تازا ترين
  • *پي ڊي ايم طرفان 13 ڊسمبر تي لاهور جي مينارِ پاڪستان گرائونڊ تي جلسو ڪرڻ جو فيصلو*
  • *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طرفان نواز شريف اشتهاري قرار*
  • *اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ عبدالغني مجيد جي پارڪ لين ريفرنس ۾ حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *ملڪ ۾ قاتل وائرس ڪورونا وڌيڪ 75 ماڻهن کان حياتيون کسي ورتيون، 2 هزار 829 نوان ڪيس ظاهر*
  • *وفاقي وزير شبلي فراز جي نواز ليگ اڳواڻ اسحاق ڊار تي تنقيد، سچ اڳيان اسحاق ڊار جا هٿ پير ٿڌا ٿي ويا: شبلي فراز*
  • *ڪيسز ۽ گرفتارين سان عوامي احتجاجن کي نٿو روڪي سگهجي: پ پ اڳواڻ نيئر بخاري*
  • *عمران خان کي 13 ڏينهن جو الٽيميٽم ڏنو آهي، بهتر آهي ته استعيفيٰ ڏئي هليو وڃي: مريم اورنگزيب*عمران خان استعيفيٰ نه ڏني ته عوام کيس گهرڀيڙو ڪري ڇڏيندو: نواز ليگ اڳواڻ*
  • *پنجاب سرڪار شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي پرول تي آزادي ۾ هڪ ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي*

گهوٽڪي: ڳوٺاڻي تي تشدد ۽ تذليل وارو معاملو: جرڳو ڪندڙ وڏيري علي بخش چاچڙ سميت 2 جوابدار گرفتار، 7 جوابدارن خلاف ڪيس داخل

جرڳو ڪري زمين تي قبضو ڪيو ويو، ڪارنهن الزام ڪوڙو آهي، ڏنڊ نه ڀريندس: متاثر ڳوٺاڻو

گهوٽڪي(رپورٽ: ماجد سنگهڙ) گهوٽڪي ويجهو جرڳي خلاف عدالت ۾ وڃڻ تان ڳوٺاڻي کي تشدد ۽ تذليل جو نشانو بڻائڻ واري واقعي ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ مختلف ٿاڻي جي پوليس جا ڇاپا، جرڳو ڪندڙ وڏيري سميت 2 جوابدار گرفتار، 7 جوابدارن خلاف ڪيس داخل، گذريل ڏينهن عدالت مان واپسي تي ڪجهه جوابدارن ڳوٺاڻي جمال الدين عرف جمعو چاچڙ کي تشدد ۽ تذليل جو نشانو بڻايو ، اهڙي وڊيو سوشل ميڊيا ۽ ميڊيا تي هلڻ بعد گهوٽڪي پوليس حرڪت ۾ اچي وئي. ضلعي جي مختلف 7 ٿاڻن جي پوليس جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڳوٺ حاجي مولودي چاچڙ تي چڙهائي ڪئي، جتان جرڳو ڪندڙ وڏيري علي بخش چاچڙ ۽ پرويز چاچڙ کي گرفتار ڪيو ويو. جنهن بعد دادلو ٿاڻي تي وڏيري علي بخش، عبدالله، امان الله، پرويز، محراب علي، زمان علي ۽ عبدالرحمان چاچڙ خلاف متاثر ڳوٺاڻي جمال الدين چاچڙ جي فرياد تي ڪيس اخل ڪيو ويو. واضح رهي ته 25 ڏينهن اڳ ڪارنهن معاملي جو جرڳو ڪري نوجوان ٽريفڪ پوليس اهلڪار نذير احمد چاچڙ کي ڪارو قرار ڏئي سڱ چٽي ۽ 8 لک رپيا ڏنڊ جي فتويٰ ٻڌائي وئي هئي، جرڳي دوران به الزام هيٺ آيل اهلڪار جي والد جمال الدين فتويٰ مڃڻ کان انڪار ڪيو هو ۽ جرڳي خلاف عدالت ۾ پٽيشن داخل ڪرائي هئي. جنهن تي ڪالهه ٻڌڻي لاءِ گهوٽڪي جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيڪشن جج جي عدالت ۾ پيش ٿيڻ بعد واپسي تي کيس ڪجهه جوابدارن روڪي تشدد ۽ تذليل جو نشانو بڻايو. اهڙي وڊيو وائرل ٿيڻ بعد پوليس حرڪت ۾ آئي. متاثر شخص جمال الدين عرف جمعو چاچڙ پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته ڪارنهن جو ڪوڙو الزام آهي.جنهن جي آڙ ۾ جرڳو ڪري منهنجي 20 جريب زمين تي قبضو ڪيو ويو، سڱ چٽي ۽ 8 لک رپيا ڏنڊ وڌو ويو، جنهن بعد ڪمند جو فصل تباهه ڪري زمين آباد ڪرڻ نه ٿي ڏني وڃي، ڪوڙي الزام سبب ڪو به ڏنڊ ڀرڻ لاءِ تيار ناهيان، انصاف عدالت جو در کڙڪايو آهي.

