صدر آصف علي زرداري ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب کي اسلام آباد طلب ڪري ورتو
جُولاءِ 22, 2024
اسلام آباد(م ڊ) ملڪ جي صدر آصف زرداري ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب کي اسلام آباد طلب ڪري ورتو آهي. ذريعن موجب صدر آصف زرداري ڪالهه ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب کي ملاقات لاءِ طلب ڪيو. ميئر مرتضيٰ وهاب ڪالهه ئي صدر آصف زرداري سان ملاقات لاءِ اسلام آباد روانو ٿيو. ٻنهي ڄڻن ۾ ملاقات اڄ ٿيندي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ملاقات ۾ ڪراچي شهر جي مسئلن جي حل لاءِ تجويزون غور هيٺ اينديون.