صدر آصف علي زرداري پي ٽي آءِ تي پابندي ۽ سياسي صورتحال تي مشاورت لاءِ ايوان صدر ۾ اڄ اهم اجلاس سڏائي ورتو

جُولاءِ 19, 2024

صدر آصف علي زرداري پي ٽي آءِ تي پابندي ۽ سياسي صورتحال تي مشاورت لاءِ ايوان صدر ۾ اڄ اهم اجلاس سڏائي ورتو، صدر پاران پيپلزپارٽي جي سينيئر اڳواڻن کي ايوان صدر پهچڻ جي هدايت، اجلاس ۾ پي ٽي آءِ تي پابندي، پي ٽي آءِ باني، اڳوڻي صدر عارف علوي ۽ اڳوڻي ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري خلاف آرٽيڪل 6 تحت ڪارروائي جي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ويندي، اجلاس ۾ سپريم ڪورٽ جي مخصوص سيٽن بابت فيصلي تي مشاورت به ڪئي ويندي، وفاقي حڪومت پي ٽي آءِ تي پابندي ۽ پي ٽي آءِ باني خلاف آرٽيڪل 6 تحت ڪيس داخل ڪرائڻ جي فيصلي جو اعلان ڪري چڪي آهي

Leave A Comment