سنڌ جي سمورين سرڪاري آفيسن ۾ پلاسٽڪ وارين پاڻي بوتلن تي پابندي لاڳو
آگسٽ 17, 2024
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي سمورين سرڪاري آفيسن ۾ پلاسٽڪ وارين پاڻي بوتلن تي پابندي لاڳو ،ان حوالي سان ڪالهه جنرل ايڊمنسٽريشن کاتي جي اختيارين سمورن کاتن جي سيڪريٽرين، ڊي جيز، ڪمشنرن ۽ ڊي سيز، وزيراعليٰ سيڪريٽريٽ ۽ ٻين سرڪاري آفيسن جي سربراهن کي خط لکي هدايت ڪئي آهي ته آفيسن ۾ پلاسٽڪ جي پاڻي وارين بوتلن جي استعمال بجاءِ جڳ ۽ گلاس جو استعمال ڪيو وڃي.