وزيراعظم ۽ چيف جسٽس وچ ۾ اهم ملاقات: حڪومت پاران عدليه ۾ ڳجهن ادارن جي مبينا مداخلت جي الزامن تي جاج ڪميشن جوڙڻ جو اعلان

مارچ 28, 2024

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم ۽ چيف جسٽس وچ ۾ ٿيل اهم ملاقات بعد حڪومت عدليه ۾ ڳجهن ادارن جي مبينا مداخلت جي الزامن تي جاج ڪميشن جوڙڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي

وزيراعظم شهباز شريف ۽ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ وچ ۾ ملاقات ڏيڍ ڪلاڪ تائين جاري رهي جنهن ۾ چيف جسٽس کان علاوا سينئر ترين جج جسٽس منصور علي شاهه به موجود هو

ملاقات ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 6 ججن پاران عدليه جي معاملن ۾ مبينا مداخلت جي حوالي سان چيف جسٽس کي لکيل خط جي حوالي سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي

وزيراعظم ۽ چيف جسٽس جي ملاقات بعد پريس ڪانفرنس ڪندي قانون واري وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ ٻڌايو ته وزير اعظم چيف جسٽس کي چيو ته عدليه جي آزادي تي ڪو سمجهوتو نه ڪيو ويندو، معاملي جي جاچ ڪرائڻ حڪومت جو فرض آهي

 هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اهو معاملو عدليه تي ڇڏيون ٿا ته خط مس ڪنڊڪٽ آهي يا نه، اهو فيصلو عدالت پاڻ ڪندي پر حڪومت چاهي ٿي ته صاف ۽ شفاف جاچ ڪرائي وڃي

هن چيو ته حڪومت عدليه ۾ ڳجهن ادارن جي مبينا مداخلت جي الزامن تي انڪوائري ڪميشن جوڙڻ جو اعلان ڪيو آهي، سٺي ساک رکندڙ رٽائرڊ جج جي سربراهيءَ ۾ جاچ ڪرائي ويندي

ٻئي طرف عدالتي معاملن ۾ ادارن جي مبينا مداخلت بابت الزامن جي جائزي لاءِ چيف جسٽس جي سربراهي ۾ فُل ڪورٽ اجلاس ختم ڪيو ويو

 اجلاس ۾ سپريم ڪورٽ جي سمورن ججز شرڪت ڪئي، چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات بعد فُل ڪورٽ جو اجلاس طلب ڪيو هو، گذريل رات فُل ڪورٽ جي اجلاس ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 6 ججز جي خط جو جائزو ورتو ويو ه

Leave A Comment