تازا ترين
  • *تنگواڻي ويجهو موٽرسائيڪلن جو مستري گذريل ڏينهن کان پراسرار نموني لاپتا *ڪشمور واسي عبدالعزيز کوسو ٺل کان واپس ايندي گم ٿي ويو، پوليس کي اطلاع ڏنو آهي: وارث*
  • *دادو ۾ اهلڪار پاران زال تي مبينا ڪارنهن جو الزام لڳائڻ وارو مامرو *اهلڪار مظهر پنهور زال آسيه سان سيف هائوس ۾ ٻيهر ملاقات ڪري گهر هلڻ لاءِ راضي ڪري ورتو *دادو: پوليس اهلڪار مظهر پنهور عدالت پهچي آسيه سان ملاقات ۽ ٺاهه بابت آگاهه ڪيو*
  • *بخشاپور ويجهو انڊس هاءِ وي تي ڪاٺي پل وٽ عورت قتل *بخشاپور: علائقي واسين جي اطلاع تي پوليس پهچي مقتولا جو لاش اسپتال منتقل ڪيو *موٽرسائيڪل سوار عورت ۽ مرد عورت کي رستي تي لاهي گوليون هڻي فرار ٿي ويا: علائقي واسي*

لورالائي ۾ ڊي آءِ جي آفيس تي حملو، اهلڪارن سوڌو 9 ڄڻا شهيد، بنون ڌماڪي ۾ زال مڙس 4 ٻارن سميت مارجي ويا

لورالائي واري علائقي ۾ واقع ڊي آءِ جي آفيس تي حملو ٿيو، اهلڪارن سميت 9 شهيد، 21 زخمي، فورسز جي فائرنگ ۾ 2 دهشتگرد به مارجي ويا

بنون ۾ ٻار گهر اندر راڪيٽ گولي سان کيڏي رهيا هئا ته ڦاٽي پيو، ڌماڪي ۾ زال مڙس ۽ سندن 4 ٻار مارجي ويا: پوليس

”هاڻ ٿاڻن تي ايف آءِ آر بدران آءِ آر داخل ٿيندي“: سنڌ سرڪار قانون ۾ ترميم جو فيصلو ڪري ورتو، دهشتگردي ايڪٽ ۾ ترميم ڪريون پيا: مرتضيٰ وهاب

ٿاڻن تي آءِ آر داخل ٿيڻ سان گرفتاري نه ٿيندي، احتجاج ڪندڙن تي دهشتگردي ايڪٽ نه لڳڻ گهرجي: صوبائي صلاحڪار مرتضيٰ وهاب

آءِ آر داخل ٿيڻ بعد الزام هيٺ آيل کي لازمي طور پوليس آڏو پيش ٿيڻو پوندو، ڏوهه ثابت ٿيڻ بعد جوابدار کي گرفتار ڪيو ويندو: ڪراچي ۾ ڳالهيون

”مالي وسيلن جي ورڇ ۾ آمدني جي شرح وڌايو“ سنڌ ڪيس تيار، سيڪيورٽي ۽ فاٽا لاءِ خاص پول جي مخالفت

هن وقت ايف بي آر سيلز ٽيڪس وصول پيو ڪري، جنهن کي سنڌ روينيو بورڊ بهتر نموني وصول ڪري سگهي ٿو: مراد علي شاهه

18 هين ترميم هيٺ متروڪه جائدادن تي ڪيپيٽل گين ٽيڪس جي وصولي جا اختيار صوبن کي ملڻ گهرجن

نوابشاهه جي قائد عوام يونيورسٽي ۾ پوليس گردي، شاگردن تي بدترين تشدد، 3 رتو رت، 22 کنڀي وئي، 2 ڪيس به داخل

ٻن شاگرد گروپن ۾ منهن ماري کانپوءِ پوليس ۽ رينجرز اٽالن شاگردن کي هاسٽل جي ڪمرن ۾ بند ڪري بدترين تشدد جو نشانو بڻايو

پوليس جي تشدد ۾ 3 شاگرد زخمي، پوليس اهلڪار 22 شاگردن کي گهلي گاڏين ۾ کڻي ويا، 2 ڪيس به داخل ڪري ڇڏيا

