تازا ترين
  • *ڊاڪٽر ماها ڪيس مان ڊاڪٽر عرفان قريشي جو نالو ڇو خارج ڪيو، سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان ڊاڪٽر ماها ڪيس جي جاچ آفيسر تي ڪاوڙ جو اظهار*
  • *رمضان شگر ملز ڪيس ۾ حمزه شهباز جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *بلين ٽري سونامي پروگرام ڪير پيو هلائي، ڪٿي به ڪو وڻ ناهي پوکيو ويو، سپريم ڪورٽ بلين ٽري سونامي پروگرام جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو*
  • *اسٽيل ملز جا ملازم جبري برطرف ڪرڻ خلاف سراپا احتجاج بڻيل*ملير ۾ اسٽيل ملز جي مُک گيٽ آڏو وڏي تعداد ۾ ملازمن جو ڌرڻو، برطرف ٿيل ملازمن کي بحال ڪرڻ جو مطالبو*

ڪراچي ۾ دُعا منگي جي اغوا واري واقعي کي هڪ سال گذرڻ باوجود ڪيس جو ماسٽر مائينڊ پوليس جي پڪڙ ۾ نه آيو

واقعي ۾ زخمي ٿيل دعا منگي جو دوست حارث سومرو معذور بڻيل، پرڏيهه مان علاج اپيل

ٻه منٽ ڇڏيو نماز پڙهي اچان ٿو: گهوٽڪي جي علائقي سرحد ۾ غلط انجڪيشن هڻڻ جي الزام ۾ گرفتار ڊاڪٽر پوليس کي ڏٽو ڏئي لاڪپ مان فرار

انجيڪشن لڳڻ سبب بيهوش ٿيل نينگر شهبان شيخ جي حالت بدستور خراب، سکر ريفر

آرمي چيف ۽ وزيراعظم ملڪ کي بچائين، نه ته نيب اُن کي تباهه ڪري ڇڏيندو، انساني حقنجي فورمز تي به نيب جو مامرو اٿاريندس:ڊپٽي چيئرمين سينيٽ

آرمي چيف، وزيراعظم ۽ نيب چيئرمين کي آگاهه ڪندس ته نيب ڇا ڪري رهيو آهي:سليم مانڊوي والا

ڏهرڪي مان 15 ڏينهن اڳ اغو ٿيل ٻن ڄڻن مان هڪ نوجوان کي ڌاڙيلن گوليون هڻي زخمي ڪري ڇڏي ڏنو:ڀنگ نه ڏيڻ جي صورت ۾ ٻئي مغوي کي مارڻ جي ڌمڪي

پوليس زخمي مغوي سڪندر ميراڻي کي سول اسپتال گهوٽڪي منتقل ڪري ڇڏيو

فيض گنج ڀرسان اينٽي ڪرپشن زمين رڪارڊ ۾ ڦير ڦار جي الزام هيٺ تپيدار کي گرفتار ڪري ورتو

ڳوٺاڻا مزاحمت ڪري عملي کي يرغمال بڻائڻ بعد تپيدار کي ڇڏائي ويا: سرڪل آفيسر

ڪشمور واقعو: بهادري جو مثال قائم ڪندڙ اي ايس آءِ محمد بخش ٻرڙو جي مان ۾ آجياڻو، تمغه شجاعت ڏيڻ جو اعلان

تقريب ۾ محمد بخش ٻرڙو جي نياڻي کي ستاره امتياز ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو

سکر ڀرسان ڪوچ جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر، پوليس اهلڪار سميت 2 ڄڻا فوت، اهلڪار جو پٽ زخمي

فوتين ۾ پوليس اهلڪار غلام حيدر کوسو ۽ پورهيت منظور سولنگي شامل

ڏهرڪي ۾ ٽائيم نيوز جي صحافي تي تشدد واري مامري جو ايس ايس پي گهوٽڪي نوٽيس وٺي ڇڏيو، ڊي ايس پي اوٻاوڙو جاچ آفيسر مقرر

ايس ايڇ او ڏوهي نڪتو سندس خلاف ڪارروائي ڪبي: ايس ايس پي گهوٽڪي

ڏهرڪي ۾ پوليس گردِي، هڪ نوجوان کي ڏوهاري ڄاڻائي هاف فراءِ ڪرڻ بعد اسپتال ۾ ڪوريج لاءِ پهتل ٽائيم نيوز جي رپورٽر تي وحشياڻو تشدد

ايس ايڇ او صدورو لاشاري صحافي اعظم سهرياڻي کي اسپتال مان کنڀي تشدد جو نشانو بڻايو

اداڪاره ۽ هوسٽ وينا ملڪ کي اڳوڻي مڙس 50 ڪروڙ رُپين جي هرجاڻي جو نوٽيس اُماڻي ڇڏيو

دبئي ۾ به قانون ۽ شريعت موجب ٻارن جي سرپرستي جو حق مون وٽ آهي:وينا

ڪراچي ۾ ايف آءِ اي سائبر ڪرائيم ٽيم جي ڪارروائي: جعلي سائبر ڪرائيم سرڪل جو ايڊيشنل ڊائريڪٽر گرفتار

جوابدار ايف آءِ اَي جو عملدار بڻجي شهرين کي ڌمڪيون ڏئِي پيسا وصول ڪندو هو: اختياريون

رحيم يار خان ۾ مبينا اغوا بعد اجتماعي لڄالٽ جو نشانو بڻيل ناري اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو

چاچڙان شريف ۾ جوابدارن مهران بيبي کي مبينا اغوا بعد اجتماعي لڄالٽ جو نشانو بڻايو:وارث

ڪراچي ۾ سي ٽي ڊي جي ڪارروائي: ايم ڪيو ايم لنڊن سان واسطو رکندڙ مبينا ٽارگيٽ ڪلر ڪاشف عرف انصاري گرفتار

ٽارگيٽ ڪلر تي قتل، ڀتي خوري سميت مختلف سنگين ڪيس داخل آهن: سي ٽي ڊي

ن ليگ جي نائب صدر مريم نواز هيڏانهن هوڏانهن جون ڳالهيون ڪرڻ بدران سڌو چوي ته کين ڪيسز ۾ رليف ڏنو وڃي: وفاقي وزير فواد چوڌري

مريم نواز منجهيل آهي، کيس خبر نه آهي ته ڪرڻو ڇا آهي ۽ چوڻو ڇا آهي: فواد چوڌري

نيب اڳوڻي صوبائي وزير ۽ پ پ اڳواڻ منظور وساڻ خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثن جي جاچ مڪمل ڪري ورتي

منظور وساڻ خلاف جاچ رپورٽ هيڊڪوارٽر ڏانهن اُماڻي ڇڏي: نيب پراسيڪيوٽر

عدالت نيب کان پ پ اڳواڻ خلاف هيل تائين ٿيل جاچ جي اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪري ورتي
1 2 3 97