صدر جي چونڊ لاءِ قومي ۽ صوبائي اسيمبلين ۾ ووٽنگ جو عمل جاري

مارچ 9, 2024

ملڪ جو نئون صدر آصف علي زرداري يا محمود خان اچڪزئي؟ نئين صدر جي چونڊ لاءِ پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۽ چئني صوبائي اسيمبليز ۾ پولنگ جاري، شيري رحمان آصف علي زرداري جي پولنگ ايجنٽ ۽ سينيٽر شفيق ترين محمود خان اچڪزئي جو پولنگ ايجنٽ مقرر، سنڌ، پنجاب، بلوچستان ۽ خيبر پختونخواهه اسيمبليز ۾ به ووٽنگ جاري، صبح 10 وڳي کان شروع ٿيل پولنگ جو عمل شام 4 وڳي تائين جاري رهندو، آصف علي زرداري، وزيراعظم شهباز شريف، بلاول ڀٽو زرداري، اسحاق ڊار ۽ ٻين پنهنجا ووٽ ڪاسٽ ڪري ورتا، بلاول ڀٽو زرداري پنهنجين ڀينرن بختاور ۽ آصفه سان گڏ پارليامينٽ هائوس پهتو، صدارتي اميدوار آصف علي زرداري مهمانن واري گيلري ۾ وڃي آصفه، بختاور ۽ پنهنجي ناٺي چوڌري محمود سان مليو ۽ کين پيار ڪيو

Leave A Comment