پريڪٽس اينڊ پروسيجر ڪيس ۾ جسٽس شاهد وحيد کانپوءِ جسٽس عائشه ملڪ جو اختلافي نوٽ به سامهون اچي ويو

مَي 8, 2024

پريڪٽس اينڊ پروسيجر ڪيس ۾ جسٽس شاهد وحيد کانپوءِ جسٽس عائشه ملڪ جو اختلافي نوٽ به سامهون اچي ويو، جسٽس عائشه ملڪ آمريڪا جي ناليواري قانوني ماهر روسڪوئي پائونڊ جي جملي سان اختلافي نوٽ جي شروعات ڪندي لکيو آهي ته اسان چاهيون ٿا ته عدليه ڪجهه ڪري ته ان کي ڪرڻ جي آزادي به ڏيڻي پوندي، روسڪوئي پائونڊ موجب عدليه جي ڪم ۾ قانونسازي ڪري رنڊڪ وجهي نه ٿي سگهجي، جسٽس عائشه ملڪ پنهنجي اختلافي نوٽ ۾ چيو آهي ته سادي قانونسازي ذريعي اپيل جو حق نه ٿو ڏئي سگهجي، آرٽيڪل 184 ٿري ۾ اپيل جو حق ڏيڻ لاءِ آئين ۾ ترميم ضروري آهي، فل ڪورٽ جي جوڙجڪ سان ڪنهن ڌر جو اپيل وارو حق ختم ڪري نه ٿو سگهجي، آڪٽوبر 2023 ۾ سپريم ڪورٽ جي 15 رڪني فل ڪورٽ حڪومت پاران منظور ڪرايل پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ کي آئين موجب قرار ڏنو هو، فل ڪورٽ ۾ شامل 5 ججز فيصلي سان اختلاف ڪيو هو، اختلاف ڪندڙ ججز ۾ جسٽس اعجاز الاحسن، جسٽس منيب اختر، جسٽس مظهر علي نقوي، جسٽس عائشه ملڪ ۽ جسٽس شاهد وحيد شامل هئا

Leave A Comment