تازا ترين
  • *تنگواڻي ويجهو موٽرسائيڪلن جو مستري گذريل ڏينهن کان پراسرار نموني لاپتا *ڪشمور واسي عبدالعزيز کوسو ٺل کان واپس ايندي گم ٿي ويو، پوليس کي اطلاع ڏنو آهي: وارث*
  • *دادو ۾ اهلڪار پاران زال تي مبينا ڪارنهن جو الزام لڳائڻ وارو مامرو *اهلڪار مظهر پنهور زال آسيه سان سيف هائوس ۾ ٻيهر ملاقات ڪري گهر هلڻ لاءِ راضي ڪري ورتو *دادو: پوليس اهلڪار مظهر پنهور عدالت پهچي آسيه سان ملاقات ۽ ٺاهه بابت آگاهه ڪيو*
  • *بخشاپور ويجهو انڊس هاءِ وي تي ڪاٺي پل وٽ عورت قتل *بخشاپور: علائقي واسين جي اطلاع تي پوليس پهچي مقتولا جو لاش اسپتال منتقل ڪيو *موٽرسائيڪل سوار عورت ۽ مرد عورت کي رستي تي لاهي گوليون هڻي فرار ٿي ويا: علائقي واسي*

ڪراچي: چيني قونصل خاني تي حملي واري ڪيس ۾ پابندي پيل تنظيم جي 5 جوابدارن تي فرد جرم لاڳو، جوابدارن طرفان ڏوهه مڃڻ کان انڪار

جوابدارن چيني قونصلخاني تي حملو ڪندڙ دهشتگردن کي هٿيار ۽ بارودي مواد مهيا ڪيو هو:پوليس

ٻن جوابدارن ڏوهه جو به اعتراف ڪري ورتو، ڪيس ۾ روپوش 15 جوابدارن ۾ حربيار مري ۽ علي داد بُليدي به شامل

اسريٰ فائونڊيشن ۾ اختيارن جو تڪرار نه نبريو، ڪمشنر پاران قائم ڪيل ڪميٽي به ٻوٽو ٻاري نه سگهي

اڳوڻي چانسلر اسد الله قاضي وقت کان اڳ عهدو ڇڏڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو: ذريعا

فنڊ بحال نه ٿيڻ ۽ تڪرار نه نبرڻ جي ڪري اسريٰ فائونڊيشن جي ادارن جو ڪاروهنوار متاثر

مخالف ڌر ملڪ ۾ بجلي جي بدترين بريڪ ڊائون کي پي ٽي آءِ سرڪار جِي نااهلي جو نتيجو قرار ڏئي ڇڏيو

نااهل حڪمرانن کي اڃا تائين پتو نه پئجي سگهيو آهي ته بريڪ ڊائون ڇو ٿيو: مريم اورنگزيب

بريڪ ڊائون تي وفاقي وزيرن جي پريس ڪانفرنس اکين ۾ ڌوڙ وجهڻ برابر آهي: ن ليگ ترجمان

ڏهرڪي ڀرسان ڳوٺ وروالو ۾ مبينا طور ڪارنهن تهمت مڙهي ڀاءُ پنهنجي ڀيڻ کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو

16 سالن جي ناري سبحانه شر کي سندس ڀاءُ  لياقت شر گوليون هڻي قتل ڪيو: پوليس

ڀائرن جو پاڻ ۾ جهيڙو ٿيو، جن کي ڇڏائڻ دوران ڌي کي گولي لڳي وئي: والد جو موقف

نواز ليگ سنڌ ۾ خالي ٿيل تڪن تي ننڍي چونڊ دوران پ پ جي سامهون پنهنجو اُميدوار نه آڻڻ جو فيصلو ڪري ورتو

لاهور جي ماڊل ٽائون ۾ مريم نواز ۽ ٻين اڳواڻن جي گڏيل صدارت هيٺ پارلياماني بورڊ جو اجلاس

پي ڊي ايم ۾ شامل جماعتن سان گڏجي ننڍي چونڊ ۾ حصو وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي: احسن اقبال

ڪراچي: سنڌ هيلٿ ڪيئر ڪميشن ۾ صحت کاتي پاران اهم پوسٽ تي سڌي ريت مقرري جو انڪشاف

18گريڊ جي سينيئر وومين ميڊيڪل آفيسر فرحانه ميمڻ کي صحت کاتي  سڌي ريت ڊائريڪٽر مقرر ڪري ڇڏيو

سنڌ هيلٿ ڪيئر ڪميشن ۾ 20هين گريڊ جي پوسٽ تي 18هين گريڊ  جو آفيسر مقرر ڪيو ويو

حڪومت ڪوئيٽا ۾ پورهيتن جا لاش دفنائڻ لاءِ عالمن کان مدد گهري ورتي، مڙهه اڄ دفنايا وڃن ته وزيراعظم اڄ ئي ڪوئيٽا پهچي ويندو:شيخ رشيد