نوابشاهه (رپورٽ: اياز ڏاهري) قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي جي ٻن شاگرد گروپن ۾ معمولي جهيڙي تان نوابشاهه پوليس ۽ رينجرس جي وڏن اٽالن چڙهائي ڪري هاسٽل ۾ رهندڙ شاگردن کي ڪمرن ۾ بند ڪري هاسٽلن جا در بند ڪري سخت تشدد جو نشانو بڻايو، جنهن سبب سجاد هشباڻي، سيد مهتاب شاهه سميت 3 شاگرد زخمي ٿي پيا، جڏهن ته پوليس آدم علي رند، مدثر علي جتوئي، زوهيب علي ميمڻ، نادر علي عامر، اشفاق احمد سولنگي، نسيم الله پٺاڻ، سجاد علي بليدي، اسدالله سومرو، عميص بروهي ۽ آڪاش بروهي کي پوليس اهلڪارن سخت تشدد جو نشانو بڻائڻ کانپوءِ گرفتار ڪري تعلقي ٿاڻي تي لاڪپ ڪري ڇڏيو، جڏهن ته تعلقي ٿاڻي نوابشاهه تي قائد عوام يونيورسٽي جي سيڪورٽي آفيسر فرحان علي ڀٽي جي فرياد تي سجاد هسباڻي، زوهيب رند، آدم رند، امجد سدزوئي، مدثر جتوئي، ابراهيم جتوئي عميص بروهي، علي شير بروهي، خرم ملڪ، امام علي بروهي ۽ ٻين تي ايف آئي آر داخل ڪرائي ڇڏي، جڏهن ته يونيورسٽي انتظاميه پاران هڪ ٻي ايف آئي آر مذڪوره سجاد هسباڻي، زوهيب رند، آدم رند، امجد سدزوئي، مدثر جتوئي، ابراهيم جتوئي عميص بروهي، علي شير بروهي، خرم ملڪ، امام علي بروهي تي ٻيو ڪيس داخل ڪري ورتو آهي، جڏهن ته هاسٽل جي ٻاهران شاگردن ڪاشف ۽ امبر جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪندي چيو ته شاگردن جي معمولي جهيڙي تي اڄ پوليس ائين ڪاروائي ڪئي آهي جيئن هتي مستقبل جا انجنيئر نه پر دهشتگرد لڪيل هجن، هنن چيو ته پوليس معصوم شاگردن تي سخت لٺباري سميت سخت تشدد ڪري انهن کي گرفتار ڪيو آهي جيڪو مذمت جوگو عمل آهي، هنن چيو ته اڄ جي هن پوليس جي آپريشن مان شاگردن ۾ خوف ۽ حراس ڇانئجي ويو آهي ۽ اسان جا مائٽ پڻ سخت پريشان آهن، ٻئي طرف يونيورسٽي جي چيف سيڪورٽي آفيسر باقر علي زرداري چيو ته شاگردن جي ٻن گروپن ۾ صبح جهيڙو ٿيو هو جنهن جو ڪيس اسان شاگردن تي تعلقي ٿاڻي تي داخل ڪرايو جنهن تان ٻيهر ٻنهي شاگرد ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو ۽ نتيجي ۾ شاگردن هاسٽلن ۾ ڀنڃ ڊاهه ڪري لکن جو نقصان ڪيو آهي، هن چيو ته اسان گرفتار ڪيل شاگردن تي ڪيس داخل ڪرايو آهي، هوڏانهن ڊي ايس پي صدر آصف پيچوهو جو چوڻ هو ته شاگردن تي ڪيس داخل ٿيل هو ۽ اسان گرفتار ڪرڻ وياسين شاگردن پوليس سان مزاحمت ڪئي جنهن تي اسان 22 شاگرد گرفتار ڪيا آهن جن تي اسان يونيورسٽي جي سيڪورٽي آفيسر جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو آهي، هوڏانهن جڏهن ميڊيا جي ٽيم ڪوريج ڪرڻ لاءِ پهتي ته ميڊيا کي ڪوريج کان روڪيو ويو ۽ اُتي موجود اهلڪارن ميڊيا سان بدتميزي ڪئي، جڏهن ته هڪ خانگي ٽي وي جي ڪيمرامين تي اُلرون ڪيون ۽ بدتميزي ڪئي ۽ ڪيمرائيون ڦرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جڏهن ته ميڊيا سان اهڙي روئي تي نوابشاهه جي ميمبرن ۽ صحافين ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته آهي آزاد ميڊيا تي اهو وار آهي ۽ جيڪڏهن بدتيمزي ڪندڙ اهلڪارن معافي نه ورتي ته آئنده لائحه عمل جوڙيو ويندو.

