تازا ترين
  • *حڪومت صادق سنجراڻي کي ٻيهر سينيٽ چيئرمين لاءِ اُميدوار طور نامزد ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو -وزيراعظم عمران خان اڄ قوم کي خطاب ڪري رهيو آهي، وزيراعظم طرفان اهم اعلان جا امڪان *صدر عارف علوي قومي اسيمبلي جو اجلاس ڇنڇر تي طلب ڪري ورتو: ذريعا*
  • *لاهور: شهباز شريف جي فيملي خلاف مني لانڊرنگ ڪيس جي ٻڌڻي *احتساب عدالت پاران شهبازشريف کي پيش نه ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار، جيل سپرنٽينڊنٽ کي نوٽيس جاري*
  • *حيدرآباد مان دڪاندارن کان ڦرلٽ، ٻن شهرين جون موٽرسائيڪلون چوري *ناج منڊي ۾ ٽن ڦورن جي سرهندي ٽريڊرز تي ڪاهه دڪاندار عبدالحميد ۽ ٻين کي يرغمال بڻايو *ڦورو دڪاندارن کان سوا لک رپيا روڪ رقم ۽ ٻه موبائيل فون ڦر ڪري فرار *هريش ڪمار ۽ آصف قريشي جون موٽرسائيڪلون چوري، جاچ ڪئي پئي وڃي: پوليس*
  • *حيدرآباد: قاسم آباد ۾ هٿياربندن پاران پئٽرول پمپ تان ڦرلٽ، مزاحمت تي چوڪيدار سخت زخمي *هٿياربندن ڦرلٽ دوران مزاحمت تي چوڪيدار ليمن پٽ يوسف شورو کي گوليون هڻي فرار ٿي ويا: پمپ مالڪ *چوڪيدار تي پراڻي دشمني تان حملو ٿيو، کيس 3 گوليون لڳيون آهن: نسيم نگر پوليس*
  • *رتوديرو: شهداد ڪوٽ روڊ تي ٻوسڻ پيٽرول پمپ ڀرسان اڻڄاتل شخص جو لاش هٿ، اسپتال منتقل*
  • *درياءَ خان مري ويجهو باهه لڳڻ سبب چار گهر سڙي رک، 2مينهون ۽4 ٻڪريون به سڙي مري ويون *ڳوٺ خان محمد وڳڻ ۾ باهه سبب رانجهن، پنهل، مجن ۽ امتياز وڳڻ جا گهر سڙي ويا *باهه سبب 2مينهون، 4 ٻڪريون ۽ هڪ گڏهه سڙي مري ويو، کليل آسمان هيٺ ويٺا آهيون: متاثر *
  • *بخشاپور: گبلو جي ڪچي واري علائقي ۾ پوليس اٽالن جو ڏوهارين خلاف سرچ آپريشن *ڊي ايس پي بخشاپور جي اڳواڻي ۾ ٽن ٿاڻن جي پوليس پاران اي پي سي چين سميت سرچ آپريشن *آپريشن دوران ڏوهارين ببي عرف مسڪان بنگوار ۽ سائو بنگوار جون اوطاقون ڊاهيون ويون: پوليس*
  • *نوابشاهه ۾ پيار جو پرڻو ڪندڙ ڊاڪٽر سوها بلوچ کي اڄ عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو *بلوچ برادريءَ جا ماڻهو وڏي انگ ۾ عدالت ٻاهران پهچي ويا، پوليس سان چڪرين دوران 8 ڄڻا زخمي *پوليس سان چڪرين ۾ هڪ اهلڪار، ٻارڙي ۽ ٽن عورتن سميت 8 زخمي ٿي پيا، اسپتال منتقل*
  • *لاڙڪاڻي ويجهو هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان مرڻينگ، چانڊڪا اسپتال منتقل *هٿياربندن جي فائرنگ ۾ ڳوٺ ٺارو ديرو واسي 22 سالن جو صدام پٽ سڪندر جکڙ زخمي ٿي پيو *صدام کي سجاد جکر، ذوالفقار جکر ۽ ٻين فائرنگ ڪري زخمي ڪيو، انصاف ڪيو وڃي: زخمي جو ڀاءُ*
  • *ڏهرڪي جي ٽيڪنيڪل ٽريننگ ڪاليج جي هاسٽل ۾ رهندڙ17 شاگرد بخار ۾ وٺجي ويا *ڪاليج انتظاميه شاگردن کي گهر موڪلي هاسٽل کي تالا لڳائي ڇڏيا*

سنڌ ۾ غيرقانوني هنڌن تي قائم ٿاڻا ۽ چوڪيون سرڪاري زمينن تي منتقل ڪرڻ جو فيصلو

آءِ جي سنڌ طرفان امن امان بابت بريفنگ، ڊي آءِ جيز ڪئميرا ذريعي بريفنگ ڏني

فينسي نمبر پليٽ ۽ سرڪاري گاڏين جي غيرقانوني استعمال خلاف ڪريڪ ڊائون جو فيصلو

سنڌ ۾ زمينن جي رڪارڊ ۾ اربين رُپين جي ڪرپشن: عدالت جي رڪارڊ پيش نه ڪرڻ تي نيب آفيسر کي ڇنڊ

