گهرو ڪميٽي پاران بجلي بلن لاءِ پوليس اختيارن ۽ ايم پي او قانون ۾ ترميم جي مخالفت
نومبر 13, 2024
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي جي گهرو معاملن واري اسٽيڊنگ ڪميٽي جو اجلاس، ڪميٽي بجلي بلن جي اوڳاڙي لاءِ پوليس کي اختيار ڏيڻ ۽ 3 ۽ 16 ايم پي او قانون ۾ ترميم جي مخالف ڪري ڇڏي. تفصيل موجب قومي اسيمبلي جي گهرو معاملن واري اسٽيڊنگ ڪميٽي جو اجلاس راجه خرم نواز جي صدارت هيٺ ٿيو. اجلاس ۾ گهرو معاملن بابت اسٽيڊنگ ڪميٽيءَ جي اجلاس ۾ سيڪريٽري پاور ڊويزن بريفنگ ڏيندي چيو ته اسان جڏهن ڪيس داخل ڪيا ته سنڌ حڪومت کان اعتراض آيو، بجلي چوري روڪڻ جي حوالي سان ايڪٽ جي ذريعي وڌيڪ اختيار حاصل ڪري رهيا آهيون، قادر پٽيل چيو ته اوهان کي بجلي چوري جي حوالي سان سليب ٺاهڻ جي ضرورت آهي. وڏي چور کي پڪڙيو نٿا ۽ ننڍن ماڻهن کي گرفتار ڪيو پيو وڃي. ڪيترن ئي ماڻهن کي 3، 4 لک جو اچانڪ بل اچي ويندو آهي. ڪيترن ئي مهينن بعد پتو پوندي آهي ته بل غلطي سبب وڌيڪ اچي ويو. کاتي جي غلطين تي به احتساب جو عمل ٿيڻ گهرجي. خواجه اظهار الحسن چيو ته جيڪڏهن بجلي جو بل منهنجي نالي تي آهي چوري منهنجو ڪرائي دار ڪري رهيو آهي. اوهان وٽ ڇا پئمانو آهي ته چوري ڪنهن ڪئي؟ پهريان انڊسٽريل چوري پڪڙي وڃي پوءِ ڪنزيومرز خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي. هن ترميم کي ايم ڪيو ايم جي سپورٽ نه ملندي. آغا رفيع الله چيو ته هڪ پاڙي ۾ 150 گهر آهن. 30 چوري ڪندا آهن ته سزا سڀني کي ملندي آهي. جيڪو بل ڏيڻ وارو آهي ان کي گهٽ ۾ گهٽ سزا ڏني وڃي. سيڪريٽري پاور ڊويزن چيو ته جيڪڏهن ڪنهن بل نه ڏنو ان قسطون ڪرايون ان تي ڪيس داخل ناهي ٿيندو. ڪيس صرف ٽيمپرنگ يا ڪنڊا پڪڙڻ تي ٿيندو آهي. جيڪڏهن ڪميٽي چوي ٿي ته اسان گئس ايڪٽ کي ڏسي سگهون ٿا. اجلاس ۾ 3 ۽16 ايم پي او قانون ۾ ترميم جي به مخالفت ڪئي وئي.صاحبزاده صبغت الله چيو ته هي اهو بل آهي جنهن جي قائد اعظم محمد علي جناح به انگريزن جي دور ۾ مخالفت ڪئي. عبدالقادر پٽيل چيو ته اهڙا قانون چئني صوبن مان ختم ڪيا وڃن. زرتاج گل چيو ته مون کي بنا رَئي جي گهر مان 3 ايم پي او تحت گهليو ويو، آغا رفيع الله چيو ته هن بل کي ڪميٽي ۾ بحث جي لاءِ رکڻ گهرجي. حنيف عباسي چيو ته مون کي گرفتار ڪيو ويو، منهنجي نياڻي کي ميڊيڪل ڪاليج مان ڪڍيو ويو. ماءٌ، ڀيڻ ۽ ڌيءَ کي انهن معاملن ۾ آڻڻ جي مخالفت ڪريان ٿو. صاحبزاده حامد رضا چيو ته منهنجي ڀيڻ جيڪا ملڪ ۾ به نه هئي، ان کي به 9 مئي جي ڪيس ۾ ملوث ڪيو ويو. اجلاس ۾ چيئرمين نادرا ڪميٽي کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته اسان نادرا جي آفيسن کي نٿا وڌائي سگهون، نادرا جي آفيسن کي وڌائڻ سان شناختي ڪارڊ جي فيس وڌائڻي پوندي. 61 تعلقه اهڙا آهن جن ۾ نادرا آفيسون ناهن. نادرا وٽ پنهنجو فنڊ آهي. اسان فيس تبديل ناهي ڪئي. زرتاج گل چيو ته نگران حڪومتن مقرريون ڪيئن ڪيون؟ جن آفيسرن کي نادرا مان ڪڍيو ويو هو سيڪيورٽي ڪارڻ هئا؟ آفيسرن جي ڪوڙين ڊگرين جو معاملو هو؟ 53 بلين اوهان جو روينيو رڪارڊ هو. اسان جي ايرياز ۾ نادرا وينز موڪليون وڃن. 53 بلين روينو مان خرچ ڪيترا آهن اسان کي ٻڌايا وڃن. چيئرمين نادرا بريفنگ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ته نادرا ۾ مقررين جو تعلق حڪومت سان ناهي هوندو، نادرا چيئرمين جي مقرري حڪومت ڪندي آهي. نادرا ۾ سڀ کان وڏو سائبر بريڇ هوندو آهي. 2.7 ملين پاڪستانين جو ڊيٽا چوري ڪيو ويو. هڪ گريڊ 19 ۽ پنج ٻين آفيسرن کي ڪڍيو ويو. وفاقي حڪومت جو چيئرمين ۽ بورڊ جي مقرري کان علاوه ڪو عمل دخل ناهي. نادرا جون سموريون مقرريون نادرا اختيارين پاران ڪيون وينديون آهن، گهرو معاملن بابت اسٽيڊنگ ڪميٽي ۾ ڊي جي ايف آءِ اي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته پارليمينٽ جي ميمبرن صاحبزاده حامد رضا ۽ نثار احمد جٽ جو نالو پي آءِ اين ايل مان ڪڍيو ويو آهي. ٽن سالن ۾ چار هزار پينوفقير سعودي عرب مان ڊيپورٽ ٿيا. اسان چار سو ماڻهن کي ايئرپورٽ تان آف لوڊ ڪيو. پينوفقير کي ٻاهرين ملڪ موڪلڻ ۾ هڪ منظم گروپ ملوث آهي.