ڪراچي ۾ پوليو هاءِ رسڪ بڻيل 85 يونين ڪائونسلن جي انتظاميا جي غيرسنجيدگي، چيف سيڪريٽري ڪاوڙجي پيو

آگسٽ 19, 2024

ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي)  ڪراچي ۾ پوليو جا ڦڙا پيئڻ کان رهجي ويل 11 لک ٻارڙن کي ڦڙا پيارڻ لاءِ هاءِ رسڪ قرار ڏنل 85 يونين ڪائونسلن ۾ 25 آگسٽ تائين شروع ڪيل خاص پوليو مهم جي شروع ٿيڻ شرط ئي انتظاميا ۽ عملي جي غيرسنجيدگي سامهون اچي وئي آهي. ان حوالي سان ڪالهه مهم شروع ٿيڻ بعد سنڌ جي چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاھ پاران لاڳاپيل اختيارين سان گڏجي شهر جي مختلف علائقن گلزار هجري، جمشيد ٽائون، ملير ۽ ٻين علائقن جا دورا ڪري انتظامن جو جائزو ورتو، ان موقعي تي گلزار هجري ۾ مبينا طور انتظام اڻپورا هجڻ سبب چيف سيڪريٽري پاران اسسٽنٽ ڪمشنر گلزار هجري تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي کيس چيو ته پوليو مهم دورا ڪنهن به قِسم جي غفلت برداشت نه ڪئي ويندي، چيف سيڪريٽري چيو ته ڪو به ٻار ويڪسينيشن واري عمل کان محروم نه ٿيڻ گھرجي، هن چيو ته ٻارڙن کي پوليو ڦڙا پيارڻ کان انڪاري والدين کي به مطمئن ڪري 100 سيڪڙو رزلٽ ڏنو وڃي. هوڏانهن ڊپٽي ڪمشنر ڪياماڙي پاران لوڪل گورنمينٽ بورڊ جي اختيارين کي خط لکي ڪياماڙي ۽ ٽي ايم سي بلديا ۽ ٽي ايم سي ماڙيپور جي 6 يوسي سيڪريٽرين جي ڊيوٽي تان غيرحاضر هجڻ واري نشاندهي ڪئي وئي آهي، ڊي سي ڪياماڙي جي اهڙي خط کان پوءِ لوڪل گورنمينٽ بورڊ جي اختيارين غيرحاضري ۽ غفلت جي الزام هيٺ آيل 6 يوسي سيڪريٽرين ياسر مگسي، غلام مرتضي چنا، مشتاق ڊومڪي، وزير ديناري، فرحان ۽ جمال بروهي کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي، لوڪل گورنمينٽ بورڊ جي اختيارين ڄاڻايل 6 ئي يو سي سيڪريٽرين کي نوٽيس ذريعي پابند بڻايو آهي ته پوليو ڊيوٽي تان غيرحاضر رهڻ واري معاملي تي تفصيلي وضاحت ٽن ڏينهن اندر جمع ڪرائي وڃي ٻي صورت ۾ سندن خلاف ڪاروائي ڪئي ويندي.

Leave A Comment