سنجهورو ميونسپل انتظاميا جي سنگين لاپرواهي: شهرين کي پيئڻ جو پاڻي مهيا ڪندڙ لائينز مان مئل جانور ملڻ لڳا

شهرين پنهنجي مدد پاڻ تحت مئل گڏهه ڪڍيو، مُک روڊ تي مئل گڏهه رکي مظاهرو

حيدرآباد ۾ معصوم نينگري سان مبينا طور زيادتي جي ڪوشش: الزام ۾ چوڪيدار سوگهو، ڪيس داخل

چوڪيدار منهنجي نياڻي کي کنڀي بنگلي تي وٺي ويو ۽ زيادتي جي ڪوشش ڪئي: والد

لاڙڪاڻي ۾ پي ايس ٽي ٽيسٽ پاس اُميدوارن جو ڳچيءَ ۾ ماني ۽ هٿن ۾ ديڳڙا کڻي احتجاج: آفر آرڊرز ڏيڻ جو مطالبو

تعليم واري وزير سوڌو پ پ اڳواڻن سان ملياسين، سڀني ڪوڙا دلاسا ڏئي موٽائي ڇڏيو: مظاهرين

ميرپور ماٿيلو ڀرسان گرلز پرائمري اسڪول جي ڇِت جا چاپڙ ڪري پيا: شاگردياڻيون معجزاڻي نموني بچي ويون

شاگردياڻين جي اسڪول ۾ اسيمبلي هلي رهي هئي ته ڪلاس روم جي ڇِت جا چاپڙ ڪري پيا

ڪوٽڙي ۾ ٻن ڀائرن جي قتل ملوث 4 جوابدار 3 مهينن کانپوءِ گرفتار: پوليس اهلڪارن جي رائيفل سان مارڻ جو انڪشاف

گرفتار جوابدارن هڪ اهلڪار کان رائيفل ڦُر ڪئي، جنهن سان قتل ڪيا ويا: پوليس

ٺارو شاهه جي سهڙا ۽ ڏيٿا مائينر کي پاڻي نه مليو: فصل سُڪڻ لڳا: آبادگارن جو آبپاشي کاتي خلاف احتجاج

وونئڻ، ڪمند ۽ ڀاڄيون سُڪي رهيون آهن، پاڻي ڏئي نقصان کان بچايو وڃي: آبادگار

منهڙو: روهڙي ڪئنال کي گهارو لڳڻ سبب متاثرن جي اڃا واهر نه ٿي، ايم پي اي عارف مصطفيٰ جتوئي به 5 ڏينهن بعد پهتو، متاثرن جا ڏوراپا

ڊي سي جو رويو ٺيڪ ناهي، اوهان به واهر نه ڪندئو ته لٽجي وينداسين: متاثرن جي ايم پي اي کي ميار