نوابشاهه جي قائد عوام يونيورسٽي ۾ پوليس گردي

آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر مني لانڊرنگ اسڪينڊل ۾ سُپريم ڪورٽ جي 7 جنوري واري فيصلي کي چئلينج ڪري ڇڏيو

جي آءِ ٽي رپورٽ مفروضن تي ٻڌل آهي، فيصلي سان فيئر ٽرائل وارو حق متاثر ٿئي ٿو: وڪيل لطيف کوسه طرفان داخل درخواست ۾ موقف

سُپريم ڪورٽ فيصلي ۾ نيب کي جي آءِ ٽي رپورٽ تي جاچ ڪرڻ، ريفرنس پنڊي ۾ داخل ڪرڻ ۽ جي آءِ ٽي کي نيب سان سهڪار ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو

ايوان صدر، وزيراعظم سيڪريٽريٽ، قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ ڪوٽا سسٽم جي لتاڙ: پنجاب جي هڪ هٽي: سنڌ نظر انداز

ايوان صدر جي ملازمن ۾ 75، وزيراعظم سيڪريٽريٽ ۾ 74، قومي اسيمبلي ۾ 70 ۽ سينيٽ ۾ 59 سيڪڙو ملازم پنجاب جا مقرر ٿيل

صدارتي سيڪريٽريٽ (پبلڪ ) ۾ گريڊ هڪ کان 22 جي 292 ملازمن مان پنجاب جا 218، سنڌ ٻهراڙي جا 13، سنڌ شهري جا 9 ملازم مقرر ٿيل

هتي ملڪيتن بابت پُڇڻ تي به گوڙ ڪيو وڃي ٿو ته ”جمهوريت خطري ۾ پئجي وئي آهي“: وزيراعظم عمران خان

جمهوريت ۾ ميرٽ هوندي آهي، بادشاهت نه، احتساب کانسواءِ جمهوريت نه ٿي هلي سگهي: وزيراعظم عمران خان

ڪرپشن سبب سيڙپڪار ٻاهر هليا ويا هئا، هاڻ واپس اچي رهيا آهن، احتساب کانسواءِ جمهوريت نه ٿي هلي سگهي: ڪانووڪيشن کي خطاب

سنڌ يونيورسٽي ۾ وي سي ۽ اظهر شاهه گروپ وچ ۾ پيدا ٿيل تڪرار تيز: اظهر شاهه گروپ طرفان سومر تي ڪارو ڏينهن ملهائڻ جو اعلان

سنڊيڪيٽ جي اجلاس ۾ عرفانه ملاح گروپ جا ميمبرز شامل ٿيا، اسان جا نه: اظهر شاهه

ڪلاسز آڏو رنڊڪ برداشت نه ڪنداسين، صبر کي ڪمزوري نه سمجھيو وڃي: وي سي

”آصف زرداري کي نه ڇڏينداسين“ پي ٽي آءِ طرفان اڳوڻي صدر جي نااهليءَ لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائڻ جو فيصلو

پي ٽي آءِ اڳواڻ عثمان ڊار ۽ خرم شير زمان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائيندا، آصف زرداري کي نه ڇڏينداسين: عثمان ڊار

مناسب فورم تي رابطو ڪيو وڃي: سُپريم ڪورٽ جي رجسٽرار اڳوڻي صدر جي نااهليءَ لاءِ درخواست اعتراض لڳائي واپس ڪري ڇڏي هئي

سپريم ڪورٽ جي حڪم تي ڪراچي ۾ هوٽل ۽ گهر ڊاهڻ کان انڪار، دٻاءُ پيو ته استعيفيٰ ڏيندس: سعيد غني

