سنڌ ۾هڪ لک ايڪڙن تي ٻيلا پوکڻ ۽ ڪي پي ٽي تائين نئون روڊ اڏڻ جو فيصلو

سيپٽمبر 3, 2024

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ هيٺ  ڄامشوري ۽ مٽياري ضلعن ۾ سنڌو ڪناري 34 هزار 900 هيڪٽرن تي ٻيلا پوکڻ جي منظوري ڏئي  جڏهن ته 7 ضلعن ۾ 88 هزار 220 ايڪڙن تي  سرڪاري ۽ نجي شعبي جي ڀائيواري ذريعي ٻوٽا پوکيا ويندا. ڪالهه ٿيل اجلاس ۾ ڪراچي پورٽ ٽرمينل کان ڄام صادق پل تائين متبادل ايڪسپريس وي اڏي ملير ايڪسپريس وي سان ملائڻ جي منظوري پڻ ڏني وئي، اجلاس ۾وڏي وزير چيو ته ورلڊ وائلڊ لائيف فنڊ جي 2017ع جي رپورٽ موجب پاڪستان ۾ ٻيلا 25 بدران رڳو 6 سيڪڙو آهن، جنهن ڪري  اسان موسمي تبديلين  ڪري سخت حالتن کي منهن ڏئي رهيا آهيون. ٻيلن کي وڌائڻ سان موسمي حالتن کي بهتر نموني سان منهن ڏئي سگهجي ٿو. هن ٻيلي کاتي کي هدايت ڪئي ته ٻيلن کي وڌائي هڪ لک ايڪڙ تائين پهچايو وڃي. ٻيلي کاتي پاران و ٻڌايو ته مٽياري ۽ ڄامشوري ضلعن ۾ 34 هزار 995 هيڪٽرز دريائي زمين جي نشاندهي ڪئي وئي آهي، وڏي وزير ٻيلي کاتي کي هدايت ڪئي ته ٻيلن ۾ ٻٻر ، ڪنڊي، سرنهن ۽ نم جا وڻ پوکيا وڃن. وڏي وزير ڪراچي پورٽ ٽرسٽ کان ڄام صادق پل تائين ايڪسپريس وي جي تعمير جي تجويز کي حتمي شڪل ڏيڻ جي پڻ هدايت ڪئي. هن چيو ته ايڪسپريس وي سان پورٽ جي گاڏين کي سڌو موٽر وي ڏانهن وڃڻ ۾ مدد ملندي. وڏي وزير پبلڪ پرائيويٽ بورڊ کي هدايت ڪئي ته هو ان حوالي سان حتمي تجويز پيش ڪري ٻي صورت ۾ صوبائي حڪومت پنهنجن  وسيلن مان ايڪسپريس وي تعمير ڪندي. وڏي وزير ماربل سٽي منصوبي ۾ دير تي ناراضگي جو اظهار ڪندي هدايت ڪئي ته انهي منصوبي تي ڪم شروع ڪيو وڃي، ماربل سٽي 300 ايڪڙن تي مشتمل صنعتي زون هوندو، جنهن ۾ 210 ايڪڙ ڪمرشل ۽ صنعتي زمين هوندي، جڏهن ته 90 ايڪڙ زمين فلاحي مقصدن لاءِ مختص ڪئي ويندي، اها ايراضي نادرن باءِ پاس وٽ مختص ڪئي ويندي،

Leave A Comment