حيدرآباد ۾ پوليو وائرس جي موجودگي جو انڪشاف: 5 هزار ٻار پوليو جا ڦڙا پيئڻ کان رهجي ويا

جُون 22, 2024

حيدرآباد (رپورٽ: امتياز کوسو) حيدرآباد ۾ هلندڙ سال نائين ڀيري پوليو وائرس جي موجودگي جو انڪشاف، اٺ ڀيرا اڳ پوليو وائرس جي تصديق باوجود هلندڙ مهيني پوليو مهم دوران ڊي ايڇ او ڌيان نه ڏنو، 7 ڏينهن واري مهم دوران به 5 هزار کان وڌيڪ ٻارڙا پوليو جا ڦڙا پيئڻ کان رهجي ويا، انتظاميا رڳو اجلاس ڪوٺائڻ ۽ سکڻا آرڊر جاري ڪرڻ ۾ مصروف. رپورٽ موجب حيدرآباد جي تلسي داس پمپنگ اسٽيشن مان ورتل ماحولياتي سيمپل ۾ پوليو وائرس جي تصديق ٿي آهي. صحت کاتي جي اختيارين جو چوڻ آهي ته 3 جون 2024ع تي ڄاڻايل پمپنگ اسٽيشن تان ماحولياتي نمونو وٺي ٽيسٽ لاءِ اماڻيو ويو هو. ٽيسٽ رپورٽ ۾ پوليو وائرس هئڻ جي تصديق ٿي آهي. صحت کاتي پاران اهو به ڄاڻايو ويو آهي ته هلندڙ سال 2024ع جي 6 مهينن دوران نائون ڀيرو شهر ۾ پوليو وائرس جي تصديق ٿي آهي. ان کان اڳ 8 جنوري، 13 فيبروري ۽ 4 مارچ 2024ع تي پوليو وائرس جي تصديق ٿي هئي جڏهن ته اپريل مهيني ۾ 2 ڀيرا، پهرين اپريل ۽ 4 اپريل تي تصديق ٿي. ساڳئي ريت گذريل مئي مهيني دوران 3 ڀيرا يعني 6 مئي، 7 مئي ۽ 8 مئي 2024ع تي به مختلف هنڌن تان سيوريج جي پاڻي مان ماحولياتي سيمپل ورتا ويا هئا جن ۾ به وائرس جي موجودگي جو انڪشاف ٿيو هو. ضلعي انتظاميا جو چوڻ آهي ته پوليو وائرس جي انڪشاف کانپوءِ انهن ايندڙ مهم تائين رهجي ويل توڙي انڪاري ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ وارو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي ته جيئن مقرر ڪيل هدف کي پورو ڪري سگهجي. ”پنهنجي اخبار“ پاران رابطو ڪرڻ تي ڊپٽي ڪمشنر زين العابدين ميمڻ به تصديق ڪئي ته گذريل مهيني 3 ڀيرا ڄاڻايل هنڌان پوليو وائرس جي تصديق ٿي هئي جنهن بعد انهن تحرڪ ورتو ته جيئن 2 جون کان 8 جون تائين جاري پوليو مهم دوران سمورن ٻارن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پياري سگهجن. ڊپٽي ڪمشنر اهو به انڪشاف ڪيو ته پوليو مهم مڪمل ٿيڻ بعد جائزي  واري اجلاس دوران کيس صحت کاتي پاران ٻڌايو ويو ته 7 ڏينهن واري مهم دوران 15 هزار کان وڌيڪ ٻارڙا گهرن ۾ موجود نه هئا جڏهن ته 6 هزار کان وڌيڪ ٻارن جي والدين کين پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پيارڻ کان انڪار ڪيو هو جنهن بعد هن تحرڪ وٺي صحت کاتي سميت لاڳاپيل عملدارن کي پابند بڻايو ته رهجي ويل ٻارن کي هر صورت ۾ پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پياريا وڃن جنهن کانپوءِ رڳو 1700 جي لڳ ڀڳ انڪاري ٻار رهيا هئا جڏهن ته گهرن ۾ غير موجود ٻارن جو تعداد به 15 هزار کان گهٽجي 5 هزار تائين پهتو هو. هن چيو ته سندس ڪوشش آهي ته ايندڙ مهم کان اڳ انڪاري توڙي گهرن ۾ غير موجود ٻارن کي هٿ ڪري کين پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پياري ڇڏجن ته جيئن وائرس جي موجودگي سندن لاءِ ڪو خطرو نه بڻجي. پوليو مهم دوران رهجي ويل ٻارن جا انگ اکر ۽ وائرس جي تصديق بابت ڊي ايڇ او ڊاڪٽر جعفر پٺاڻ سان فون تي رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر هن فون اٽينڊ نه ڪيو جنهن ڪري سندس موقف سامهون ناهي اچي سگهيو. ذريعن جو چوڻ آهي ته پوليو مهم دوران ٻارن کي ٽڪا به لڳايا ٿا وڃن جنهن جي مد ۾ ايندڙ رقم مان ڪجهه رقم ڪٽوتي ڪري ليڊي هيلٿ ورڪرز ۽ پوليو ورڪرز کي فراهم ڪئي وڃي ٿي جنهن ڪري سندن مهم دوران دلچسپي ناهي هوندي ان ڪري هر مهم دوران ٻارن جو وڏو تعداد پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پيئڻ کان رهجي وڃي ٿو.

Leave A Comment