وزيراعظم ۽ بلاول ۾ ملاقات بنا نتيجي ختم ٿيڻ کانپوءِ ڪاميٽين ۾ به ڳالهيون ناڪام
جُون 22, 2024
اسلام آباد (م ڊ) پ پ ۽ ن ليگ جي ڳالهين واري ڪاميٽين جي ملاقات بنا نتيجي ختم ٿي وئي، ڳالهين جو ٻيو دور رکڻ تي اتفاق ڪيو ويو، وزيراعظم هائوس ۾ تقريبن ۾ 4 ڪلاڪ ملاقات ٿي، پ پ مطالبن ۽ خدشن کان آگاهه ڪيو، پ پ مطالبا مڃرائڻ لاءِ ن ليگ آڏو ڄمي بيٺي آهي، ن ليگ جي ڪاميٽي پ پ کي پنجاب ۾ صوبائي حڪومت ۽ نواز شريف سان به ڳالهين جي خاطري ڪرائي آهي، پ پ وفد ۾ يوسف رضا گيلاني، راجا پرويز اشرف، نديم افضل چن، علي گيلاني شامل هئا، حڪومتي ڪاميٽي ۾ اياز صادق، رانا ثناءُالله، خواجه آصف، خواجه سعد رفيق شامل هئا. هوڏانهن پ پ اڳواڻ شازيه مري چيو آهي ته بلاول ۽ وزيراعظم ۾ به ملاقات بنا نتيجي ختم ٿي هئي، پ پ ڳالهين ذريعي مسئلن جو حل چاهي ٿي، هن چيو ته حڪومت ٺاهڻ مهل ٻنهي پارٽين ۾ معاملا طئي ٿيا هئا جن تي عمل ناهي ڪيو ويو، نجي ٽي وي چينل جيو نيوز جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته اسان ڪا بليڪ ميلنگ نه ڪري رهيا آهيون، اسان پنهنجي خدشن جو اظهار ڪري رهيا آهيون، بجيٽ تي ڪيترائي اسان جا خدشا آهن، بجيٽ تي اعتماد ۾ ناهي ورتو ويو.