سنڌ ۾ سارين جي پوک شروع ٿيندي ئي ڀاڻ جي بليڪ مارڪيٽنگ، اگهن ۾ واڌ، آبادگار پريشان

جُولاءِ 20, 2024

حيدرآباد (رپورٽ: فيض کوسو) سنڌ ۾ سارين جي پوک شروع ٿيندي ئي ڀاڻ جي ڊيلرن ڀاڻ جا هٿرادو اگهه وڌائي ڇڏيا آهن، جنهن سبب آبادگار سخت پريشان آهن. جڏهن ته سنڌ جو زرعي توسيحي کاتو اگهن تي ڪنٽرول ڪرڻ ۽ ڀاڻ جي بليڪ مارڪيٽنگ کي روڪڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي ويو آهي

مليل انگن اکرن مطابق اپريل 2024ع ۾ ڀاڻ جا اگهه مقرر ڪيا ويا هئا جنهن تحت فوجي فرٽيلائيزر ڪمپني پاران سونا يوريا 50 ڪلو گرام ڀاڻ جو اگهه 4 هزار 400 رپيا، سونا يوريا 25 ڪلو گرام جو اگهه 220 رپيا، سونا يوريا گرينيولر 50 ڪلو گرام جو اگهه 4 هزار 450 رپيا، امپورٽيڊ يوريا ايف ايف سي 50 ڪلو گرام جو اگهه 3 هزار 767 رپيا، سونا ڊي اي پي 50 ڪلو گرام جو اگهه 11 هزار 465 رپيا، سونا ڊي اي پي 25 ڪلو گرام جو اگهه 5 هزار 846 رپيا، ايف ايف سي ڊي اي پي 50 ڪلو گرام جو اگهه 11 هزار 416 رپيا، ايف ايف بي ايل ڊي اي پي 50 ڪلو گرام جو اگهه 11 هزار 416 رپيا، سونا زنڪ گرينيولر 3 ڪلو گرام جو اگهه 2 هزار 500 رپيا، سونا بوران 3 ڪلو گرام جو اگهه 2 هزار 365 رپيا، سونا بوران ڊي اي پي 50 ڪلو گرام جو اگهه 11 هزار 965 رپيا ۽ سونا يوريا پرلڊ نيم ڪوٽيڊ 50 ڪلو گرام جو اگهه 4 هزار 650 رپيا مقرر ڪيو ويو هو

اهڙي ريت ٻين ڪمپنين به لڳ ڀڳ اهو ئي اگهه مقرر ڪيو هو پر ڀاڻ جا ڊيلر آبادگارن کي وڌيڪ اگهه تي ڀاڻ وڪرو ڪري رهيا آهن جنهن جي ڪري آبادگارن لاءِ پنهنجا فصل بچائڻ وڏو مسئلو بڻجي ويو آهي. آبادگارن مطابق سونا يوريا 50 ڪلو گرام ٻوري کين 5 هزار رپين کان مٿي وڪرو ڪئي پئي وڃي

اهڙي طرح ڊي اي پي جو اگهه 14 کان 15 هزار رپيا في ٻوري مقرر ٿيل آهي جنهن جي ڪري هو ڀاڻ وٺڻ لاءِ پريشان آهن. آبادگارن مطابق ساريال وارن علائقن ۾ يوريا ڀاڻ جو اسٽاڪ ڪري بليڪ مارڪيٽنگ ڪئي پئي وڃي جنهن سبب عام دڪانن تي ڀاڻ جا اگهه هٿرادو طور وڌي ويا آهن

ڀاڻ جي ڪوالٽي توڙي ان جي دڪانن تي موجودگي جي ذميواري سنڌ جي زرعي توسيحي کاتي جي آهي پر زرعي توسيحي کاتي جا عملدار بليڪ مارڪيٽنگ ۽ وڌيڪ اگهه وٺندڙ دڪاندارن ۽ ڊيلرن کان حصو پتي وٺي خاموش بڻيل آهن جنهن جي ڪري حيدرآباد، ٽنڊو محمد خان، ٺٽو، سجاول، دادو، مٽياري ۽ اتر سنڌ جي ساريال واري علائقي ۾ ڀاڻ جا اگهه هڪ هنڌ بيهڻ بدران روزانو جي بنياد تي وڌي رهيا آهن

زرعي توسيحي کاتي جي عملدارن جي چشم پوشي جي ڪري سنڌ جا آبادگار ڊيلرن ۽ دڪاندارن جي رحم و ڪرم تي آهن. رابطو ڪرڻ تي ڊي جي زرعي توسيحي سنڌ جي فرنٽ مين ۽ ايگريڪلچر آفيسر بشير پيرزادي ٻڌايو ته ڀاڻ جي اگهن تي ڪنٽرول جي ذميواري روينيو کاتي جي ذميواري آهي. روينيو کاتو ئي ذخيرو ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪري سگهي ٿو. هن چيو ته سندن کاتو صرف ڀاڻ ۽ دوائن جي معيار کي برقرار رکرائڻ جو ذميوار آهي.

Leave A Comment