احتساب عدالت ۾ ريفرنس تي ٻڌڻي، اڳوڻي ڊي سي ملير مصطفيٰ قاضي سوڌو ٻيا جوابدار پيش

جوابدارن خلاف 53 ارب رُپين جي ڪرپشن جو ريفرنس داخل آهي: نيب

ساهيوال سانحو: پنجاب ۽ ڪي پي جي مختلف شهرن ۾ واپارين جي هڙتال، وڪيل برداري عدالتي ڪارروائين جو بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو

وڪيلن ۽ واپارين پاران سانحي جي ذميوارن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائڻ جو مطالبو

لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ به درخواست داخل، ساهيوال سانحي جي عدالتي جاچ جو مطالبو

ساهيوال واقعي تي عدالتي ڪميشن ٺهڻ گھرجي: اسپيڪر اسد قيصر

وزيراعظم عمران خان ۽ پنجاب جي گورنر سان جوڊيشل ڪميشن بابت ڳالهائيندس

ڪراچي واسين تحريڪ انصاف تي اعتماد ڪيو، جواب ۾ اسان پڻ وفا ڪنداسين

”دهشتگردي جو وڏو منصوبو ناڪام بڻائي ورتو“ ساهيوال واقعي جي نئين وڊيو وائرل ٿيڻ بعد سي ٽي ڊي پنجاب جي نئين وضاحت اچي وئي

سيف سٽي ڪئميرا ذريعي شڪي ڪار جي نشاندهي ٿي: ترجمان سي ٽي ڊي پنجاب

ذيشان مارجي ويو، عورت نظر نه آئي ۽ فائرنگ جو نشانو بڻجي وئي: سي ٽي ڊي

کپري جي عدالت ۾ قتل ڪيس جي جوابدار نواب عالي بُگٽي جي هٿيارن جي پهري ۾ پيشي، پوليس اهلڪارن به جوابدار کي پروٽوڪول ڏنو

ٻن ڄڻن جي قتل ڪيس جي ٻڌڻيءَ دوران 7 مان هڪ جوابدار عالي بُگٽي پيش ٿيو

بُگٽي قبيلي جي سردار جي پيشيءَ وقت عدالت ٻاهران هٿياربند بيهي رهيا

کپرو (ن پ ا)کپري جي عدالت ۾ قتل ڪيس ۾ نامزد جوابدار نواب عالي بُگٽيءَ جي هٿيارن جي پهري هيٺ پيشي ۽ پوليس اهلڪار به جوابدار کي شاندار پروٽوڪول ڏنو، هڪ عام ماڻهن کي ظالمن جو ورتاءُ ڪندڙ جوابدار بااثر جوابدار جي هٿياربندن کي پوئتي هٽڻ لاءِ هڪ لفظ به نه چيو. سال 2014ع ۾ ڪوٽ نواب ڀرسان نظاماڻي ۽ بُگٽي برادري جي ٻن ڌُرين وچ ۾ زميني تڪرار تان ٿيل خوني جهيڙي جي نتيجي ۾ مصطفيٰ کوکر ۽ محمد حسن کوسو قتل ٿي ويا هئا. شاهد نظاماڻي جي فرياد تي بُگٽي قبيلي جي سردار نواب عالي بُگٽي سوڌو 7 جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو هو. ڪيس پهرين سيشن ڪورٽ سانگهڙ ۾ ڪارروائي هلي، اُن کانپوءِ ڪيس ايڊيشنل سيشن جج کپرو جي عدالت منتقل ڪيو ويو هو. اڄ کپري جي مقامي عدالت ۾ پهرين ٻڌڻيءَ دوران نواب عالي بُگٽي ڪيترن ئي هٿياربند ماڻهن سان گڏ پهتو. ٻڌڻيءَ تي پيشيءَ دوران نواب عالي بُگٽي جي پروٽوڪول ۾ شامل ماڻهو سري عام هٿيارن جي نمائش ڪري رهيا هئا، پر اُتي موجود پوليس اهلڪار روڪڻ بدران ڪيس ۾ نامزد جوابدار به پروٽوڪول ڏيندا رهيا.

