تنگواڻي (ن پ ا) تنگواڻي ۾ شهر جي ٿاڻي اڳيان ڪنوار مسمات پرويزان خاتون ڌيءُ اسماعيل بجاراڻي ٽريڪٽر تان ٽپو ڏئي ٿاڻي ۾ تحفظ لاءِ پهتي، ڳوٺ نار مائينر رهواسي ڪنوار مسمات پرويزان خاتون ٻڌايو ته هُن کي زبردستي ٻڍو بگٽي کي چاچي 10 لک روپين عيوض وڪرو ڪري پرڻايو هُن چيو ته هو شادي ڪرڻ نه ٿي چاهي، تحفظ ڏنو وڃي.
آصف زرداري، نواز شريف ۽ پي ڊي ايم سربراهه فضل الرحمان ۾ ٽيليفونڪ رابطو، وزيراعظم عمران خان کان استعيفيٰ جو مطالبو
آصف زرداري سينيٽ چونڊن ۾ يوسف رضا گيلاني جي حمايت ڪرڻ تي ٻنهي اڳواڻن جا ٿورا مڃيا
حڪومتي ميمبرز اسان سان رابطي ۾ آهن ۽ حڪومت کان تنگ آهن: آصف علي زرداري
آئون اِن حق ۾ نه آهيان ته حڪومت ختم ٿي وڃي، موجوده حڪمرانن اڍائي سالن ۾ عوام جون رڙيون ڪڍي ڇڏيون: خورشيد شاهه
ماڻهن کي نئين پاڪستان جو لفظ سمجهه ۾ اچي ويو آهي:پ پ ايم اين اي
هاڻي پارليامينٽ ۾ گارگند کانسواءِ ٻيو ڪجهه به نظر نه اچي رهيو آهي
پيپلز پارٽي قيادت کي چونو لڳائڻ جِي ڪوشش ناڪام: پ پ ايم اين اَي شاهده رحماني ۽ فريال ٽالپر جَي نالي تي ماڻهن کان پئسا وصول ڪندڙ جوابدار گرفتار
جوابدار مشهور فنڪار سوڌو ڪيترين ئي شخصيتن کان ايزي پئسا ذريعي رقم به وصول ڪري چڪو
جوابدار واٽس ايپ ذريعي اهم شخصيتن کي فريال ٽالپر ۽ شاهده رحماني جَي ريفرنس سان ميسج ڪري پئسا گهرندو رهيو
رستم ڀرسان هفتو اڳ مبينا اغوا ٿيل 2 نوجوان بازياب نه ٿيا، وارث سخت پريشاني جو شڪار، ڪچي ۾ پوليس جو آپريشن، 4 شڪي گرفتار
آرائين برادري طرفان اڳوڻي ايم اين اي ابراهيم جتوئي سان ملاقات، مغوين جي بازيابي لاءِ سهڪار جي اپيل
سخت پريشان آهيون، نوجوانن جي حياتين کي خطرو آهي، مغوين کي بازياب ڪرايو وڃي: مغوين جي وارث
اي اين پي اڳواڻ اسد اچڪزئي جي قتل خلاف ڪوئيٽا سوڌو بلوچستان جَي ڪيترن ئي شهرن ۾ شٽر بند هڙتال
اسد خان اچڪزئي کي سيپٽمبر ۾ اغوا ڪيو ويو، گذريل ڏينهن سندس لاش مليو هو
بلوچستان جَي وڏي وزير پاران اغوا ۽ قتل واقعي جي اعليٰ سطحي جاچ جي خاطري
“شادي نه ڪنديس”: تنگواڻي ۾ ڪنوار ٽريڪٽر ٽراليءَ تان ٽپو ڏئي ٿاڻي پهچي وئي، تحفظ جي اپيل
چاچي زبردستي 10 لک رپين عيوض وڪرو ڪيو آهي:ڪنوار جو الزام
زبردستي شادي نٿي ڪرڻ چاهيان، زندگي کي خطرو آهي، تحفظ ڏنو وڃي

تنگواڻي (ن پ ا) تنگواڻي ۾ شهر جي ٿاڻي اڳيان ڪنوار مسمات پرويزان خاتون ڌيءُ اسماعيل بجاراڻي ٽريڪٽر تان ٽپو ڏئي ٿاڻي ۾ تحفظ لاءِ پهتي، ڳوٺ نار مائينر رهواسي ڪنوار مسمات پرويزان خاتون ٻڌايو ته هُن کي زبردستي ٻڍو بگٽي کي چاچي 10 لک روپين عيوض وڪرو ڪري پرڻايو هُن چيو ته هو شادي ڪرڻ نه ٿي چاهي، تحفظ ڏنو وڃي.