عدالتي حڪمن تي عمل نه ٿا ڪري سگهون، ڪجهه پلاٽن تي عمارتون ڪورٽن جي فيصلن تحت ٺهيون اهي ڪيئن ڊاهيون؟

شهر ۾ حد دخلين جي خاتمي لاءِ وڏو پيسو ۽ وقت گهربل هوندو آهي، هڪ ئي وقت لکين ماڻهن کي بيروزگار به نٿو ڪري سگهجي

سنڌ اسيمبلي: ايم پي اي رمضان گهانچي تي حملي خلاف پي ٽي آءِ جو احتجاج، ايوان مڇي مارڪيٽ بڻجي ويو

پي ٽي آءِ ميمبر اسپيڪر جي روسٽرم آڏو ڌرڻو هڻي ويهي رهيا، مذمتي ٺهراءُ پيش ڪرڻ جي اجازت نه ملڻ خلاف نعريبازي

مذمتي ٺهراءُ پيش ڪرڻ نه ڏنو ويو ته ڪارروائي هلڻ نه ڏينداسين: اپوزيشن ليڊر فردوس شميم نقوي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ پي ٽي آءِ ايم پي اي رمضان گهانچي جي زخمي ٿيڻ واري واقعي خلاف مذمتي ٺهراءُ پيش ڪرڻ جي اجازت نه ڏيڻ تان سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن جو احتجاج، ايوان مڇي مارڪيٽ بڻجي ويو. پي ٽي آءِ ۽ ٻين اپوزيشن ميمبرن اسپيڪر جي ڊائيس آڏو ڌرڻو هڻي ويهي رهيا.
اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت ۾ سنڌ اسيمبلي جو اجلاس جيئن ئي شروع ٿيو ته اپوزيشن ليڊر فردوس شميم نقوي چيو ته گذريل رات اسان جو ايم پي اي رمضان گهانچي گولي لڳڻ سبب زخمي ٿيو، ان ڪري سڀ کان پهريان اسان کي مذمتي ٺهراءُ پيش ڪرڻ ڏنو وڃي.
اسپيڪر آغا سراج دراني چيو ته اسيمبلي قاعدن موجب سوال جوابن جي ايجنڊا کانپوءِ ئي ٺهراءُ پيش ڪري سگهجي ٿو. اپوزيشن ليڊر چيو ته رمضان گهانچي عام ماڻهو ناهي، هن ايوان جو ميمبر زخمي ٿيو آهي. تنهنڪري پهرين ٺهراءُ پيش ڪرڻ ڏنو وڃي.
ان موقعي تي حڪومتي بئنچن تان سعيد غني ۽ ٻين ميمبرن به اهڙي ٺهراءُ جي مخالفت ڪئي. جنهن تي مخالف ڌر جي ميمبرن شديد احتجاج ڪيو.
احتجاج دوران ايوان نعرن سان گونجندو رهيو، مخالف ڌر جا ميمبر اسپيڪر جي ڊائيس آڏو ڌرڻو هڻي ويهي رهيا. جنهن سبب اسپيڪر 10 منٽن لاءِ ڪارروائي ملتوي ڪئي، تيستائين اپوزيشن جو ڌرڻو به جاري رهيو.
اجلاس ٻيهر شروع ٿيو ته اسپيڪر سوالن جواب جي ايجنڊا شروع ٿي ته سڀ کان گهڻا سوال ڪندڙ جي ڊي اي ايم پي اي عارف مصطفيٰ جتوئي چيو ته مان پنهنجن سوالن تان هٿ ٿو کڻان، پر اسپيڪر چيو ته سوال ايجنڊا جو حصو آهن ۽ ايوان ۾ اچي به چڪا آهن. تنهنڪري ميمبر ضرور سپيلمينٽري سوال پڇندا. جنهن بعد صوبائي وزير ناصر شاهه کان سوال پڇڻ وقت اپوزيشن ميمبر احتجاج ڪندا رهيا، جنهن بعد اسپيڪر اجلاس جي ڪارروائي سومر منجهند 2 وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
اجلاس بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي حليم عادل شيخ چيو ته پ پ پارلياماني اصولن جون ڌڄيون اڏائي ڇڏيون آهن، هڪ ايم پي اي تي حملو ٿيو پر ايوان ۾ ڳالهائڻ جو موقعو ئي نه ڏنو ويو. پ پ ناڪام ٿي چڪي آهي، شهلا رضا ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پي ٽي آءِ ميمبرن کي اسيمبلي جا قاعده پڙهڻ گهرجن، هو ايوان کي يرغمان بڻائڻ چاهين ٿا، هنن احتجاج ڪري اجلاس جي ڪارروائي هلڻ نه ڏني.

سنڌ اسمبلي

ڏهرڪي ۾ شاگردياڻي کي تنگ ڪرڻ جي الزام هيٺ آيل نوجوان لاڪپ مان آزادي بعد پراسرار نموني فوت: پوليس جو ڪردار به شڪي بڻجي ويو

ارشد ملڪ ڌيءَ کي تنگ ڪرڻ جي الزام ۾ شاگرد عبدالغفور چنو کي لاڪپ ڪرائڻ بعد آزاد ڪرايو، نوجوان جو موت زهر پيئڻ سبب ٿيو: ڊاڪٽر

غفور کي زهر پياري ماريو ويو، ڪيس داخل ڪرائبو(نوجوان جي وارثن جو الزام)ڌيءَ کي تنگ ڪرڻ تي نوجوان کي گرفتار ڪرايو: ارشد ملڪ

”پهرئين علاج بعد ۾ جاچ“، خانگي اسپتالون به ايمرجنسي ۾ علاج جون پابند، زخمين جو ڪيس کان اڳ علاج ڪرڻ جو بل سنڌ اسيمبلي ۾ پيش

اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت هيٺ اجلاس، مراد علي شاهه سنڌ انجرڊ پرسنز ڪمپلسري ميڊيڪل ٽريٽمينٽ ايڪٽ پيش ڪيو

بل جي پاس ٿيڻ بعد سرڪاري توڙي خانگي اسپتالون ڪنهن به زخمي جو علاج ڪرڻ جون پابند هونديون: مراد علي شاهه

