Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_4lci1hls2bnv7bjjuebb0pcqva, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
Top Right Archives - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar Top Right Archives - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • *ڀرياسٽي ۾ پوليس حراست دوران ڏوهارين جي فرار ٿيڻ وارو مامرو *ايس ايڇ او سميت 6 اهلڪارن کي پنجن ڏينهن جو رمانڊ پورو ٿيڻ تي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو *عدالت پاران ايس ايڇ او ۽ وڏي منشي سميت 4 اهلڪارن جي 20،20 هزار روپين عيوض ضمانت منظور*
  • *گمبٽ ۾ آبپاشي کاتي جي زمين تان قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ آپريشن جاري، ڪيترائي دڪان ڊاهي پٽ *اسسٽنٽ ڪمشنر جي نگراني ۾ عدالتي حڪم تي شادي هال، دڪان ۽ گهر ڊاهڻ جو سلسلو جاري *دڪاندار پاڪ ڪتاب کڻي دڪانن آڏو بيهي رهيا، فيصلو واپس ورتو وڃي: مطالبو*
  • *ڪورونا سبب ملڪ جا سمورا تعليمي ادارا بند ڪرڻ جو فيصلو *26نومبر کان ملڪ جا تعليمي ادارا بند ڪيا ويندا:شفقت محمود * تعليمي ادارن ۾امتحان به ملتوي ڪرڻ جو فيصلو:شفقت محمود *26نومبر کان 24 ڊسمبر تائين هوم لرننگ جاري رهندي:شفقت محمود *25ڊسمبر کان 10 جنوري تائين سياري جي موڪل هوندي:شفقت محمود اسڪولز، ڪاليجز، يونيورسٽيز ۽ ٽيوشن سينٽرز بند رهندا:شفقت محمود *11جنوري تي ملڪ جا تعليمي ادارا کولڻ جو اعلان: شفقت محمود تعليمي ادارا کولڻ بابت ڪورونا صورتحال جو جائزو ورتو ويندو:وفاقي وزير*
  • *لاڙڪاڻو: اوستا محمد ويجهو ڪار ۽ مزدا ۾ ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو *تيز رفتار ڪار گڏهه گاڏي کي بچائيندي مزدا سان ٽڪرائجڻ سبب 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا *زخمين کي چانڊڪا اسپتال نيو ويو جتي ڪار ڊرائيور محمد ابراهيم شاهه فوت ٿي ويو*
  • *ٺري ميرواهه ۾ شهرين پاران اسپتال ۾ دوائن ۽ سهولتن جي کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو، ٽائرن کي باهه *اسپتال ۾ نانگ ڪکيل ۽ ڪتن ڏاڙهيلن واري ويڪسين اڻلڀ آهي: مظاهرين*
  • *ٽنڊوجان محمد ۾ بوائز ڊگري ڪاليج جا 2 ليڪچرار ڪورونا جو شڪار *ڪورونا جا ڪيس ظاهر ٿيڻ تي مير حاجي خدابخش ٽالپر بوائز ڊگري ڪاليج هفتي لاءِ بند*
  • *سنڌهاءِ ڪورٽ ۾ آرزو راجا ڪيس جي ٻڌڻي *آرزو راجا والدين سان گڏ وڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، عدالت درخواست اڪلائي ڇڏي *پوليس اختياريون معاملي جي جاچ ڪري ماتحت عدالت ۾ رپورٽ جمع ڪرائين: عدالت *عدالت آرزو جي تعليم ۽ ٻين سهولتن جو انتظام ڪرڻ جي هدايت *روزانو گهرو کاتي جي طرفان ڪو نمائندو هڪ ڪلاڪ آرزو سان ملاقات ڪندو: عدالت *آرزو چاهي ته پنهنجو فيصلو واپس وٺي سگهي ٿي: عدالت*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ جعلي اڪائونٽس اسڪينڊل ڪيس جي ٻڌڻي *عدالت جوابدار شفقت ممتاز جي ريمانڊ ۾ 7 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي *نيب جوابدار شفقت ممتاز کي احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو *جيترو جلدي ٿي سگهي، جاچ مڪمل ڪئي وڃي:عدالت*
  • *دادو ۾ سڱاوتي تڪرار تان فائرنگ ۾ زخمي ٿيل نوجوان ڪراچي جي اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو *مقتول امتياز برهماڻي جو مڙهه داخل منتقل ڪيو پيو وڃي *
  • *غوثپور ويجهو ٽرالر جو رڪشا کي ٽڪر، ٻن عورتن سميت 4ڄڻا سخت زخمي *انڊس هاءِ وي تي انڙ اسٽاپ وٽ حادثو پيش آيو، زخمي اسپتال منتقل*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ آصف زرداري جو گهر سيل ڪرڻ خلاف ڪيس جي ٻڌڻي *احتساب عدالت جي نمبر هڪ جج محمد بشير جي موڪل سبب ٻڌڻي ڪارروائي کانسواءِ ملتوي *ڪيس جي ٻڌڻي 18 ڊسمبر تائين ملتوي ڪئي وئي *آصف زرداري ڪراچي جي ڪلفٽن ۾ قائم گهر کي سيل ڪرڻ خلاف درخواست داخل ڪرائي رکي آهي*
  • *اسلام آباد: وڪيلن جي بغير انٽري ٽيسٽ انرولمينٽ وارو معاملو *چئني صوبن جي وڪيلن جو سپريم ڪورٽ جي مک دروازي آڏو احتجاج، ايڇ اي سي خلاف نعريبازي *اسان کي اسان جي ووٽ جو حق واپس ڏنو وڃي: احتجاج ڪندڙ وڪيل *

