پوليس اهلڪارن هٿان قتل صدام لاشاري جي بيگناهي ثابت: اهلڪارن ڏوهه مڃي ورتو، جرڳو، اڍائي ڪروڙ ڏنڊ ۾ خون لڙهي ويو
اپريل 1, 2024
ٺل (رپورٽ: حفيظ سومرو) ٺل جي جيلاني گرائونڊ محلي جي رهواسي سوشل ورڪر صدام حسين لاشاري کي 10 مهينا اڳ جيڪب آباد جي آباد ٿاڻي جي حد ۾ پوليس مقابلو ڄاڻائي مارڻ واري مامري جو جرڳو ڪراچي ۾ ذوالفقار سرڪي ۽ لک بجاراڻي جي سرپئنچي ۾ ٿيو.جنهن ۾ ايم اين اي اعجاز حسين جکراڻي جي پٽ حارث جکراڻي، پ پ جيڪب آباد جي ضلعي صدر لياقت لاشاري، شفقت لاشاري، لطف الله لاشاري، بئريسٽر زوهيب سرڪي، جاويد ساغر بروهي، ايڊوڪيٽ روشن ڪنراڻي سميت ٻين شرڪت ڪئي. سوشل ورڪر صدام حسين لاشاري جي ڌر طرفان سندس ويجهن عزيزن جاويد ساغر بروهي، شڪيل لاشاري، صدام لاشاري جي مامي سڪندر لاشاري،پ پ ضلع جيڪب آباد جي صدر لياقت لاشاري جا بيان ٻڌا ويا، جڏهن ته پوليس جي ڌر جي طرفان لک خان بجاراڻي مشير طور بيان ڏنو.جنهن کانپوءِ جرڳي جي اميرن پاڻ ۾ صلاح مشورو ڪرڻ کانپوءِ ٻن ايس ايڇ اوز ٺل ٿاڻي جي اڳوڻي ايس ايڇ او غلام نبي بجاراڻي، آباد ٿاڻي جي اڳوڻي ايس ايڇ او نبي بخش ڏاهاڻي، پوليس اهلڪار غلام مرتضيٰ عرف ڀٽو ٻرڙو، ممتاز ڪٽو، اسلم گورشاڻي ۽ شهزادو کوسو مٿان نوجوان سوشل ورڪر صدام لاشاري کي بيگناهه کنڀڻ ۽ بي ڏوهي قتل ڪرڻ جو الزام ثابت ٿيڻ تي اميرن پاران پوليس اهلڪارن مٿان هڪ ڪروڙ 20 لک خون جو عيوضو ۽ هڪ ڪروڙ خرچ رکيو ويو، مجموعي طور تي ٻه ڪروڙ 20 لک ڏنڊ وڌو ويو. جنهن مان جهولي جهلڻ تي 30 لک موقعي تي معاف ڪيا ويا،جڏهن ته 10 لک موقعي تي ادا ڪيا ويا، بقايا رقم هڪ ڪروڙ 80 لک هڪ سال اندر پوليس اهلڪار صدام حسين لاشاري جي وارثن کي هر ٻن مهينن ۾ 30 لک ادا ڪندا، ٻنهي ڌرين کي ڀاڪر پارائي کير کنڊ ڪيو ويو.جرڳي ۾ ڪيس ۾ ڄاڻايل پوليس اهلڪار عبدالمالڪ کوسو جيڪو فوت ٿي ويو آهي جنهن جو ذڪر به نه ڪيو ويو جڏهن ته هڪ خانگي ماڻهو غلام ياسين ٻرڙو سان فيصلو نه ڪيو ويو جنهن سان بعد ۾ ڪيو ويندو.غلام ياسين ٻرڙو پاران صدام لاشاري جي مٿان موٽر سائيڪل ڦر ڪرڻ جو ڪيس ٺل ٿاڻي تي داخل ڪرايو هو جنهن کانپوءِ پوليس کيس گرفتار ڪيو هو.
حق ۽ سچ جي فتح ٿي، اسان کي انصاف جي اميد هئي: وارث
ٺل:سوشل ورڪر صدام لاشاري جي وارثن عبدالوحيد بروهي رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته نيٺ سچ جي فتح ٿي آهي، اسان کي اميد هئي ته مقتول جي خون سان انصاف ٿيندو،عدالتي جاچ ۾ پوليس اهلڪار ڪوڙا ثابت ٿيا هئا،جنهن بعد راڄوڻي ذريعي نبيرو ڪندي ٺاهه ڪيو ويو آهي.مقتول جي وارثن پاران ميڊيا توڙي شهر جي سياسي سماجي اڳواڻن جو شڪريو ادا ڪيو،جن هنن جي احتجاجي تحريڪ ۾ ساٿ ڏنو.
صدام جي ڀينرن بيگناهه ڀاءُ لا احتجاج به ڪيا سوشل ميڊيا تي به آواز اٿاريو هو
ٺل: صدام لاشاري جي ڀينرن پنهنجي بيگناهه ڀاءُ لا احتجاج به ڪيا ۽ سوشل ميڊيا تي ڀرپور آواز اٿاريو هو، سڄي سنڌ ۾ ساڃاهه وندن ۽ لاشاري برادري پاران به احتجاج ڪيا هئا،پوليس صدام لاشاري کي ڏوهاري قرار ڏيڻ جون ڀرپور ڪوششون ڪيون ۽ 10 کان وڌيڪ مٿس ڪيس ظاهر ڪيا ويا، جيڪي پوليس ۽ فحاشي جا اڏا هلائيندڙ عورتن پاران داخل ڪرايا ويا ۽ ڪو به ڪيس ثابت نه ٿي سگهيو ۽ ڪنهن به ڪيس ۾ صدام لاشاري کي سزا نه آئي.صدام لاشاري جون ڪيتريون ئي آڊيو وائرل ٿيون جنهن ۾ فحاشي جا اڏا هلائيندڙ عورتن پاران کيس ڌمڪايو پئي ويو يا صدام لاشاري کان رشوت طلب ڪرڻ جي آڊيو پڻ منظر عام تي آئي هئي.
ايس ايچ او غلام نبي بجاراڻي صدام جي وارثن کان رشوت نه ملڻ تي جيڪب آباد پوليس حوالي ڪيو هو
ٺل: الزام هيٺ آيل ايس ايچ او غلام نبي بجاراڻي پاران سوشل ورڪر صدام لاشاري کي هوٽل تان گرفتار ڪيو بعد ۾ اي سيڪشن ٿاڻي تي رکيو ويو ايس ايچ او غلام نبي بجاراڻي پاران وارثن کان 10 لک گهريا نه ڏيڻ تي صدام لاشاري کي جيڪب آباد جي آباد پوليس حوالي ڪيو جنهن ڪوڙي مقابلي بعد قتل ڪيو ويو صدام لاشاري مٿان ڪوبه ڪيس ظاهر نه ڪيو ويو