ڪراچي (رپورٽ: دودو چانڊيو) سنڌ اسيمبلي اجلاس ۾ زخمين جي فوري علاج لاءِ بل پيش، پي آءِ اي جي هيڊ آفيس ڪراچي کان اسلام آباد شفٽ ڪرڻ، ڪوهستان جي ڳوٺاڻن کي مالڪاڻا حق ڏيڻ ۽ لياري لاءِ ماسٽر پلان ٺاهڻ وارا ٺهراءَ منظور ڪيا ويا. اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه سنڌ انجرڊ پرسنز ڪمپلسري ميڊيڪل ٽريٽمينٽ ايڪٽ پيش ڪندي چيو ته هن بل جي پاس ٿيڻ بعد سرڪاري توڙي خانگي اسپتالون ڪنهن به زخمي جو علاج ڪرڻ جون پابند هونديون. هي بل ڊفينس واري علائقي ۾ زخمي ٿيل ٻارڙي املهه نالي سان منسوب ڪيو آهي، هن بل جي پاس ٿيڻ بعد سموريون سرڪاري ۽ غير سرڪاري اسپتالون ڪنهن به قسم جي زخمي جو علاج ڪرڻ جون پابند هونديون، جيڪا اسپتال ڪنهن به زخمي جو علاج نه ڪندي ته ان خلاف قانوني ڪارروائي ٿيندي، جنهن ۾ 5 لک رپيا ڏنڊ، ذميواري ماڻهوءَ جي گرفتاري ٿيندي، ڪيس سيشن ڪورٽ ۾ ٻڌو ويندو. ڪنهن به زخمي کي کڻي ايندڙ شخص کي اسپتال جو عملو حراسان نه ڪري سگهندو ۽ نه ئي زخمي کان قانون لاڳو ڪندڙ ڪو ادارو علاج کان پهرين جاچ ڪري سگهندو. اهڙو بل اسٽينڊنگ ڪميٽي حوالي ڪيو ويو آهي، جيڪو سومر واري ڏينهن پاس ڪيو ويندو. ان کان اڳ پ پ ايم پي اي ندا کهڙو ٺهراءُ پيش ڪيو ته پي آءِ اي جي هيڊ آفيس شروع کان وٺي ڪراچي ۾ هئي پر تازو وفاقي حڪومت اسلام آباد شفٽ ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو آهي. اسيمبلي اهڙي عمل جي مذمت ٿي ڪري. ندا کهڙي پنهنجي ٺهراءُ جي حمايت ۾ ڳالهائيندي چيو ته وفاقي سرڪار جو ڪراچي ڏانهن تعصباڻو رويو آهي، وفاقي فيصلن سبب سنڌ جي ماڻهن ۾ احساسي محرومي وڌي رهي آهي. ٺهراءُ جي حمايت ۾ ڳالهائيندي ايم ڪيو ايم اڳواڻ ڪنور نويد چيو ته ڪراچي سان مسلسل ناانصافيون ڪيون پيون وڃن. اڳ گادي جو هنڌ ڪراچي مان منتقل ڪيو ويو، پوءِ بئنڪن جون هيڊ آفيسون لاهور منتقل ڪيون ويون ۽ هاڻي پي آءِ اي جي هيڊ آفيس اسلام آباد منتقل ڪئي وئي آهي، جيڪا ناانصافي آهي. سنڌ اسيمبلي اهڙو ٺهراءُ اتفاق راءِ سان منظور ڪري ڇڏيو. اسيمبلي اجلاس ۾ پ پ جي ٺٽي مان چونڊيل رياض شاهه شيرازي ٺهراءُ پيش ڪيو ته ڪراچي اندر ڳوٺن کي پڪو ڪري ماڻهن کي مالڪاڻا حق ڏنا پيا وڃن پر ڪوهستان جي اندر اڃا تائين روينيو کاتو ان قسم جون ڪوششون نه پيو وٺي، انڪري اجلاس مان ٺهراءُ پاس ڪري گهر ڪئي وئي ته ٺٽي ۽ ڪوهستان واري علائقي ۾ ماڻهن کي مالڪاڻا حق ڏنا وڃن. اسيمبلي مان اهو ٺهراءُ پڻ اتفاق راءِ سان منظور ڪيو ويو. ايم ايم اي سان تعلق رکندڙ عبدالرشيد سنڌ اسيمبلي ۾ ٺهراءُ پيش ڪيو ته لياري ڪراچي جو قديمي علائقو آهي، حڪومتي بي ڌياني سبب لياري تباهه حال آهي، انڪري لياري جي ترقي لاءِ صوبائي حڪومت ماسٽر پلان تيار ڪري. سنڌ اسيمبلي اجلاس مان اهو ٺهراءُ پڻ اتفاق راءِ سان منظور ڪيو ويو.

سنڌ اسيمبلي

”ماڻهو موجوده نظام مان مايوس ٿي چڪا آهن“ سنڌ هاءِ ڪورٽ گم ٿيل ماڻهو بازياب نه ٿيڻ تي ناراض، چيف ۽ گهرو سيڪريٽري کان وضاحت طلب

پيرسن عورتون اولاد جي بازيابي لاءِ دربدر آهن، هاڻ ته ڪيس جي پيروي به نٿيون ڪن، ماڻهو نظام مان مايوس ٿي ويا آهن: عدالت

ايترا ماڻهو گم آهن، ڪنهن کي پرواهه ئي ناهي: عدالت طرفان آءِ جي ۽ ڊي جي رينجرز سنڌ کي به جواب ڏيڻ جو حڪم

”شاگرد عاطف آپگهات ڪيو “: ڄامشورو پوليس جاچ رپورٽ تيار ڪري ورتي

جاچ دوران لمس انتظاميا، شاگرد عاطف جي دوستن، چاچي ۽ والدين جا بيان رڪارڊ ڪيا ويا، شاگرد ذهني دٻاءُ جو شڪار هو: ايس ايس پي توقير نعيم

عاطف پنهنجي دوستن سان به پريشانين جو ذڪر ڪندو رهيو، سندس دوست عبدالرافع جو واقعي ۾ ڪوبه ڪردار ناهي: پنهنجي اخبار سان ڳالهيون