سنڌ هاءِ ڪورٽ اين آءِ سي وي ڊي جي فنڊز ۾ مبينا گهوٻين واري معاملي جي جاچ لاءِ نيب کي گهربل رڪارڊ فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

ٻڌڻي دوران اين آءِ سي وي ڊي چيئرمين ڊاڪٽر نديم قمر طرفان نيب کي رڪارڊ ڏيڻ جي خاطري

ڊاڪٽر نديم قمر سوڌو ٻين جوابدارن جي عبوري ضمانت ۾ 16 ڊسمبر تائين واڌ ڪئي وئي

گهوٽڪي پوليس جو ضلعي جي مختلف علائقن ۾ ڪومبنگ آپريشن: 12 شڪي جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

گرفتار شڪي جوابدارن جي قبضي مان بغير لائسنس جي هٿيار ۽ موٽرسائيڪلون هٿ: ترجمان

ضلعي ۾ امن امان جي صورتحال کي بهتر بڻائڻ لاءِ آپريشن ڪيو پيو وڃي: ترجمان گهوٽڪي پوليس

گهوٽڪي ۾ هفتو اڳ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ زخمي نوجوان زخمن جي سٽ نه سهندي دم ڏئي ڇڏيو، وارثن جو ڌرڻو

ڏياري جي تقريب مان واپس ايندي هٿياربندن هٿان زخمي ٿيل نوجوان وجئه پرڪاش سکر جي اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو

نوجوانن کي زخمي ڪرڻ واري ڪيس ۾ پوليس ڪارروائي ڪري شڪ جي بنياد تي ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪيو هو

حڪومت هٿن مان نڪرڻ واري آهي ته عمران خان ڪورونا وائرس جون صدائون هڻڻ لڳو آهي: وزيراعظم جي ٽويٽ تي شيري رحمان جو ردعمل

اپوزيشن عمران خان ۽ ڪورونا وائرس ٻنهي کان عوام کي ڇوٽڪارو ڏياريندي : پ پ نائب صدر شيري رحمان

ڪورونا کي معمولي زڪام چوندڙ عمران خان کي اپوزيشن جي جلسن وقت ڪورونا ڇو ياد آيو آهي: شيري رحمان

سکر ۾ سيپڪو بجلي چورن خلاف ڪارروائي لاءِ نيب کان مدد حاصل ڪري ورتي: گڏيل ڪارروائي ۾ اربين رپين جون رهتون حاصل

سيپڪو اختيارين هلندڙ سال جي بجلي چوري جي  رپورٽ نيب سکر ڏانهن اماڻي هئي: ذريعا

بجلي چورن خلاف ڪارروائين ۾ هڪ سال دوران اٺ ارب رپيا وصول ڪيا: نيب سکر

سنڌ ۾ رولو ڪتن جو آزار ختم نه ٿيو، عورت ۽ نينگر سميت وڌيڪ 7 ڄڻا ڏاڙهجي زخمي ٿي پيا

 ڦلھڏيون ۾ ڇتي ڪتي عورت سميت 2 ڄڻن کي ڏاڙھي زخمي ڪري ڇڏيو

ڪنڌرا ۾ ڏهن ورهين جي نينگر کي اسڪول ويندي ڪتي ڏاڙهي وڌو

گهوٽڪي ۾ عدالتي حڪم بعد سي ايم او نادر شاهه سميت مختلف يوسي سيڪريٽيز مٿان رولو ڪتن جي ڏاڙهڻ جا 7 ڪيس داخل

