صدر آصف علي زرداري جي صحيح بعد 26 هين آئيني ترميم جو گزٽ نوٽيفڪيشن جاري
آڪٽوبر 21, 2024
صدر آصف علي زرداري جي صحيح بعد 26 هين آئيني ترميم جو گزٽ نوٽيفڪيشن جاري، وزيراعظم شهباز شريف ٻنهي ايوانن مان ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت سان منظور ڪرايل ترميم واري بل تي صحيح ڪري منظوري لاءِ سمري صدر ڏانهن اماڻي
صدر آصف علي زرداري پاران صحيح ڪرڻ بعد 26 هين ترميم جو گزٽ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو، قومي اسيمبلي جي 225 ميمبرن 26 هين آئيني ترميم جي حق ۾ ووٽ ڏنو، 12 ميمبرن ترميم پيش ڪرڻ جي مخالفت ڪئي
حڪمران اتحاد جي 215 مان 213 ميمبرز ترميم جي حمايت ۾ ووٽ ڪاسٽ ڪيو، عادل بازئي کانسواءِ حڪمران اتحاد جي سمورن ميمبرز ووٽ ڪاسٽ ڪيو
اجلاس جي صدارت ڪرڻ سبب اسپيڪر اياز صادق پنهنجو ووٽ ڪاسٽ نه ڪيو، جي يو آءِ جي 8 ميمبرز ترميمن جي حمايت ۾ ووٽ ڏنو
پي ٽي آءِ جي حمايت يافته 4 آزاد اميدوارن مبارڪ زيب، اورنگزيب کچي، عثمان علي، ظهور قريشي ۽ قاف ليگ جي چوڌري الياس ترميمن جي حق ۾ ووٽ ڏنو
پي ٽي آءِ ووٽنگ جو بائيڪاٽ ڪندي واڪ آئوٽ ڪيو، قومي اسيمبلي کان اڳ سينيٽ مان به 26 هين آئيني ترميم ٻه ڀاڱي 3 جي اڪثريت سان منظور ڪئي وئي
ترميم جي حمايت ۾ 65 ۽ مخالفت ۾ 4 ووٽ وڌا ويا، بِل جي شق وار منظوري دوران پي ٽي آءِ، سني اتحاد ڪائونسل ۽ ايم ڊبليو ايم جا ميمبرز ايوان مان نڪري ويا
سينيٽ ۾ حڪومت جا نمبرز 58 مان وڌي 65 ٿي ويا، حڪومت کي ٻه ڀاڱي 3 اڪثريت سان بِل منظور ڪرائڻ لاءِ ايوان ۾ 64 ووٽ گهربل هئا، جي يو آءِ ف جي 5 ۽ بي اين پي مينگل جي ٻن سينيٽرز به ترميم جي حمايت ۾ ووٽ ڏنو