سياسي مافيا عزم استحڪام ناڪام ڪرڻ چاهي ٿي، ڊجيٽل دهشتگردي روڪڻي پوندي، 9 مئي جي ذميوارن کي اسپيس ڏنو ويو: آءِ ايس پي آر

جُولاءِ 23, 2024

راولپنڊي (م ڊ) ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چيو آهي ته فوج خلاف پروپيگنڊا جي حد ٿي وئي، سياسي مافيا عزم استحڪام آپريشن ناڪام بڻائڻ چاهي ٿي، ڊجيٽل دهشتگردي روڪڻي پوندي، عزم استحڪام فوجي آپريشن ناهي، سنجيده معاملا سياست جي ور نه چاڙهيا وڃن

عدالت 9 مئي جي جوابدارن کي ڍر ڏني ته وڌيڪ انتشار ڦهلجندو، هٿياربند فوج خلاف منظم پروپيگنڊا ۽ جعلي خبرن ۾ گذريل ڪجهه وقتن ۾ اضافو ٿيو آهي، ان ڪري ضروري آهي ته انهن معاملن تي بحث ڪيو وڃي ، ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته وڌندڙ ڪوڙ ۽ پروپيگنڊا کي نظر ۾ رکندي مسلسل پريس ڪانفرنسون ڪندا رهنداسين

ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چيو ته هن سال سيڪيورٽي فورسز 22409 انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ڪيا، آپريشن دوران 31 انتهائي گهربل دهشتگرد به مارجي ويا، ايجنسيون روزاني جي بنياد تي 112 آپريشن ڪري رهيون آهن هن چيو ته قومي ايپڪس ڪميٽي جو اجلاس 22 جون تي طئي ڪيو ويو هو

اجلاس ۾ لاڳاپيل وزير، وڏا وزير، چيف سيڪريٽري ۽ سمورا سروسز چيف موجود هئا اپيڪس ڪميٽي جي اجلاس جو پڌرنامو پڻ جاري ڪيو ويو، جنهن ۾ چيو ويو، اسان کي قومي اتفاق راءِ سان دهشتگردي خلاف پاليسي ٺاهڻي آهي، هن چيو ته انتهائي سنگين مسئلن کي سياست طور استعمال ڪيو پيو وڃي

عزم ان جو هڪ مثال آهي، عزم فوجي آپريشن نه پر دهشتگردي خلاف گڏيل مهم آهي، آپريشن عزم استحڪام کي تڪراري ڇو بڻايو پيو وڃي؟ ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته هڪ مضبوط لابي آهي جيڪا چاهي ٿي ته استحڪام خاطر هدف حاصل نه ڪيا وڃن، استحڪام جي عزم تي سياست ڪئي پئي وڃي، هڪ مافيا

سياسي مافيا ۽ غير قانوني مافيا ڇو اٿي بيٺا ۽ چوڻ شروع ڪيو ته ائين ٿيڻ نه ڏينداسين؟ هي سياسي مافيا چاهي ٿي ته آپريشن عزم استحڪام کي تڪراري بڻايو وڃي

ملڪ ۾ 32 هزار مدرسا، 50 سيڪڙو رجسٽرڊ ناهن، انهن کي ڪير پيو هلائي؟ جنرل احمد شريف

راولپنڊي: ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف وڌيڪ چيو ته اسان هر ڪلاڪ ۾ چار کان پنج آپريشن ڪري رهيا آهيون، پاڪستان ۾ 32 هزار کان وڌيڪ مدرسا آهن، 16 هزار مدرسا رجسٽرڊ آهن، انهن کان علاوه ٻيا مدرسا ڪٿي آهن، انهن کي ڪير هلائي رهيو آهي، 50 سيڪڙو مدرسا رجسٽرڊ ناهن، ڇا اهو ڪم فوج کي ڪرڻو آهي؟ 9 مئي کانپوءِ وڳوڙي ٽولي چيو هو ته فوج ماڻهن کي ڇو نه روڪيو گولي ڇو هلائي؟ بيانيو هلايو ويو ته فوج گولي نه هلائي ڇو ته اِهي فوج جا ماڻهو هئا، فوجي ٿاڪن تي ڪو شرپسند ايندو آهي ته پهريان وارننگ ڏني ويندي آهي ۽ هوائي فائرنگ ڪئي ويندي آهي ۽ پوءِ جيئن صورتحال کي منهن ڏنو ويندو آهي ائين ڪيو ويو.

بنون واقعي تي ناڪاري پروپيگنڊا ڪئي وئي، فوج ايس او پيز ۽ قانون موجب جواب ڏنو: ڊي جي

راولپنڊي: ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو آهي ته انتشار پسند گروپ بنون واقعي تي پروپيگنڊا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر پاڪ فوج ايس او پيز موجب صحيح جواب ڏنو راولپنڊي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته 15 جولاءِ تي بنون ۾ اسان جا 8 جوان شهيد ٿيا پر اسان جي ماڻهن انهن حملي آورن کي ماري ڇڏيو سڀ دهشتگرد جهنم وصل ٿي ويا ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف وڌيڪ چيو ته بنون واقعو ٿيو، عوام جو پرامن احتجاج هو، ٿيڻ گهرجي. انهن دهشتگردن خلاف ڀرپور مارچ ٿيڻ گھرجي ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته بنون جي ماڻهن چيو ته امن مارچ ڪنداسين، ان امن مارچ ۾ ڪجهه هٿياربند ماڻهو اڳ ۾ ئي شامل هئا، واپارين جي امن مارچ ۾ ڪجهه عنصر شامل ٿيا، انهن سپلائي ڊپو ۾ ان ڪري بنون ۾ فوج ايس او پيز موجب ڀرپور جواب ڏنو

هجوم ڪنٽرول ڪرڻ فوج نه صوبائي حڪومت جي ذميواري آهي: جنرل احمد

راولپنڊي: ڊي جي آءِ ايس پي ار جو وڌيڪ چوڻ هو ته  ته ميڙ کي ڪنٽرول ڪرڻ فوج جي نه پر صوبائي حڪومت جي ذميواري آهي، جيڪڏهن ڪو انتشار پسند گروهه اچي ٿو، انهن کي پهريان ڊيڄاريو ويندو آهي، پوء هوائي فائرنگ ڪئي ويندي آهي، جيڪڏهن اهو انتشار پسند گروپ بند نه ٿيو پوءِ ان سان جيڪو ڪرڻو آهي اهو ٿي چڪو آهي.

بنون واقعي ۾ هٿياربند به موجود، پريس ڪانفرنس ۾ فوٽيجز جاري

راولپنڊي: پاڪ فوج جي ترجمان جي پريس ڪانفرنس ۾ بنون واقعي جي فوٽيجز جاري ڪيون ويون، جنهن ۾ ڏيکاريو ويو ته مظاهرين ۾ ڪيترائي هٿياربند هئا، جنهن ۾ ڏيکاريو پيو وڃي ته  ڦرلٽ ڪئي پئي وڃي ۽ اتي هڪ عارضي ڀت به ڊاهي پٽ ڪئي وئي، ان جاءِ کان هڪ ڪلوميٽر پري هٿياربندن فائرنگ ڪئي ۽ جاني نقصان ٿيو.

Leave A Comment