پاور سيڪٽر ۽ ايف بي آر درست نه ٿيا ته ٻيڙو ٻڏندو، بجلي تي سياست عوامي توهين آهي: وزيراعظم
آگسٽ 3, 2024
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته 2 ادارا پاور سيڪٽر ۽ ايف بي آر درست نه ٿيا ته ملڪ جو ٻيڙو ٻڏي سگهي ٿو، بجلي سستي ڪرڻ رڳو هڪ سياسي جماعت جو نه پر سڄي قوم جو مطالبو آهي، بجلي جي معاملي تي سياست عوامي توهين جي برابر آهي، اسان کي ايبسليوٽلي ناٽ جهڙا جذباتي فيصلا نه ڪرڻا آهن، وزيراعظم شهباز شريف وفاقي ڪابينا جي اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته حڪومت جون جيڪي آءِ پي پيز آهن انهن جو ڪو مسئلو نه آهي، اسان وڏي تيزيءَ سان اڳتي وڌي رهيا آهيون، ان جو فارمولا طئي ٿي ويندو، نجي شعبي ۾ جيڪي آءِ پي پيز پاڪستانين لڳايون آهن، انهن مان ڪيترين ئي آءِ پي پيز کي گهڻو نفعو ملي چڪو، هنن جي لون جي ادائگي به ٿي وئي، مون چيني صدر کي ري پروفائيلنگ لاءِ لکيو آهي، چيني صدر پاڻ مون کي چيو ته توهان سي پيڪ جي ڪول پاور پراجيڪٽ جي ڪنورزن ڪرڻ پيا وڃو، مون ٻڌايو ته امپورٽڊ ڪوئلي بدران اسان ٿر ڪول جي مقامي ڪوئلي جو مڪس ميچ استعمال ڪنداسين، ٿر جو ڪوئلو استعمال ڪرڻ سان ساليانو هڪ ارب ڊالرز جي بچت ٿيندي، چيني صدر منهنجي ڳالهه غور سان ٻڌي، ناڻي واري وزير ۽ توانائي واري وزير جون به چين ۾ سٺيون گڏجاڻيون ٿيون، توانائي واري بحران جي مستقل حل لاءِ ڪوششون جاري آهن.