اي سيڪشن ٿاڻي تي سي ايم او گهوٽڪي ۽ يوسي سيڪريٽيز مٿان سرڪاري فرياد تي ڪيس داخل

ميونسپل انتظاميا رولو ڪتن کي مارڻ جون ڪوششون نه ورتيون، جنهن سبب وڌيڪ ماڻهن کي ڪتن ڏاڙهيو: ڪيس

ڪراچي جي علائقي سچل ڳوٺ مان گم ٿيل سارنگ عرف سهيل ميراڻي ۽ بشير شر سميت 4 ڄڻن جي ميرپور خاص مان گرفتاري ظاهر

گرفتار جوابدارن سنڌ جي مختلف شهرن ۾ 11 هنڌن تي رينجرز مٿان ڪريڪر حملا ڪيا: سي ٽي ڊي

هنن جو واسطو پابندي مڙهيل تنظيم سان آهي، ايس آر اي کي را فنڊنگ ڪندي آهي: عمر شاهد

ميهڙ پوليس هڪ جوابدار سلطان عرف سُلطو جانوري کي بدنام ڏوهاري ڄاڻائي هاف فراءِ ڪري ڇڏيو: بدين ۾ به پوليس هڪ جوابدار کي ڦورو ڄاڻائي هاف فراءِ ڪيو

پوليس 2 ڏينهن اڳ گرفتار ڪيو، رشوت نه ڏيڻ تان هاف فراءِ ڪيو ويو: جوابدار سلطان

بدين ويجهو پوليس جوابدار اصغر باجوا کي ڦورو ڄاڻائي هاف فراءِ ڪيو: اسپتال منتقل

سکر ۾ حددخلين خلاف آپريشن دوران انتظاميا ۽ متاثرن ۾ چڪريون، 2 ڄڻا گرفتار، شهرين طرفان گهر ڊاهڻ کان اڳ ۾ نجي اسپتال جي عمارت ڊاهڻ جو مطالبو

آپريشن دوران ڪيترائي گهر ڊاهي پٽ ڪيا ويا، متاثرن طرفان مزاحمت

بااثرن جي گهرن کي نٿو ڊاهيو وڃي، اسان سان انصاف ڪيو وڃي:شهري

سکر ۾ سنڌ فوڊ اٿارٽي جي ٽيم جا شهر جي مختلف علائقن ۾ 20 کان وڌيڪ هوٽلز ۽ فوڊ پوائنٽس جا دورا، رجسٽرڊ ڪرائڻ جي سختي

هوٽلز تي غيرمعياري اٽو،سبزي توڙي صفائي به هجڻ تي هوٽل مالڪن تي ڪاوڙ جو اظهار

رجسٽرد نھ ٿيل ھوٽلز ۽ فوڊ مالڪن کي 2 لک روپين جا چالان ڏنا ويا آهن: عملدار

روهڙي ويجهو جاگيراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، هڪ ڄڻو مارجي ويو، 2 زخمي

ڳوٺ ڪلادي جاگيراڻي ۾گذريل ڏينهن جهيڙي دوران 3 ڄڻا زخمي ٿيا هئا

سرهو جاگيراڻي دم ڏئي ڇڏيو، نوجوان جي فوت ٿيڻ بعد ڌرين ۾ ڇڪتاڻ تيز

ملڪ جي تفريحي ماڳن مري، سوات ۽ ٻين هنڌن تي برفباري جو سلسلو جاري، سوات ۾ ڪالام روڊ ٽريفڪ لاءِ بند: برفباري سبب ريسٽورنٽ به بند

ڪي پي جي سياحت واري کاتي سياحن لاءِ نئون هدايت نامو جاري ڪري ڇڏيو

سياح تياري سان سفر ڪن، رات جو غير ضروري سفر کان پاسو ڪيو وڃي:سياحت کاتو

ڄام صاحب ڀرسان اغوا بعد قتل ڪيل نينگري نمرا رند جو مڙهه جنازي نماز بعد مٽيءَ ماءُ حوالي

جوابدار نينگري نرما جو لاش زرعي زمين ۾ ڦٽو ڪري ويا هئا: وارث

نينگري کي زيادتي جو نشانو بڻائڻ بعد قتل ڪيو ويو: چئوٻول

پي ٽي آءِ سرڪار جو ڪروڙين نوڪريون ڏيڻ وارو اعلان: پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائن جي 35 سئو ملازمن کي نوڪرين مان فارغ ڪرڻ جو منصوبو تيار

پي آءِ اي کي اربين جي بچت کي نظر ۾ رکندي 35 سئو ملازمن کي نوڪري مان ڪڍڻ جو فيصلو

ملازمن کي رضاڪاراڻي اسڪيم تحت اڍائي سالن ۾ رهتون ادا ڪيون وينديون: ذريعا
1 2 3 79