ڪوٽڏيجي (رپورٽ: امير بخش گوپانگ) ڪوٽڏيجي ڀرسان ڳوٺ نواب وساڻ ۾ ڏينهن ڏٺي جو 5 هٿياربند گهر تي حملو ڪري ناريءَ کي قتل ڪري فرار ٿي ويا. هٿياربند سري عام ناريءَ کي قتل ڪرڻ بعد فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، پر پوليس جوابدارن کي پڪڙ ۾ آڻڻ لاءِ ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو. ناريءَ رمشا وساڻ جا وارث ڪوٽڏيجي اسپتال مان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد لاش ڳوٺ کڻي ويا. امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي ته اڄ ئي ناريءَ جو لاش دفنايو ويندو. ناريءَ جي والده جو چوڻ آهي ته ذوالفقار وساڻ سوڌو 5 هٿياربندن گهر تي حملو ڪري ڌيءُ کي قتل ڪري ڇڏيو آهي. اُن کان اڳ به ذوالفقار وساڻ جي ماڻهن ڌيءُ کي اغوا ڪيو هو. ناريءَ جي والده جو چوڻ هو ته ناريءَ کي اغوا ڪرڻ جي وقت ئي منظور وساڻ ۽ نواب وساڻ کي دانهن ڏني هئي، پر ڪوبه تدارڪ نه ٿيو، هاڻ کيس قتل ڪيو ويو آهي. عورت جو چوڻ آهي ته جوابدار ذوالفقار وساڻ بااثر آهي، تنهن ڪري پوليس سوڌو ڪير به سندس خلاف ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ناريءَ جو والد پرويز وساڻ ڪنب ٿاڻي تي قتل جو ڪيس داخل ڪرائڻ وارو، پر پوليس ڪيتري ئي دير تائين کيس انتظار ڪرائڻ کانپوءِ ڪيس داخل ڪرڻ بنا ئي واپس موٽائي ڇڏيو. ذريعن موجب ڪوٽڏيجي کان واپس موٽيندي مقتول ناريءَ جي والد پرويز وساڻ به گم ٿي ويو آهي. ٻئي پاسي ناريءَ جو پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽرز جو چوڻ آهي ته رمشا کي سيني ۾ 9 گوليون لڳل هيون، واقعو صبح جو 11 کان 12 وڳي پيش آيو ۽ ناريءَ جو مڙهه 2 وڳي اسپتال پهچايو ويو.
سرڪار جو تحفو: ايل پي جي 5 رپيا 58 پئسا في ڪلو مهانگي
گهرو سلينڊر 66 رپيا ۽ ڪمرشل سلينڊر جي اگهه ۾ 250 رپيا واڌ: نوٽيفڪيشن جاري
نواز شريف جي طبيعت ٻيهر خراب، اسپتال منتقل ڪرڻ جو فيصلو
پنجاب حڪومت نواز شريف کي جيل مان سروسز اسپتال منتقل ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو: ذريعا
رمشا قتل: ڪيس ۾نواب وساڻ جو مائٽ ذوالفقار مک جوابدار
سرڪار جي فرياد تي ڪنب ٿاڻي تي ذوالفقار وساڻ ۽ 4 اڻڄاتل جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو