تازا ترين
  • *وزيراعظم عمران خان پرڏيهي فنڊنگ ڪيس جي اوپن ٻڌڻي جو چئلنج ڏئي ڇڏيو *بيشڪ پرڏيهي فنڊنگ ڪيس ٽي وي تي لائيو ڏيکاريو وڃي: وزير اعظم *پرڏيهي فنڊنگ ڪيس ۾ پارٽي سربراهن کي ويهاري ٻڌڻ گهرجي: عمران خان *سياسي فنڊ ريزنگ رڳو تحريڪ انصاف ڪئي آهي: وزير اعظم عمران خان *
  • *ڪراچي: جڊيشل مئجسٽريٽ اوڀر جي عدالت ۾ مزار قائد جي مبينا بي حرمتي ڪيس *صفدر ۽ مريم نواز خلاف ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ قائد اعظم مئنيجمينٽ جي درخواست تي ٻڌڻي *درخواستگذار طرفان پيش ڪيل ٻن شاهدن جا بيان رڪارڊ *قائد جي مزار جي اڱڻ ۾ ڪيپٽن رٽائرڊ صفدر سياسي نعريبازي ڪئي: شاهدن جو بيان *عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي وڌيڪ شاهد کي گهرائي ورتو *
  • *لاڙڪاڻي ۾ اوڍا – جکراڻي خوني تڪرار جي نبيري لاءِ سرڪٽ هائوس ۾ جرڳو شروع *لاڙڪاڻو: جرڳو غوث بخش مھر ۽ منظور پنھور جي سرپئنچي ۾ شروع ٿي ويو، حفاظتي انتطام سخت *لاڙڪاڻو: جرڳي دوران جهيڙيندڙ ڌريون ۽ سندن چڱا مڙس به موجود*
  • *ملير جي عدالت قتل جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي ٽن جوابدارن کي موت جي سزا ٻڌائي ڇڏي *موت جي سزا مليل جوابدارن ۾ نادر علي، محمد يعقوب ۽ محمد زمان شامل *جوابدار 10لک رپيا معاوضو مقتول جي وارثن کي ادا ڪن: عدالت جو حڪم *جوابدارن ذوهيب نالي نوجوان کي ڀيڻ کي ڀڄائڻ جو الزام مڙهي قتل ڪيو هو: پوليس *مقتول ذوهيب جي پيءُ جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو هو: پوليس *
  • *ڪراچي: پاڪستان ڪوسٽ گارڊ پاران ڪارروائي، چرس جي اسمگلنگ واري ڪوشش ناڪام *ڪراچي: ناڪه کاري چيڪ پوسٽ تي ڪوچ تي ڇاپو هڻي چرس ۽ آفيم هٿ، هڪ جوابدار گرفتار *ڳجهي اطلاع تي وندر شهر وٽ ڪارروائي ڪري زمين ۾ پوريل هٿيار هٿ ڪيا ويا: ترجمان *هٿيار هٿ ڪري دهشتگردي جي وڏي ڪوشش کي ناڪام بڻايو ويو آهي: ترجمان*

پشاور هاءِ ڪورٽ پي ايم سي جا پيپرز طلب ڪيا آهن ته اهو غلط آهي، پيپر چيڪ ڪرڻ عدالت جو ڪم نه آهي: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

سپريم ڪورٽ واضح ڪري چڪي آهي ته عدالتون نصابي مامرن ۾ مداخلت نه ڪنديون: چيف جسٽس اطهر من الله

عدالت پي ايم سي کي انٽري ٽيسٽ ۾ بيقاعدگين بابت شاگردن جي شڪايتن جو ازالو ڪرڻ جي حڪم ڏئي ڇڏيو

پي ڊي ايم طرفان راولپنڊي اچڻ جو ڪوبه جواز نٿو ٺهي، ڪجهه پارٽيز طرفان فوج مٿان لڳايل الزامن ۾ ڪابه سچائي نه آهي: ڊي جي آءِ ايس پي آر

جيڪڏهن پي ڊي ايم وارا راولپنڊي آيا ته چانهه پاڻي پيئارينداسين، فوج تي تنقيد ۽ الزامن ۾ سچائي هجي ته جواب ڏيون: بابر افتخار

ڀارت، پاڪستاني عوام کي ورهائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، ڀارتي منصوبن جو سڀ کان وڌيڪ نشانو بلوچستان آهي: پريس ڪانفرنس

بجلي بريڪ ڊائون بعد مهانگائي سٽيل عوام کي هڪ ٻيو تحفو: نيپرا طرفان بجلي هڪ رپيو 6 پئسا في يونٽ مهانگي ڪرڻ جي منظوري

نوان اگهه جنوري مهيني جَي بلز ۾ لاڳو ڪيا ويندا، بجلي مهانگي ٿيڻ سان واهپيدارن تي هڪ ارب کان وڌيڪ بار پوندو

بجلي آڪٽوبر ۽ نومبر جي فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ مهانگي ڪئي وئي، نيپرا طرفان نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو

وفاقي سرڪار بجلي جَي بريڪ ڊائون جِي آزاد جاچ ڪرائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو اهڙي قسم جو بريڪ ڊائون ٿيو آهي:عمر ايوب

گڊو پاور پلانٽ جَي سرڪٽس ۾ فالٽ آيو ته هڪ سيڪنڊ اندر فريڪوئنسي ڊراپ ٿي وئي، بحال جو ڪم جاري آهي: وفاقي وزير

ماضي جي حڪومتن توانائي جي شعبي ۽ بجلي جي پيداوار تي ڌيان نه ڏنو، بجلي ملڪ لاءِ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿي:شبلي

وزيراعظم کوکليون ڳالهيون ڪري رهيو آهي، اسان ڪو به ميدان خالي نه ڇڏينداسين، عمران خان کي سليڪٽ ڪندڙ به بيزار ٿي چڪا آهن: وڏو وزير

پيپلز پارٽي هر علائقي ۾ بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت ۾ مضبوطي ڏانهن وڌي رهي آهي، مخالفن جا حوصلا خطا ٿي ويا آهن

مهانگائي ۽ بيروزگاري عوام کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي، رياست مدينه جون ڳالهيون ڪندڙ وزيراعظم کي عوام سڃاڻي ويو آهي

مچ ۾ دهشتگردن هٿان قتل ٿيل 11 پورهيتن جا مڙهه ڪوئيٽا ۾ دفنايا ويا، جنازي نماز ۾ وڏي انگ ۾ ماڻهن جي شرڪت، سيڪيورٽي سخت

مچ ۾ هزارا برادري جي 11 پورهيتن کي بيدردي سان قتل ڪيو ويو هو، حڪومتي ٽيم سان ڳالهين بعد ملڪ ۾ هنيل ڌرڻا ختم ڪيا ويا

ڪراچي، حيدرآباد، سکر ۽ لاڙڪاڻو سوڌو سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڌرڻا ختم ٿيڻ بعد ٽرئفڪ معمول تي اچي وئي

ڪوئيٽا نه وڃڻ جو ڪارڻ سڪيورٽي رسڪ نه پر وزيراعظم جِي انا ۽ ضد آهي، عمران خان بزدل ۽ بي حس ۽ سندس رويو فرعونيت وارو آهي:مريم نواز

وزيراعظم ٻڌائي ته ڇا ڌرڻي ۾ ويٺل عورتون ۽ ٻارڙا بليڪ ميلر آهن؟ هزاره برادري کي بليڪ ميلر چئي غرورو ۽ تڪبر تي ٻڌل بيان ڏنو آهي:مريم نواز

عمران خان چوندو آهي فوج سڀ ڄاڻي ٿي، ڇا فوج ڄاڻي ٿي ته اوهان ڪيترا بزدل آهيو، اوهان جي نااهلي سبب 22 ڪروڙ عوام متاثر ٿيو آهي:مريم

پاڪستان اهڙِي ڌرتي آهي، جتي شهيدن کي به احتجاج ڪرڻو پوندو آهي، هتي هر شئي مهانگي ۽ عوام جو رت سستو آهي: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو

رياست ماءُ جيان هوندي آهي، پر افسوس آهي ته اهو حق ادا ناهي ڪيو ويو، اسان مچ سانحي تي سياست نه ٿا ڪريون: مريم نواز

جيڪڏهن اوهان ذميواريون نڀائڻ ۾ ناڪام ٿي ويا آهيو ته پوءِ به همت ڪريو، ڪوئيٽا اچو ۽ متاثرن کي آٿت ڏيو: بلاول ۽ مريم جون ڌرڻي ۾ ڳالهيون

جيڪو عمران خان جو وفادار آهي، اُن کي غدار سمجهان ٿو، وزيراعظم وٽ ڪم جي ٽيم آهي پر کيس ڪم وٺڻ نه ٿو اچي: مولانا فضل الرحمان

