صدر جو قومي اسيمبلي اجلاس گهرائڻ کان انڪار، سمري واپس موڪلي ڇڏي: اسپيڪر پاران خميس تي اجلاس طلب
فيبروري 27, 2024
اسلام آباد(رپورٽ: ايم بي سومرو) صدر ڊاڪٽر عارف علوي قومي اسيمبلي جو اجلاس گهرائڻ واري سمري رد ڪندي واپس اماڻي ڇڏي. صدر پاران اجلاس طلب نه ڪرڻ تي اسپيڪر راجا پرويز اشرف قومي اسمبلي جو اجلاس 29 فيبروري تي طلب ڪري ورتو. ذريعن مطابق صدر ڊاڪٽر عارف علوي قومي اسيمبلي جو اجلاس طلب ڪرڻ بدران سمري واپس موڪلي، صدر موقف اختيار ڪيو ته پهريان عورتن ۽ اقليتي سيٽن کي مڪمل ڪيو وڃي. پوءِ قومي اسيمبلي جو اجلاس سڏايو ويندو. صدر سمري واپس وزيراعظم هائوس ۽ پارلياماني معاملن واري وزارت ڏانهن موڪلي ڇڏي. نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ قومي اسيمبلي جو اجلاس 26 فيبروري تي صبح 10 وڳي طلب ڪرڻ جي سمري صدر عارف علوي کي موڪلي هئي، آئين ۾ چيو ويو آهي ته چونڊن جي 21 ڏينهن اندر اجلاس گهرائڻ لازمي آهي ۽ آئين موجب قومي اسيمبلي جو اجلاس 29 فيبروري تي نه گهرائڻو پوندو. ٻئي طرف اسپيڪر راجا پرويز اشرف قومي اسيمبلي جو اجلاس 29 فيبروري تي طلب ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. ذريعن مطابق اسپيڪر قومي اسيمبلي راجا پرويز اشرف جي سربراهي ۾ هنگامي اجلاس ۾ قومي اسيمبلي اجلاس گهرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. اجلاس آئين جي آرٽيڪل 91 جي شق تحت گهرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ذريعن مطابق اسپيڪر قومي اسيمبلي قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ جي آفيسرن ۽ آئيني ماهرن سان مشاورت ڪئي. اجلاس ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاران سمري تي صحيح نه ڪرڻ سان پيدا ٿيل صورتحال جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ پارلياماني معاملن وارو وزات، قانون واري وزارت سان به مشاورت ڪئي وئي. ذريعن موجب اجلاس ۾ اسپيڪر کي بريفنگ ڏني وئي ته آئين مطابق 29 فيبروري تائين اجلاس گهرائڻ ۾ ڪوتاهي نٿي ڪري سگهجي. آئيني ماهرن مطابق صدر جي سمري تي صحيح نه ڪرڻ سان اجلاس گهرائڻ ۾ ڪو رڪاوٽ ناهي. صدر جو اختيار 21 هين ڏينهن کان اڳ اجلاس گهرائڻ جو اختيار آهي. ذريعن موجب نگران وفاقي حڪومت جو موقف آهي ته آرٽيڪل 291 جي شق 2 تحت 21 ڏينهن تائين اجلاس گهرائڻ لازمي آهي صدر اجلاس نه به گهرايو ته 29 فيبروري تي قومي اسيمبليءَ جو اجلاس هر صورت ۾ ٿيندو ۽ 29 فيبروري تي ٿيندڙ اجلاس آئين مطابق ٿيندو. هوڏانهن قومي اسيمبلي جي سيڪريٽريٽ موجب صدر يا اسپيڪر جي نوٽيفڪيشن جي ڪا به ضرورت ناهي