ڪوئيٽا ۾ پورهيتن جا لاش دفنائڻ لاءِ ڳالهيون جاري آهن، عالمن کان به مدد گهري وئي آهي

انٽيليجنس ايجنسيز في الحال نه ٻڌايو آهي ته مچ سانحي ۾ ڪهڙو گروهه ملوث آهي:پريس ڪانفرنس

وزيراعظم سان ترڪي جي مشهور ڊرامي ارتغرل جي باني ٽيم جي ملاقات، پاڪستاني ڊراما 80 جي ڏهاڪي تائين پوري دنيا ۾ مشهور هئا:عمران خان

“خلافت وارِي تحريڪ” جَي مشهور ڪردار ترڪ لالا بابت ٽي وي سيريز تي تفصيلي ڳالهيون

فلم ۽ ڊراما انڊسٽري کي مقامي ثقافت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ڪم جِي ضرورت آهي: وزيراعظم

سپريم ڪورٽ ڪي پي ملازمن  جي رٽائرمينٽ واري عمر ۾ واڌ بابت  هاءِ ڪورٽ جو فيصلو رد ڪري ڇڏيو، ڪيس پشاور هاءِ ڪورٽ حوالي

ڪجهه سرڪاري ملازمن جي خدشن تي قانون کي غلط نٿو قرار ڏئي سگهجي: چيف جسٽس

قانون ٺاهڻ حڪومت جو ڪم آهي، عدالتون انهن کي لاڳو ڪنديون آهن: چيف جسٽس جا ريمارڪس

سنڌ ڪابينا هاءِ ڪورٽ جي فيصلي تحت هيڊماسترن جو ڪانٽريڪٽ ختم نه ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو

هيڊ ماسترن جي سليڪشن وارو مامرو سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن حوالي

ايس پي ايس سي جي سليڪشن تائين هيڊ ماستر ڪانٽريڪٽ تي ڪم جاري رکندا:ڪابينا

سپريم ڪورٽ وٽ سنڌ جي عوام جو پئسو پيل آهي، اُهو مليو ته خرچ ڪنداسين، صادق ۽ امين جا واٺا سنڌ جي ترقي نٿا ڏسڻ گهرن: وڏو وزير

بحريه ٽائون پئسن مان 60سيڪڙوڪراچي ۽40سيڪڙوٻين ضلعن تي خرچ ڪنداسين: وڏو وزير

صادق ۽ امين جا واٺا سنڌ سرڪار مٿان تنقيد ۾ بڪواس ڪندا آهن: تقريب کي خطاب

دادو پوليس ۽ اسپتال انتظاميا نوجوان جاويد پهوڙ جي فوت ٿيڻ واري واقعي تي عدالتي حڪمن کي نظرانداز ڪري ڇڏيو, جرڳي دوران مامرو لئه مٽي

بااثر شخصيت جي ٽياڪڙي سان ٿيل جرڳي ۾ مريض جي فوت ٿيڻ جو ذميوار ڊاڪٽر نياز چنو قرار

جرڳي دوران ڊاڪٽر آصف رضا ملڪاڻي ۽ عتيق الرحمان جانوري کي آجو قرار ڏنو ويو: ذريعا

سياسي جماعتن سياست کي ڪاروبار جو ذريعو بڻائي ڇڏيو آهي، نون ليگ، پيپلزپارٽي ۽ مولانا فضل الرحمان اِن صِف ۾ شامل آهن:شبلي فراز

شايد اپوزيشن کي فارن فنڊنگ ۽ منع ٿيل فنڊنگ ۾ فرق جِي خبر ناهي: سڌ سماءَ وارو وفاقي وزير

تحريڪ انصاف مافيا سان مقابلي لاءِ پارٽي ۾ “چندو ڪلچر” شروع ڪيو: شبلي فراز

سينيٽ اليڪشن اوپن بيليٽ ذريعي ڪرائڻ بابت ريفرنس تي وفاقي سرڪار، چئني صوبن جي اي جيز ۽ صوبائي اسيمبليز جي اسپيڪرز کي نوٽيسز جاري

آئين يا قانون ۾ ترميم جو اختيار پارليامينٽ وٽ آهي: جسٽس اعجاز الاحسن

هن ڪيس ۾ عدالتي معاون به مقرر ڪريون ٿا: چيف جسٽس سپريم ڪورٽ

ڪرونڊي ڀرسان نوجوان جو گهر مان گوليون لڳل لاش هٿ، لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل

قربان گهر ۾ اڪيلو هو ته هٿياربندن حملو ڪري کيس قتل ڪيو: مقتول جو ڀاءُ

مقتول جي ڀاءُ مراد لاشاري طرفان پسند جو پرڻو ڪرڻ بعد ٻن ڌُرين ۾ تڪرار هلندڙ هو: ذريعا