مونکي نيب آڏو سرينڊر ڪرڻ جو مشورو ڏنو ويو، تاريخ شاهد آهي ته منهنجا ابا ڏاڏا ڪنهنجَي به سامهون نه جُهڪيا:پي ڊي ايم سربراهه

هن وقت ملڪ ۾ جيڪو معاشي بحران آهي، اُن جو مثال ملڪي تاريخ ۾ نه ٿو ملي: بنون ۾ جلسي کي فضل الرحمان جو خطاب

نواز شريف جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ لاءِ جيڪا راند کيڏي وئي، اُن سازش جو هڪ هڪ مهرو سامهون اچي رهيو آهي: مريم نواز

براڊ شيٽ ڪمپني کي نواز شريف خلاف ڪيسز ڳولڻ لاءِ 2 ڪروڙ 87 لک ڊالرز ادا ڪيا ويا: نون ليگ جي مرڪزي نائب صدر مريم نواز

ايون فيلڊ اپارٽمينٽس ڪيس جي به حقيقت سامهون اچي وئي، خدائي دعوائون ڪندڙ وساري ويهندا آهن ته ڪائناب جو نظام الله تعاليٰ هلائيندو آهي:مريم

پوليس چوڪي هجڻ باوجود مندر واقعو ڪيئن پيش آيو، ايجنسيز ڇا ڪري رهيون هيون، اهلڪارن جي معطلي ڪافي نه آهي: سپريم ڪورٽ

مندر جي اڏاوت لاءِ مولوي شريف کان پئسا  اوڳاڙيا وڃن، جيستائين کيسن مان پئسا نه  نڪرندا، هي ماڻهو ائين ڪندا رهندا

هن واقعي سان دنيا ۾ پاڪستان جي  بدنامي ٿي آهي، اهلڪارن جي معطلي  ڪافي نه آهي: چيف جسٽس جا ريمارڪس

پي ڊي ايم وٽ لانگ مارچ جو پلان موجود آهي، ماڻهن جي سهولت ۽ موسم جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي مارچ جو اعلان ڪيو ويندو:مريم نواز

بهاولپور جي عوام رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا، پي ڊي ايم استعيفيٰ ضرور ڏيندي: نون ليگ جي مرڪزي نائب صدر مريم نواز

وزيراعظم عمران خان 31 جنوري تائين عزت سان وڃڻ تي راضي نه ٿيو ته عوام ڪو ٻيو فيصلو ڪندو: مريم نواز جو ٽويٽ بيان

پنجاب کي طعنو ملندو رهيو آهي ته پنجاب ظلم خلاف ناهي اٿندو، هاڻي پنجاب ننڍن صوبن سان گڏ ظلم خلاف اٿيو آهي: مريم نواز

هِي عوامي سمنڊ اسلام آباد ڏانهن ويندو ته پوءِ ڇا ٿيندو؟ جنهن ڏينهن استعيفيٰ ڏينداسين، اُن ڏينهن حڪومت جو خاتمو ٿي ويندو:مريم نواز

جنهن وزيراعظم کي خبر ئي ناهي ته حڪومت ڪيئن هلائجَي، اهڙَي وزيراعظم کي گهر ڀيڙو ڪرڻ چاهيون ٿا:مريم نواز جو بهاولپور ريلي کي خطاب

 ڪٺ پتلي وزيراعظم ۽ نظام جي موجودگيءَ ۾ قومي ڊائلاگ وارو آپشن ممڪن نه آهي: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري

عوام دشمن وزيراعظم ۽ سندس حڪومت استعيفيٰ ڏئي ته صورتحال تي اهڙو سياسي رستو ڪڍي سگهجي ٿو، جنهن ۾ ڊائلاگ وارو آپشن به هجي

سليڪٽيڊ وزيراعظم اڃا به چوي ٿو ته ٽريننگ وٺي رهيا آهيون، وٽس مسئلن جو حل نه آهي ته استعيفيٰ ڏئي هليو وڃي

پي ڊي ايم پاران اڄ بهاولپور ۾ انتظاميه جِي اجازت نه ملڻ باوجود ريلي جون تياريون تيز، ريلي جِي ميزباني مريم نواز ڪندِي

ريلي کان اڳ پ پ، نون ليگ ۽ جَي يو آءِ جَي عهديدارن ۽ ڪارڪن خلاف ڪيس داخل ڪيا ويا

ايس او پيز جِي ڀڃڪڙي تان ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، بهاولپور انتظاميه پاران ريلي رد ڪرڻ لاءِ وارننگ جاري