پ پ، ن ليگ ۽ پي ٽي آءِ قومي حڪومت ٺاهن، سياستدان فيصلو نه ڪندا ته جي ايچ ڪيو وارا ڪندا: سينيٽر

فيبروري 21, 2024

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سينيٽ ۾ عام چونڊن  2024ع تي بحث ڪيو ويو نيشنل پارٽي، جماعت اسلامي چيف اليڪشن ڪمشنر کان استعيفا جو مطالبو ڪندي شفاف چونڊون ڪرائڻ ۾ ناڪامي تي چيف اليڪشن ڪمشنر تي آئين ٽوڙڻ جي ڪاروائي ڪرڻ جو مطالبو ڪيو، جڏهن ته مسلم ليگ ن جي سينيٽر مشاهد حسين سيد عمران خان سوڌو گرفتار سياسي قيدين کي آزاد ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، سينيٽ جي اجلاس ۾ 8 فيبروري تي ٿيل چونڊن تي بحث ڪندي نيشنل پارٽي جي  سينيٽر طاھر بزنجو ڳالھائيندي چيو ته ملڪ ۾ جمھوريت جو منھن ٽيڙو آھي. تاريخ رڙيون ڪري چئي رھي آھي ته خدارا ڪجھه سکو پر ڪو سکڻ لاءِ تيار ناھي. ڪو تسليم ڪري يا نه اوھان غلطين کي ورجائي رھيا آھيو. بلوچستان ۾ ڳولھي ڳولھي حقيقي نمائندن کي ھارايو ويو. ٻن وڏي جماعتن جي تعاون سان منشيات فروشن، جاگيردارن کي اسيمبليءَ تائين پھچايو ويو. جيستائين عدليه ۽ فوج پنھنجو ڪم نه ڪندي ملڪ بحرانن جو شڪار ٿيندو ويندو. ڇا عدالت کي تحريڪ انصاف جو نشان کسڻ جو حق ھيو؟ منھنجو مطالبو آھي ته چيف اليڪشن ڪمشنر کي گرفتار ڪري مٿس آئين ٽوڙڻ جو ڪيس ھلايو وڃي.  پي ٽي آءِ جي علي ظفر  چيو ته عوام فيصلو تحريڪ انصاف جي باني جي حق ۾ ڏئي ڇڏيو ھاڻي ڪو تسليم ڪري يا نه ڪري. سڀ کان وڏو ظلم اليڪشن کان اڳ تحريڪ انصاف جو نشان کسيو ويو، عمران کي 3 ڪيسن ۾ سزائون ٻڌايون ويون، جيڪي اڄ کِلي رھيا آھن اُھي سڀاڻي ان جو شڪار ٿيندا. ھن چيو ته جڏھن پري پول ڌانڌلي ناڪام ٿي ان بعد ووٽرس تبديل ڪري ھارايل اميدوارن کي ڪامياب ڪرايو ويو. عوام جو مينڍيٽ چوري ڪيو ويو. جيڪو جمھوريت سان ظلم آھي. جماعت اسلامي جي  مشتاق احمد خان  چيو ته ھي ھڪ جعلي اليڪشن هئي، جيڪا به حڪومت ٺھندي اُھا جعلي حڪومت ھوندي، بلٽ بيلٽ کي اغوا ڪيو ۽ گولي پرچي کي اغوا ڪيو، چيف اليڪشن ڪمشنر کي استعيفا ڏيڻ گھرجي. چيف اليڪشن ڪمشنر خلاف آرٽيڪل 6 تحت ڪاروائي ٿيڻ گھرجي. اليڪشن ڪميشن، نگران حڪومت، عدليه ۽ اسٽيبلشمينٽ عوام جي حق تي ڌاڙو ھنيو آھي. ڌانڌلي ڪندڙ قوم ۽ آئين جا مجرم ۽ عوام جا غدار ۽ آھن. ن ليگ جي  عرفان صديقي چيو ته اسان جي ملڪ ۾ چونڊن جي تاريخ ڪجھه خوشگوار ناھي. 1970 ۾ چونڊن ۾ اڪثريت جو فيصلو نه مڃيو ويو ۽ ملڪ ٽٽي ويو، 11سال مارشل لا جو تحفو مليو،  اڄ جي چونڊن ۾ ڌانڌلي جو ذڪر ٿي رھيو آھي پر ڪنھن 2018 جي چونڊن جو ذڪر ناھي ڪيو. تڏھن جو نعرو 35 پنڪچر ھئا ۽ اڄ جو نعرو فارم 45 آھي. جتي جتي اوھان ڪامياب ٿيا اُتي صاف شفاف اليڪشن ٿيا ۽ جتي اوھان ھارايو اُتي ڌانڌلي ٿي آھي. اسان کي به اليڪشن کان روڪيو ويو هو، نشان کسيو ويو هو، اڄ به اسان سينيٽر آزاد حيثيت ۾ سينيٽ ۾ آھيون. هن چيو ته اچو گڏجي ھن ايوان ۽ ملڪ کي بچايون. 9 مئي بار بار نه ٿي سگھي ٿو.   ن ليگ جي مشاهد حسين چيو ته عمران خان سوڌو سياسي قيدي آزاد ڪيا وڃن . 8 فيبروري چونڊون تاريخي ھيون. مشڪلاتن باوجود پي ٽي آءِ سنگل لارجسٽ پارٽي بڻجي وئي جنھن تي مبارڪ ڏيان ٿو. ھن چيو ته ھي خرابي 2014 ڌرڻي جي آھي جڏھن سيڪيورٽي اسٽيبشمينٽ چونڊيل حڪومت خلاف ان کي سپورٽ ڪيو. سيڪيورٽي اسٽيبلشمينٽ عدالت کي استعمال ڪيو ۽ نرم مداخلت ڪئي. 10 اپريل 2022 تي پي ٽي آءِ جي حڪومت کي ڪڍڻ لاءِ به نرم مداخلت ڪئي وئي. اسان ٽي ٽي پي سان ڪابل ۾ ڳالھيون ڪيون. بي ايل اي سان ڳالھيون ڪرڻ لاءِ تيار آھيون ته سياسي ڪارڪن سان ڇو نه؟ مشاهد حسين قومي حڪومت ٺاهڻ جي تجويز ڏيندي چيو ته ن ليگ، پ پ ۽ پي ٽي آءِ گڏجي حڪومت ٺاهي، نواز شريف دل وڏي ڪري، وزارت عظميٰ پ پ کي ڏئي، نواز شريف پاڻ صدر ٿئي، سياسي پارٽيون شروعات نه ڪنديون ته معاملا جي ايچ ڪيو وٽ ويندا پوءِ اهي فيصلو ڪندا، سينيٽر افنان الله چيو ته 2018 ۾ جن کي اوھان پي ٽي آءِ ۾ شامل ڪيو ان جو ذڪر ڇو نٿا ڪريو. ؟ اوھان ايوان ۾ اڌ نه پورو سچ ڳالھايو. پي ٽي آءِ جا سينيٽر شيم شيم جا نعرا ھڻندا رھيا.

Leave A Comment