صدر ۽ گهرو وزير جي شجاعت سان ملاقات: سياسي صورتحال تي ڳالهيون
جُولاءِ 10, 2024
لاهور (م ڊ) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پاڪستان جي بهتري ۽ ترقي لاءِ سمورن اسٽيڪ هولڊرن کي هڪ صفحي تي اچڻو پوندو.صدر آصف زرداري ۽ گهرو وزير محسن نقوي لاهور ۾ چوڌري شجاعت سان سندس رهائشگاهه تي ملاقات ڪئي ۽ خيريت معلوم ڪئي، ملاقات ۾ سياسي صورتحال تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي آصف زرداري چيو ته پاڪستان جي بهتري ۽ ترقي لاءِ سڀني اسٽيڪ هولڊرن کي هڪ صفحي تي اچڻو پوندو، پاڪستان اسان سڀني کي پيارو آهي. محسن نقوي چيو ته پاڪستان لاءِ چوڌري شجاعت جون وڏيون خدمتون آهن. ان موقعي تي چوڌري سالڪ حسين، شافع حسين ۽ چوڌري موسيٰ الاهي به موجود هئا.