جا کيس ڳنڀير نتيجا ڀوڳڻا پوندا. ايراني صدر ابراهيم رئيسي چيو آهي ته اسرائيلي ۽ سندس حامين غير ذميواري ڏيکاري ته وڌيڪ سگهارو توڙي فيصلائتو ردعمل ڏنو ويندو،  گڏيل قومن ۾ ايران جي سفير ۽ مستقل نمائندي امير سعيد ايرواني هڪ بيان ۾ چيو ته ايران ضرورت پوڻ تي پنهنجي دفاع جي حق کي استعمال ڪرڻ کان نه ڪيٻائيندو.هن چيو ته جيڪڏهن اسرائيلي حڪومت ٻيهر ڪنهن فوجي اڳرائي ڪئي ته ايران جو جواب يقيني طور تي وڌيڪ مضبوط ۽ ڳنڀير هوندو. ايراني پرڏيهي وزير چيو آهي ته ايران چيو آهي ته برابري جو نئون اصول ٺاهيو آهي، هاڻي صيهوني حڪومت اسان جي مفادن تي حملو ڪيو ته جواب ملندو، علائقائي پاڙيسرين کي 72 ڪلاڪ اڳ اسرائيل تي حملي جو ٻڌايو هو، امريڪا کي به ٻڌايو هو ته اسرائيل خلاف حملا دفاعي ۽ محدود نوعيت جا هوندا، اسرائيل خلاف آپريشن ختم ٿي چڪو آهي. اسرائيل ايران کي جوابي حملي جي ڌمڪي ڏيندي چيو آهي ته اسرائيل کي نقصان پهچائيندڙن کي غزه بڻايو ويندو، اتحاد ٺاهينداسين، صحيح وقت اچڻ تي اتحادين سان گڏجي ايران کان حملي جي قيمت وصول ڪنداسين، اسرائيل چيو آهي ته سندن جنگ ايراني عوام نه، پر حڪومت سان آهي، ايران جو حملو انتهائي غير ذميواراڻو هو، ٻئي پاسي اسرائيلي وزيراعظم صورتحال تي هنگامي جنگي ڪابينا جو اجلاس گهرايو آهي. اسرائيلي عملدارن جو چوڻ آهي ته ايران اسرائيل تي 185 ڊرون، 110 ميزائل ۽ 36 ڪروز ميزائل ڪيرايا. 90سيڪڙو حملا ناڪام بڻايا ويا، اسرائيل فوجي اڏي کي نقصان پهچڻ جي به تصديق ڪئي،  اسرائيلي عملدارن موجب گهڻو ڪري ڊرون ۽ ميزائل حملا ايران مان ٿيا جڏهن ته ڪجهه عراق، يمن ۽ شام مان فائر ڪيا ويا. ٻئي پاسي ايران جي حملي کانپوءِ اسرائيلي ويڙهاڪ جهاز غزه مان واپس اسرائيل روانا ٿي ويا آهن. غزه جنگ کانپوءِ اهو پهريون موقعو آهي جو اسرائيلي جهاز غزه ۾ موجود نه آهن. جڏهن ته اسرائيل ايران جي حملي جو جواب ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ان ڏس ۾ عالمي ميڊيا جي رپورٽن موجب اسرائيلي جنگي ڪاميٽي جو اهم اجلاس  طلب ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ ايران جي حملي بابت غور ويچار ۽ اڳتي جي حڪمت عملي جوڙي ويندي. هوڏانهن آمريڪا اسرائيل کي واضح ڪري ڇڏيو ته اسرائيل جو دفاع ڪنداسين ۽ ايران تي حملا نه ڪيا ويندا، آمريڪي صدر اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو آڏو واضح موقف موقف رکيو، آمريڪي صدر جوبائيڊن چيو ته ايران خلاف جارحاڻي آپريشن ۾ حصو نه وٺنداسين، ايران جي اسرائيل تي ڊرون ۽ ميزائل حملن کانپوءِ آمريڪي صدر جو بائيڊن اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو، جوبائيڊن اسرائيلي وزيراعظم کي آمريڪا جي حمايت جو يقين ڏياريو. آمريڪي صدر نيتن ياهو کي ٻڌايو ته هن اسرائيل جي حملن خلاف دفاع ۽ حملن کي ناڪام ڪرڻ لاءِ صلاحيت جو مظاهرو ڪيو آهي. آمريڪي صدر چيو ته پنهنجي دفاع جو مظاهرو ڪري اسرائيل پنهنجي دشمنن کي واضح پيغام ڏنو آهي ته هو اسرائيل جي سلامتي کي خطري هيٺ نٿا آڻي سگهن. جڏهن ته  ايران جي حملن کانپوءِ آمريڪي صدر جو بائيڊن وائيٽ هائوس ۾ قومي سلامتي ٽيم سان هنگامي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ دفاع واري وزير لائيڊ آسٽن، پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن، چيئرمين جوائنٽ چيف آف اسٽاف ۽ انٽيليجنس ايجنسي جي سربراهه سميت ٻين شرڪت ڪئي. ان دوران ايران جي حملن تي تفصيلي ڳالهيون ٿيون، صدر بائيڊن چيو ته هو اسرائيل جي سيڪيورٽي خلاف ايران کان خطرن کي مانيٽر ڪري رهيو آهي. بائيڊن انتظاميا حملي تي اسرائيل ۽ ٻين اتحادين سان رابطي ۾ آهي. ايران جي حملي کانپوءِ آمريڪا وچ اوڀر ۾ فوجين جو انگ وڌائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ٻئي پاسي آمريڪي عملدارن چيو آهي ته ايران جي اسرائيل تي حملي جي جواب ۾ آمريڪي فورسز 70 کان وڌيڪ ايراني ڊرونز ۽ گهٽ ۾ گهٽ 3 بيلسٽڪ ميزائل ڪيرايا، صدر بائيڊن ايراني حملن جي مذمت ڪئي آهي. ٻئي طرف روس اسرائيل تي ايراني حملي بعد ٽين عالمي جنگ جو خدشو ڏيکاريندي ايران ۽ چين جي پاسي بيهڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو آهي. ان ڏس ۾ روسي پرڏيهي کاتي چيو آهي ته ٽين عالمي جنگ ٿي ته ڌريون واضح ٿي وينديون.  هڪ پاسي روس، چين ايران ۽ ٻئي پاسي آمريڪا، اسرائيل ۽ نيٽو هوندا. جڏهن ته اسرائيل جي درخواست تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جو اجلاس گھرايو ويو. پاڪستاني وقت موجب سلامتي ڪائونسل جو اجلاس رات هڪ وڳي ٿيو. جنهن ۾ اسرائيل تي ايراني حملي کان پوءِ واري صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

