وزيراعظم شهباز شريف پاران ملڪ ۾ پوليو جا نوان ڪيس ظاهر ٿيڻ تي سخت ڳڻتيءَ جو اظهار

جُون 12, 2024

وزيراعظم شهباز شريف پاران ملڪ ۾ پوليو جا نوان ڪيس ظاهر ٿيڻ تي سخت ڳڻتيءَ جو اظهار، پوليو جي خاتمي لاءِ گهربل سمورا قدم کڻڻ جو حڪم، وزيراعظم جي صدارت هيٺ صحت واري وزارت جو اهم اجلاس ٿيو، وزيراعظم پاران اسلام آباد ۾ بين الاقوامي معيار جو قائد اعظم هيلٿ ٽاور تعمير ڪرڻ جو اعلان، هيلٿ ٽاور ۾ بهترين معيار جي اسپتالن کانسواءِ ميڊيڪل يونيورسٽي ۽ نرسنگ يونيورسٽي به قائم ڪئي ويندي، قائد اعظم هيلٿ ٽاور ۾ جديد ٽيڪنالاجي سان ليس ليبارٽريز ۽ ڊائنگوسز سينٽر به قائم ڪيا ويندا، وزيراعظم اجلاس ۾ ڳالهائيندي چيو ته صحت جي معاملن جي مان پاڻ نگراني ڪندس

Leave A Comment