تازا ترين
  • پنوعاقل ۾ خوفناڪ حادثو، 11 ڄڻا فوت،3 زخمي*سانگي ٿاڻي جي حد ۾ مسافر وين ڪلٽي ٿيڻ سبب حادثو پيش آيو*حادثي ۾ 11 مسافر فوت ۽ 3 زخمي ٿي پيا*
  • *قاضي احمد ويجهو جهيڙو، لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب 11ڄڻا رتورت *ڳوٺ سومر جوکيو ۾ رستي جي ڳالهه تان جھيڙو ٿي پيو، زخمي اسپتال منتقل *زخمين ۾ محمد ابراهيم،ذوالفقار، علي اڪبر،مير مرتضيٰ، نصرالله، غلام عباس جکراڻي ۽ ٻيا شامل*
  • *لاڙڪاڻي ۾ پي ايم سي پاران ميڊيڪل جي شاگردن کان انٽري ٽيسٽ وٺڻ وارو عمل جاري *لاڙڪاڻي جي پنجن سينٽرن ۾ 6 ضلعن جي شاگردن کان ٽيسٽ ورتي پئي وڃي*
  • *پاڪستان ڪورونا صورتحال کي منهن ڏئي رهيو آهي: وزيراعظم عمران خان *غير جمهوري سياسي قيادت سان مقابلو آهي:وزيراعظم *سياسي قيادت جمهوري جدوجهد مان ناهي گذري: وزيراعظم عمران خان جو ٽوئيٽ *سياسي قيادت عوام جي ڏکيائين کي سمجهي نه ٿي: وزيراعظم عمران خان ٽوئيٽ *ان سياسي قيادت عوام لاءِ ڪجهه به نه ڪيو: وزيراعظم *اُها سياسي قيادت لٽيل دولت کي بچائڻ گهري ٿي: وزيراعظم *سياسي قيادت عوام جو تحفظ ڪرڻ بدران جلسا ڪرڻ چاهي ٿي: وزيراعظم عمران خان*
  • *خيرپور ويجهو يتيم نينگري مبينا طور قتل، جوابدار لاش اسپتال ۾ ڇڏي فرار ٿي ويا *جوابدار ڳوٺ عالم خان گوپانگ واسڻ 13ورهين جي ڪومل گوپانگ جو مڙهه اسپتال ۾ ڇڏي فرار ٿي ويا* نينگري والدين فوت ٿيڻ سبب مامن وٽ رهندي هئي، سندس ڳلي تي نشان آهن: پوليس*
  • *قاضي احمد ويجهو جهيڙو، لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب 11ڄڻا رتورت *ڳوٺ سومر جوکيو ۾ رستي جي ڳالهه تان جھيڙو ٿي پيو، زخمي اسپتال منتقل*
  • *ايس ايس پي خيرپور نينگري ڪومل گوپانگ جي مبينا قتل جو نوٽيس وٺي ڇڏيو *ايس ايس پي امير سعود مگسي پاران جوابدارن جي گرفتاري جو حڪم *جوابدارن جي گرفتاري لاءِ مختلف هنڌن تي ڇاپا هنيا پيا وڃن: شاهه لطيف پوليس *

ڌاڙيل جيئند جاگيراڻي جي وائرل ٿيل وڊيو ۾ ڪنڌڪوٽ آپريشن بابت پوليس مٿان لڳايل الزام رد، پوليس مٿان ڪوڙا الزام هنيا ويا آهن: ايس ايس پي ڪشمور

آپريشن دوران ڌاڙيلن جي فائرنگ ۾ پوليس جي بڪتربند گاڏين کي به نقصان پهتو:امجد شيخ

ڪچي ۾ آپريشن بعد ڌاڙيلن جا مخالف ٽولا به پاڻ ۾ گڏجي ويندا آهن:ٽائيم نيوز سان ڳالهيون

جعلي بينڪ اڪائونٽس ڪيس ۾ اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر جي 19 نومبر تائين حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور

اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ ٻڌڻي دوران پوليس حسين لوائي کي پيش نه ڪري سگهي

عدالت طرفان شاهدن جو ايندڙ ٻڌڻي تي شاهدن جا بيان رڪارڊ ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو

گلگت بلتستان جي قانونساز اسميبلي جي چونڊ لاءِ 23 مان 21 تڪن جا مڪمل غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجا سامهون اچي ويا

پي ٽي آءِ 8 سيٽون کٽي ورتيون، آزاد اميدوار 7 سيٽون ٻهاري ويا: ٻن تڪن جا نتيجا رهيل

پ پ جَ ي حصي ۾ 3، ن ليگ ٻن سيٽن ۽ مجلس وحدت مسلمين هڪ سيٽ تي ڪامياب

گلگت بلتستان چونڊون: 7 سيٽون آزاد اميدوارن ٻهاري ورتيون، غير حتمي نتيجن موجب 6 تڪن تي پي ٽي آءِ ۽ چئن تي پيپلز پارٽي ڪامياب

قانونساز اسميبلي چونڊ لاءِ 23 مان 19 تڪن جا مڪمل غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجا پڌرا

ن ليگ ۽ وحدت مسلمين جو هڪ هڪ اميدوار ڪامياب، غير حتمي نتيجا اچڻ جو سلسلو جاري

پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس جي ٻئي لهر جو وار جاري، وڌيڪ 32 مريض حياتيون وڃائي ويٺا، ملڪ ۾ فوتين جو انگ 7141 ٿي ويو

24 ڪلاڪن ۾ ملڪ ۾ ڪورونا جا 39410 ٽيسٽ ڪيا ويا، جن مان 2443 ماڻهن ۾ وائرس جي تصديق ٿي

