صدر پاران سياسي پارٽين کي مفاهمت جي آڇ : اختلاف گڏ کڻي هلي نٿا سگهون، اسان سڀني کي هڪ وک پوئتي هٽڻو پوندو: آصف زرداري

اپريل 18, 2024

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) صدر آصف علي زرداري اپوزيشن کي مفاهمت جي تجويز ڏيندي چيو آهي ته ملڪ کي تازي سياسي بحران مان ڪڍڻ جي ضرورت آهي، وقت گهٽ آهي، اختلاف گڏ کڻي نٿا هلي سگهون، اسان سڀني کي هڪ وِک پوئتي هٽڻو پوندو، فيصلو ڪرڻو پوندو ته ملڪ ۽ قوم لاءِ سڀ کان وڌيڪ اهم ڇا آهي، سوچڻو پوندو ته پنهنجي مقصد، بيانيي ۽ ايجنڊا ۾ ڪهڙي شيءِ کي ترجيح ڏيون ٿا، گڏجي اڳتي وڌنداسين ته جمهوريت مصبوط ٿيندي، حقيقي ڪوشش ڪريون ته سياسي پارو گهٽائي سگهجي ٿو، اهڙو سياسي ماحول جوڙڻو آهي، جنهن ۾ سڀني جون ضرورتون پوريون ٿي سگهن، پارلياماني نظام تي اعتماد لاءِ ٻنهي ايوانن کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو

 اسپيڪر اياز صادق جي صدارت هيٺ پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس ٿيو، اجلاس کي خطاب ڪندي صدر آصف علي زرداري چيو ته ملڪ کي تازي سياسي بحران ۾ ڪڍڻ جي ضرورت آهي، اسان جي ملڪ ۾ دانشمندي ۽ پختگي جي ضرورت آهي، اميد آهي ته پارليامينٽ ميمبر اختيارن جو سوچي سمجهي استعمال ڪندا

 صدر چيو ته هر ماڻهو ۽ صوبن سان گڏ قانون موجب هڪ جهڙو ورتاءُ ٿيڻ گهرجي، منهنجي راءِ ۾ اڄ هڪ نئون باب شروع ڪرڻ جو وقت آهي، اڄوڪي ڏينهن کي هڪ نئين شروعات طور ڏسو

 هن چيو ته پنهنجن ماڻهن تي سيڙپڪاري ڪرڻ، عوامي ضرورتن تي ڌيان ڏيڻو پوندو، اسان کي پنهنجا وسيلا ڪتب آڻيندي گڏيل ترقي جا رستا کولڻا پوندا

 آصف زرداري چيو ته اسان وٽ وڃائڻ لاءِ وقت نه آهي، پولرائزيشن کان هٽي ڪري موجودا دور جي سياست ڏانهن وڌڻ ملڪي ضرورت آهي، ايوان کي پالياماني عمل تي عوامي اعتماد بحال ڪرڻ لاءِ قائداڻو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو

 صدر چيو ته ملڪ جن چئلينجز کي منهن ڏئي رهيو آهي انهن تي ظابطو آڻڻ ممڪن ناهي، ملڪي مسئلن جي حل لاءِ بامقصد ڳالهيون، پارلياماني اتفاق راءِ گهربل آهي، بنيادي مسئلن جي حل لاءِ سخت سڌارن تي وقت سر عمل درآمد يقيني بڻائڻو پوندو

هن چيو ته سياسي قيادت کي پٺتي پيل علائقن جي خاص ضرورتن کي ترجيح ڏڻي پوندي، حڪومت نوڪريون پيدا ڪرڻ، مهانگائي گهٽائڻ، ٽئڪس نيٽ وڌائڻ لاءِ معاشي سڌارا آڻي، آئيني فريم ورڪ تحت وفاق ۽ صوبن جي وچ ۾ هاڪاري سهڪار ۽ اثرائتي هم آهنگي اڻٽر آهي، گڏيل قومي ترقي، پاليسين تي عملدرآمد لاءِ صوبن ۽ وفاق جي وچ ۾ هم آهنگي ضروري آهي

آصف زرداري چيو ته معيشت جي بحالي لاءِ سڀني کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، پرڏيهي سيڙپڪاري آڻڻ اسان جو بنيادي مقصد هئڻ گهرجي، حڪومت ڪاروباري ماحول سازگار بڻائڻ لاءِ سڌارن واري عمل کي تيز ڪري، مقامي ۽ پرڏيهي سيڙپڪاري جي سهولت لاءِ ڏکيا قانون آسان بڻائڻا پوندا

صدر چيو ته دهشتگردي هڪ ڀيرو وري ڪر کڻي رهي آهي، دهشتگردي سبب اسان جي قومي سلامتي، علائقائي امن ۽ خوشحالي جو خطرو آهي، پاڪستان دهشتگردي کي هڪ گڏيل خطرو سمجهي ٿو، دهشتگردي سان مقابلي لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي، پاڙيسري ملڪن مان دهشتگرد گروهن جو سختي سان نوٽيس وٺڻ جي اميد رکون ٿا

هن وڌيڪ چيو ته هٿياربند فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي فخر آهي، اسان دشمن عنصرن کي اهم رٿائن کي خطري ۾ وجهڻ، ٻن ملڪن جي وچ ۾ مضبوط لاڳاپن کي ڪمزور ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين. صدر چيو ته چين هميشه پاڪستان جي دفاع ۽ ٻين معاملن ۾ مدد ڪئي آهي، سي پيڪ کي يرغمال بڻجڻ نه ڏنو ويندو، چيني شهرين جي جي حفاظت لاءِ قدم کڻنداسين، صدر زرداري چيو ته صحت جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي ضرورت آهي، عوام لاءِ صحت جي سهولتن کي بهتر بڻائڻو پوندو، اسان فوڊ سڪيورٽي طرف وڌي رهيا آهيون، اسان وٽ خوراڪ جي کوٽ آهي، موسمي اثرن سبب اسان جي آمدني گهٽجي رهي آهي، اسان هميشه عورتن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ ڪردار ادا ڪيو آهي، وفاق ۽ صوبن وچ ۾ موثر رابطن کي وڌائڻو پوندو.

Leave A Comment