صدر آصف علي زرداري سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال بابت اهم اجلاس جي صدارت لاءِ اڄ سکر پهچندو

جُون 24, 2024

صدر آصف علي زرداري سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال بابت اهم اجلاس جي صدارت لاءِ اڄ سکر پهچندو، صدر جي دوري لاءِ سکر ۾ سيڪيورٽي جا سخت انتظام، صدر آصف زرداري جي صدارت هيٺ ٿيندڙ اجلاس ۾ وڏو وزير مراد علي شاهه ۽ سندس ڪابينا جا اهم وزير، آءِ جي سنڌ، ڊي جي رينجرز ۽ ٻيا عملدار شريڪ ٿيندا، وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جي به اجلاس ۾ شرڪت جا امڪان، اجلاس ۾ ڪچي جي ڌاڙيلن خلاف وڏي آپريشن سميت امن امان بابت اهم فيصلا ٿيڻ جا امڪان، اجلاس ۾ صدر آصف علي زرداري کي سکر حيدرآباد موٽر وي ۽ گهوٽڪي ڪنڌڪوٽ پل جي تعمير بابت بريفنگ به ڏني ويندي

Leave A Comment