پورت نٿي پوي: 74سيڪڙو ماڻهو خرچ گهٽائڻ ۽ ٻه ٻه نوڪريون ڪرڻ تي مجبور، پوءِ به قرضي
آگسٽ 8, 2024
اسلام آباد (م ڊ) ملڪ ۾ رڪارڊ مهانگائي پاڪستان جي شهري علائقن ۾ رهندڙ ماڻهن جي چيلهه ڀڃي ڇڏي آهي، مختلف شهرن ۾ رهندڙ ماڻهن کي مالياتي چيلينجن ۾ گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 14 سيڪڙو اضافو ٿي ويو آهي. پلس ڪنسلٽنٽ جي ڪيل تازي تحقيق ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته 74 سيڪڙو پاڪستاني پنهنجي موجوده آمدني ۾ پنهنجا خرچ پورا نه پيا ڪري سگهن. مئي 2023 ۾ انهن جو انگ 60 سيڪڙو هو. 74 سيڪڙو ماڻهن مان 60 سيڪڙو عام واهپي جي شين سميت ٻين خرچن ۾ گهٽتائي ڪئي، 40 سيڪڙو پنهنجا خرچ پورا ڪرڻ جي لاءِ پئسا اوڌر تي ورتا. تحقيق موجب انهن 74 سيڪرو ماڻهن مان 10 سيڪڙو اهڙا به آهن جنهن پنهنجا خرچ گهٽ ڪرڻ ۽ اوڌر تي رقم وٺڻ سان گڏوگڏ اضافي جزوي نوڪريون به ڪيون. خرچ گهٽ ڪندڙن مان اڌ ماڻهن جو چوڻ آهي ته هو ضروري خرچ گهٽ ڪرڻ جي باوجود پئسا نه پيا بچائي سگهن.