پاڪستان ۾ هن وقت ڪورونا جي فعال ڪيسز جو انگ 26538 آهي،1377 ماڻهن جي حالت ڳڻتي جوڳي

سامارو ۾ ظالم مڙس معمولي ڳالهه تان تشدد ڪري زال کي گهران ڪڍي ڇڏيو، زخمي حالت ۾ اسپتال منتقل

جلال شاهه ڪالوني واسڻ ڌني ڪولهڻ کي زخمي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو

ڌيءَ کي سندس مڙس ڀورجي ڪولهي سخت تشدد جو نشانو بڻايو: ناري جي امڙ

سامونڊي ٻيٽن بابت صدارتي آرڊينينس جاري ڪرڻ خلاف سنڌ ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي گورنر هائوس ڪراچي آڏو اڄ احتجاج، تياريون مڪمل

جسقم، ايس يو پي، ايس ٽي پي، عوامي تحريڪ ۽ ٻيون پارٽيون احتجاج ۾ شامل ٿينديون

سمورين پارٽين طرفان ريلي ڪڍي 2 وڳي گورنر هائوس آڏو احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويندو

پاڪستان ۾ ڀارتي دهشتگردي جا پڪا ثبوت پيش ڪيا آهن، هاڻي دنيا اُنهن ثبوتن جِي موجودگي ۾ وڌيڪ خاموش يا لاتعلق نه رهي:وزيراعظم

اسان پنهنجِي سر زمين جِي حفاظت ڪرڻ ڄاڻون ٿا: وزيراعظم عمران خان

اسان جي بهادر فوج پنهنجن جَي تحفظ خاطر سڀ ڪجهه قربان ڪرڻ جو سلسلو جاري رکندي

وزيراعظم جو ڪشمور واقعي جي هيرو اي ايس آءِ محمد بخش ٻرڙو سان فون تي رابطو، اي ايس آءِ کي شاباس

لڄالٽ واقعن جي روڪٿام بابت قانون جي سلسلي ۾ اينٽي ريپ آرڊيننس آڻي رهيا آهيون:عمران خان

قوم کي محمد بخش ٻرڙو جهڙن پوليس آفيسرز تي فخر آهي: وزيراعظم عمران خان جون فون تي ڳالهيون

گلگت جي عدالت جو فيصلو پسند نه هجڻ باوجود پاڻ کي چونڊ مهم کان الڳ ڪريان ٿو، جمهوريت خلاف ٿيندڙ سازشن کي بي نقاب ڪيو ويندو: بلاول ڀٽو

سموري دُنيا جون نظرون گلگت چونڊن تي آهن، چاهيون ٿا ته چونڊون تڪراري نه ٿين: پ پ چيئرمين

حڪومت گلگت ۾ وزيرن کي آزاد ڇڏي ڌانڌلي ذريعي ڪاميابي حاصل ڪري چاهي ٿي:بلاول

ڪشمور ۾ معصوم ٻارڙِي سان جنسي زيادتي واري هنيانءُ ڏاريندڙ واقعي ۾ روپوش جوابدار هڪ هفتو گذرڻ باوجود پڪڙ ۾ نه آيو

بلوچستان جي سرحدي ڳوٺ خاوند بخش ملڪ ۾ جوابدار خير الله جي موجودگيءَ جي اطلاع تي ڇاپا

بلوچستان ۾ جوابدار خير الله کي گرفتار ڪرڻ لاءِ ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن: ايس ايس پي امجد شيخ

ڪراچي ۾ ٻيٽن تي قبضي خلاف ڌرتي ڌڻين جو احتجاج،مهاڻن ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن سوڌو وڏي تعداد ۾ عورتن طرفان ريلي بعد مظاهرو

آئيلينڊ اٿارٽي صوبائي خودمختياري تي حملو آهي، ٻيٽن تي قبضو برداشت نه ڪيو ويندو: اڳواڻ

ريلي دوران ٻيٽن تي قبضو ۽ آئيلينڊ اٿارٽي آرڊيننس نامنظور جا نعرا لڳايا ويا

وفاقي وزيرن ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻن پارليامينٽ تي حملي واري ڪيس ۾ بريت جون درخواستون داخل ڪرائي ڇڏيون

اسد عمر، شاهه محمود قريشي، شفقت محمود، پرويز خٽڪ طرفان درخواستون داخل

درخواستن تي ٻڌڻي دوران عليم خان جا 2 وڪيل ظاهر ٿيڻ بعد دلچسپ صورتحال

هي سال ختم ٿيڻ کان اڳ پي ٽي آءِ جي حڪومت هلي ويندي، وزيراعظم کي خبر ئي ناهي ته سندس سرڪار ۽ گهر جو خرچ ڪير پيو هلائي: مريم نواز

نواز شريف بهادرن وانگر هر ظلم پنهنجي سيني تي برداشت ڪيو آهي: نواز ليگ جي نائب صدر

زوري مڙهيل وزيراعظم چئي رهيو آهي ته اپوزيشن پارٽيز مهانگائي جون ذميوار آهن: جلسي کي خطاب

سنڌڙي ڀرسان ڪارنهن الزام هيٺ قتل ٿيل فهميده شر ڪيس ۾ نامزد 8 مان 3 جوابدارن جو 14 ڏينهن جو عدالتي رمانڊ منظور

جيل حوالي ٿيل جوابدارن ۾ مقتولا جو مامو غلامون شر، ڀاءُ اسماعيل ۽ مولا بخش شامل

ڳوٺ جھان خان شر ۾ 10 ڏينھن اڳ فھيمده شر کي ڪارنهن الزام هيٺ قتل ڪيو ويو هو
1 2 3 87