پيپلزپارٽي ۽ وفاقي سرڪار وچ ۾ بجيٽ بابت اعتماد ۾ نه وٺڻ تان ڊيڊ لاڪ برقرار
جُون 12, 2024
پيپلزپارٽي ۽ وفاقي سرڪار وچ ۾ بجيٽ بابت اعتماد ۾ نه وٺڻ تان ڊيڊ لاڪ برقرار، پيپلزپارٽي پاران بجيٽ بابت اعتماد ۾ نه وٺڻ تي سخت ڳڻتيءَ جو اظهار، بلاول ڀٽو زرداري جي صدارت هيٺ پيپلزپارٽي جي پارلياماني پارٽي جي اجلاس ۾ بجيٽ بابت اهم فيصلن جا امڪان، بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصفه ڀٽو اجلاس ۾ شرڪت لاءِ پارليامينٽ هائوس پهچي ويا، پيپلزپارٽي جي ترجمان شازيه مري جو چوڻ آهي ته بلاول جي صدارت هيٺ گذريل ڏينهن ٿيل اجلاس ۾ بجيٽ بابت اعتماد ۾ نه وٺڻ تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو ويو، وفاقي حڪومت جن ڳالهين جو وعدو ڪيو هو انهن تي عمل نه ڪيو ويو آهي، بجيٽ تي پيپلزپارٽيءَ کي اعتماد ۾ نه ورتو ويو آهي