آمريڪا، ڪينيڊا، برطانيا سميت يورپي ملڪن پاران اسرائيل جي دفاع جو اعلان: گڏيل قومن کي ڳڻتي ورائي وئي

اسلام آباد  (م ڊ)ايران جي اسرائيل تي حملي کانپوءِ گڏيل قومن ۽ سعودي عرب ڳڻتي ظاهر ڪندي ڌرين کي ڇڪتاڻ نه وڌائڻ تي زور ڏنو آهي، جڏهن ته آمريڪا، ڪينيڊا، برطانيا سميت ٻين يورپي ملڪن اسرائيل جو دفاع ڪندي خطي ۾ عدم استحڪام جي خطري کان خبردار ڪيو آهي.  گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس ايراني حملي تي ڳڻتي ظاهر ڪندي ڌرين کي ڇڪتاڻ نه وڌائڻ تي زور ڏنو. پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته خطي ۾ وڌيڪ ڇڪتاڻ جي حق ۾ ناهيون، وچ اوڀر ۽ دنيا هڪ ٻي جنگ نٿي سگهي.  سعودي عرب جي پرڏيهي وزارت خطي ۾ فوجي ڇڪتاڻ تي ڳڻتي ظاهر ڪندي جنگ جي خطرن کان بچڻ لاءِ ڌرين کان صبر جو مظاهرو ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. بيان موجب جيڪڏهن تڪرار وڌيو ته نتيجا خطرناڪ هوندا. چين جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو آهي ته ايران طرفان اسرائيل خلاف جوابي حملي ۾ ڊرون ۽ ميزائل هڻڻ کانپوءِ وچ اوڀر ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ تي چين کي ڳڻتي آهي، چين غزه جنگ بندي جو مطالبو ڪيو آهي. چيني ترجمان چيو ته چين لاڳاپيل ڌرين کان پرامن رهڻ جو مطالبو ڪري ٿو. ڇڪتاڻ جو هي دور غزه جي تڪرار کي پکيڙي سگهي ٿو ۽ ان کي جلد کان جلد ختم ڪرڻ پهرين ترجيح آهي.  اسرائيلي وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو چيو آهي ته اسان جو دفاعي نظام لڳل آهي، ڪنهن به صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهيون. آمريڪي صدر جو بائيڊن چيو آهي ته ايران ۽ سندس اتحادين مان خطرن خلاف اسرائيل جي سلامتي لاءِ پرعزم آهيون. برطانوي وزير اعظم رشي سوناڪ اسرائيل تي ايراني حملي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته حملن سبب خطي ۾ ڇڪتاڻ ۽ عدم استحڪام پيدا ٿيڻ جو خطرو آهي، ايران هڪ ڀيرو ٻيهر اهو ظاهر ڪيو آهي ته هو پنهنجي ئي خطي ۾ ڏڦيڙ پکيڙڻ چاهي ٿو. ڀارت اسرائيل تي ايراني جي حملن کانپوءِ فوري طور ڇڪتاڻ گهٽ ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. ڀارت چيو آهي ته اسرائيل ۽ ايران وچ ۾ ڇڪتاڻ خطي ۾ امن ۽ سلامتي لاءِ خطرا پيسا ڪري سگهي ٿي. ڪينيڊا جي وزيراعظم جسٽن ٽروڊو به مذمت ڪندي چيو آهي ته اسان اسرائيل سان گڏ آهيون، حملا هڪ ڀيرو ٻيهر خطي ۾ امن کي متاثر ڪندا. ان کانسواءِ جرمني، جاپان، فرانس، يورپي يونين، اسپين، ڊچ، دانش ۽ ٻين ملڪن ايراني حملن جي مذمت ڪئي آهي.

فلسطينين جي هانءُ تي ڇنڊو: اسرائيل تي حملي بعد جشن

غزه / تهران (م ڊ) اسرائيل تي ايران طرفان ڊرون حملن تي فلسطينين جشن ملهايو. ان ڏس ۾ عالمي ميڊيا موجب اسرائيل تي حملي کان پوءِ فلسطينين مختلف شهرن ۾ جشن ملهايو. ان موقعي تي فلسطينين مسجد اقصيٰ ٻاهران جشن ملهايو، جنهن جي وڊيو به سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي. وڊيو ۾ وڏي تعداد ۾ ماڻهن کي لبيڪ يا اقصيٰ جا نعرا هڻندي ڏسي سگھجي ٿو جڏهن ته انهن کي هن حملي تي جشن ملهائيندي ڏسي سگھجي ٿو. هوڏانهن ايران جي مختلف شهرن ۾ جشن ملهايو ويو. ايراني ميڊيا موجب تهران ۾ شهري ايران جا جهنڊا کڻي روڊن تي نڪري آيا. شهرين اسرائيل خلاف ۽ فلسطيني عوام جي حق ۾ نعرا هنيا. ٻئي پاسي لبناني راڄڌاني بيروت ۾ به اسرائيل تي حملي جي خوشي ۾ ريلي ڪڍي وئي. ياد رهي ته ايران اسرائيل تي 200 کان وڌيڪ ڊرون ۽ ڪروز ميزائل فائر ڪيا آهن.

ايراني حملي بعد غزه مان اسرائيلي جهاز واپس

يروشلم (م ڊ) غزه مان اسرائيل جا ويڙهاڪ جهاز واپس روانا ٿي ويا آهن. ان ڏس ۾ ايران جي حملي کانپوءِ اسرائيلي ويڙهاڪ جهاز غزه مان واپس اسرائيل روانا ٿي ويا آهن. غزه جنگ کانپوءِ اهو پهريون موقعو آهي جو اسرائيلي جهاز غزه ۾ موجود نه آهن. دمشق ۾ ايران جي سفارتخاني تي ميزائل حملي جي جواب ۾ ايران اسرائيل تي سڌي ريت ڊرون حملا ڪيا آهن.

پاڪستان جي ايران_اسرائيل کي صبر جي تلقين

اسلام آباد (م ڊ) ايران پاران اسرائيل تي حملي بعد پاڪستان وچ اوڀر جي صورتحال تي گھري ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ڌرين کي صبر کان ڪم وٺڻ گهرجي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته سموري صورتحال تي ڳڻتي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهريٰ چيو آهي ته پاڪستان ڪيترن ئي مهينن کان غزه ۾ جنگبندي لاءِ عالمي ڪوششن جي ضرورت تي زور ڏئي رهيو آهي . ترجمان موجب هاڻي صورتحال مستحڪم ڪرڻ ۽ امن جي بحالي جي سخت ضرورت آهي. هن چيو ته اڄ جي اڳڀرائي سفارتڪاري ٽٽڻ جي نتيجن کي ظاهر ڪري ٿي ،هي صورتحال سنگين حالتن کي ظاهر ڪري ٿي جتي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل امن ۽ سلامتي کي برقرار رکڻ جون پنهنجون ذميواريون پوري ڪرڻ کان بيوس آهي.

اسرائيلي دفاع لاءِ بيلسٽڪ ميزائل ڊفينس سسٽم لڳايو هو: آمريڪا

واشنگٽن (م ڊ) اسرائيل تي ايراني حملن کانپوءِ وائيٽ هائوس بيان جاري ڪيو آهي. وائيٽ هائوس پاران چيو ويو آهي ته اسرائيل جي دفاع لاءِ آمريڪي فوج گذريل هفتي هوائي جهاز ۽ بيلسٽڪ ميزائل ڊفينس ڊسٽرائزر کي خطي ۾ منتقل ڪيو. وائيٽ هائوس جو چوڻ آهي ته انهن مقررين جي ڪري اسان اسرائيل ۾ ايران طرفان آيل ڊرونز ۽ ميزائلن کي ڪيرائڻ ۾ مدد ڪئي.

 

Leave A Comment