صدر آصف علي زرداري سنڌ ۾ امن امان بابت اڄ اهم اجلاس طلب ڪري ورتو
مَي 1, 2024
صدر آصف علي زرداري سنڌ ۾ امن امان بابت اڄ اهم اجلاس طلب ڪري ورتو، وفاقي گهرو وزير محسن نقوي، سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه، صوبائي گهرو وزير ضياءَ لنجار، آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ ۽ انٽيليجنس اختياريون اجلاس ۾ شرڪت ڪنديون، بلاول هائوس ڪراچي ۾ طلب ڪيل اجلاس ۾ سموري سنڌ جي امن امان جي صورتحال جو جائزو ورتو ويندو، سنڌ جي ڪچي جي صورتحال بابت آءِ جي سنڌ اجلاس کي بريفنگ ڏيندو، گذريل ڏينهن وفاقي گهرو وزير سکر ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو هو ته سنڌ سرڪار چاهيندي ته ڪچي ۾ فوج جي مدد سان ڌاڙيلن خلاف آپريشن شروع ڪري سگهجي ٿو