منهڙو)رپورٽ: غلام شبير ڏاهري) منهڙو ويجهو روهڙي ڪئنال کي گهارو لڳڻ جي نتيجي ۾ 100 کان وڌيڪ ڳوٺ پاڻي هيٺ اچڻ واري واقعي کي 5 ڏينهن گذرڻ بعد تڪ جو چونڊيل نمائندو عارف مصطفيٰ جتوئي پهتو ته عوام سندس آڏو دانهون ڪيون ته هيل تائين انتظاميه توڙي سرڪار سندن ڪا به واهر ناهي ڪئي، اوهان به سار نه لهندئو ته پوءِ ته اسان لٽجي وينداسين، ايم پي اي متاثرن کي خاطري ڪرائيندي چيو ته پاڻي لهڻ کانپوءِ سروي ڪري نقصان جو ازالو ڪيو ويندو. فنڪشنل ليگ ايم پي اي عارف مصطفيٰ جتوئي جڏهن متاثر علائقن جو دورو ڪرڻ لاءِ پهتو ته اتي موجود متاثر ماڻهن کيس ڏوراپا ڏنا ته هيل تائين ڊي سي توڙي سنڌ سرڪار ڪا به واهر ناهي هئي، عارف مصطفيٰ جتوئي هڪ متاثر شخص کي جذباتي ڪوٺيو ته هن ردعمل ظاهر ڪندي کيس ميار ڏني ته جذباتي ناهيون، ڏک پهتو آهي، تڏهن دانهون پيا ڪيون، ڊي سي جو ف ليگ سان واڳيل ماڻهن سان رويو ٺيڪ ناهي. جنهن تي ايم پي اي کيس خاطري ڪرائيندي چيو ته پاڻي هيٺ لهندو ته نقصان جي سروي ٿيندي، جنهن بعد لسٽون ٺاهي مٿي اماڻيون وينديون ۽ پوءِ ازالو ٿيندو، اهو ئي سرڪاري طريقيڪار آهي. واضح رهي ته ڳوٺ يوسف ڏاهري سامهون روهڙي ڪئنال کي 5 ڏينهن اڳ گهارو لڳڻ جي نتيجي ۾ يوسي منهڙو ۽ مَصر جي واهه جا 100 کان وڌيڪ ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا، جنهن سبب ڪو جاني نقصان ته نه ٿيو پر لکين رپين جا فصل ٻڏي تباهه ٿي ويا ۽ ڪيترن ئي گهرن جون ڀتيون ڊهي پيون ۽ هيل تائين فصلن ۾ پاڻي بيٺل آهي، جڏهن ته ڳوٺ ٻاهرن بيٺل پاڻي نيڪال نه ڪرڻ سبب ڳوٺاڻا سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن.

اپوزيشن پارٽيز جي سڏ تي ڪارو ڏينهن: سنڌ جي مختلف شهرن ۾ حڪومت خلاف ريليون ۽ ڌرڻا

ڪراچي، حيدرآباد، سکر، خيرپور، گهوٽڪي، نواب شاهه ۽ ٻين شهرن ۾ مظاهرا

لاڙڪاڻي ويجهو ٽن ٻارن جي ماءُ بيهوشي واري حالت ۾ هٿ، مڙس تي بدپيشو ڪرائڻ جو الزام

اڻڄاتل ماڻهو هوٽل مان کنڀي ويا هئا، جنهن بعد بيوشي ٿي وئي هئس: عورت جو موقف

ڪوٽڙي جو سائيٽ وارو علائقو ورهين کان پيئڻ جي پاڻي کان محروم: شهري رستن تي نڪري آيا: انتظاميا خلاف نعريبازي

انتظاميا خاطريون ڪرائڻ باوجود پاڻي نٿي ڏئي، ڇا پيپلز پارٽي کي ووٽ ڏيڻ جي سزا آهي؟: شهري

توهان جڏهن به عدالت ايندا آهيو ته رڳو اختيارن لاءِ روئيندا پٽيندا آهيو: سُپريم ڪورٽ جا ميئر ڪراچي طرفان اختيارن جي شڪايت تي ريمارڪس

سُپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ ڪي ايم سي طرفان بلز ادا نه ڪرڻ واري معاملي تي ٻڌڻي

ذهني دٻاءُ جو شڪار آهيان، دٻاءُ ۾ ئي سُمهان ٿو (وسيم اختر) اڇا..!! (جسٽس گلزار احمد) سنڌ سرڪار کي وسيم اختر جا خدشا ٻڌڻ جي هدايت

هاءِ ڙي غربت: سنجهورو ويجهو عورت معذور ٻارن کي زهر ڏئي پاڻ به زهر پي ڇڏيو، نينگري فوت، 3 ٻار نازڪ حالت ۾ نوابشاهه ريفر

ٻار معذور آهن، مڙس ڪراچي ۾ مزدوري ڪندو آهي پر صحيح خرچ ناهي ڏيندو: عورت نجمه لغاري

پريالوءِ واسي 2 نوجوان سکر کان واپس ويندي گُم: موبائيل بند: وارثن اغوا جو شڪ ظاهر ڪري ڇڏيو

عطاءُ الله انصاري ۽ عبدالحميد موٽر سائيڪل تي واپس پئي ويا ته گُم ٿي ويا: وارث

ڪوٽڙي ريلوي اسٽيشن ڀرسان ٽرين جي انجڻ ۽ 2 بوگيون پٽڙيءَ تان لهي ويون، ڊائون ٽريڪ بند: مسافر معجزاڻي نموني بچي ويا

ملتان کان ڪراچي ويندڙ ٽرين جون بوگيون پٽڙيءَ تان لهڻ دوران مسافرن ۾ رڙيون پئجي ويون