ميڊيا کي مهيني ۾ 35 ڪروڙن جا اشتهار ڏنا آھن: فواد چوڌري

مستقبل ۾ گھڻا اشتهار ڊجيٽل ميڊيا کي ملندا، پرنٽ ميڊيا اوڏانهن وڌڻ کي ترجيح ڏئي

اشتهارن جي بجيٽ 86 ارب ٿي چڪي آهي، ميڊيا قومي معيشت سان گڏ بيهي: خطاب

لياري ميڊيڪل ڪاليج جي پرنسپال تي فنڊز ۾ گهوٻيون هڻڻ جو الزام، سيڪريٽري صحت ڪاليج جي بدانتظامي جو ذميوار پرنسپال کي قرار ڏئي ڇڏيو

بينظير ڀٽو ميڊيڪل ڪاليج لياري جون پنجاهه سيڪڙو سيٽون گهٽائڻ واري معاملي تي ٻڌڻي

پرنسپال سمري منظور ڪرائڻ لاءِ به سفارشين کان فون ڪرائيندو آهي: سنڌ هاءِ ڪورٽ کي آگاهي

اوهان جو وس پڄي ته قبرن مان ماڻهن کي ڪڍي انڪوائري ڪيو: سنڌ هاءِ ڪورٽ جي نيب جي جاچ آفيسر کي ڇنڊ

پهريان اينٽي ڪرپشن ۽ هاڻي نيب انڪوائري پيو ڪري، جيل به ڪاٽي آهي:هيڊماستر

اينٽي ڪرپشن جي انڪوائري اسان کي ڏيو(نيب) ڪا ضرورت ناهي: عدالت جا ريمارڪس

اشرف غني جو وزيراعظم کي فون: افغانستان جي دوري جي دعوت

ٻنهي سربراهن رابطي ۾ رهڻ ۽ مسئلن جي حل لاءِ ماحول پيدا ڪرڻ تي اتفاق

پاڪستان افغان امن عمل لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي: وزيراعظم عمران خان

”2-2 سالن تائين جاچ ڪرڻ باوجود نتيجو ٻُڙي“ سنڌ هاءِ ڪورٽ ڊي جي نيب سنڌ 16 جنوري تي پاڻ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

ايف بي آر سيلز ٽئڪس جي نالي تي ٿيل ڪرپشن معاملي جي ٻڌڻي

قوم سان مذاق برداشت نه ڪنداسين: چيف جسٽس احمد علي شيخ

حڪومت خلاف فرنٽ فوٽ ڊپلوميسي ڪريون پيا، بيڪ ڊور ڊپلوميسي جي ڪهڙي ضرورت آهي؟ بلاول

حڪومت چوي ٿي اپوزيشن اتحاد ٽٽي ويندو(سوال) حڪمران هتي آهن، اسان به هتي آهيون: بلاول

پي ٽي آءِ حڪومت خلاف فرنٽ فوت ڊپلوميسي ڪري رهيا آهيون: ميڊيا سان ڳالهيون

”رائو انوار جي گهر کي سب جيل قرار ڏيڻ خلاف درخواست“ سنڌ هاءِ ڪورٽ گهرو سيڪريٽري کان 25 جنوري تي جواب طلب ڪري ورتو

رائو انوار تي سنگين الزام آهن، گهر جهڙي سهولت ڪيئن ٿي ڏئي سگهجي: درخواست

رائو انوار جي ضمانت ٿي وئي آهي (وڪيل) ضمانت خلاف درخواست تي فيصلو ناهي آيو: فريادي

اپوزيشن جو پي ٽي آءِ سرڪار کي ٽف ٽائيم ڏيڻ جو فيصلو

اجلاس ۾ شهباز شريف، آصف بلاول جي شرڪت، گڏيل حڪمت عملي لاءِ ڪاميٽي قائم

فوجي عدالتن جي قيام جي حوالي سان به گڏيل موقف اختيار ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ سوڌو اپوزيشن جماعتن پارليامينٽ اندر ۽ ٻاهر گڏيل حڪمت عملي جوڙڻ تي اتفاق ڪندي پي ٽي آءِ سرڪار کي معاشي معاملن تي ٽف ٽائيم ڏيڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر شهباز شريف جي چئمبر ۾ مخالف جماعتن جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري سوڌو اپوزيشن جماعتن جي ميمبرز شرڪت ڪئي. اجلاس دوران ملڪ جي معاشي صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي اتفاق ڪيو ويو ته معاشي پاليسي جي حوالي سان حڪومت کي ٽف ٽائيم ڏنو ويندو. پارليامينٽ اندر ۽ پارليامينٽ کان ٻاهر اپوزيشن جي گڏيل حڪمت عملي جوڙڻ جو به فيصلو ڪيو ويو. ذريعن موجب اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي ته حڪومت کي فري هينڊ ڏنو ويو ته ملڪ خطرن جي ور چڙهي ويندو، جڏهن ته فوجي عدالتن جي قيام جي حوالي سان به گڏيل موقف اختيار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

سُپريم ڪورٽ طرفان ملڪ ۾ وڌندڙ آبادي بم جهڙي خطرناڪ قرار، آبادي جو ڪنٽرول لازمي قرار

سول سوسائٽي سوڌو سمورن اسٽيڪ هولڊرز کي گڏجي مهم هلائڻي پوندي: عدالت

فيصلي ۾ پنهنجو سفارشون ڏئي ڇڏيون آهن: چيف جسٽس