صدر آصف علي زرداري ترميمي سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر آرڊيننس تي صحيح ڪري ڇڏي
سيپٽمبر 20, 2024
صدر آصف علي زرداري ترميمي سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر آرڊيننس تي صحيح ڪري ڇڏي، ان کان اڳ وزيراعظم ۽ وفاقي ڪابينا ترميمي پريڪٽس اينڊ پروسيجر آرڊيننس جي منظوري ڏني، آرڊيننس موجب بينچ عوامي اهميت ۽ انساني حقن کي نظر ۾ رکندي ڪيسن کي ڏسندي، هر ڪيس کي ان جي واري تي ٻڌو ويندو، ٻي صورت ۾ ان جو سبب ٻڌايو ويندو، ترميمي آرڊيننس موجب هر ڪيس ۽ اپيل کي ريڪارڊ ڪيو ويندو ۽ ٽرانسڪرپٽ تيار ڪيو ويندو، سمورو ريڪارڊ ۽ ٽرانسڪرپٽ عوام لاءِ موجود هوندو، پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ ڪميٽي ڪيس مقرر ڪندي، ڪميٽي چيف جسٽس، سينيئر ترين جج ۽ چيف جسٽس جي نامزد ڪيل جج تي ٻڌل هوندي، جيڪڏهن ڪا عدالتي بينچ پنهنجي واري کان هٽي ڪيس ٻڌندي ته سبب ڏيڻا پوندا